ادا اگر ڪنهن دوست کي جي خبر هجي ته منهنجي مدد ڪري مسئلو در اصل اهو آهي ته مان جهڙي مهل به ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿو ڪيان ته ڪمپيوٽر اسٽارٽ اپ ۾ 20 کان 25 منٽ وٺي ٿو، جڏهن ته مان ڪافي مرتبا ونڊو به نئين سنئين ڪئي آ پر ڪجهه ڏينهن صحيح هلڻ کان پو۽ ساڳيو مسئلو جڏهن ته مان ان مان اچي بيزآر ٿيو آن جي لائيٽ جو جهٽڪو آيو ته وري اسٽارٽ لا۽ انتظار ڪرڻو ٿو پوي سو وآرو ڪيو نه ته مان ڪمپيوٽر کپائي ڇڏيندوسان
ههههههههههههه ۔۔۔ ڪني آڱر وڍي ڀلي ۔۔۔ پر ٻيو وٺجو ضرور ۔۔۔۔ سنڌ سلامت تي ڪمپيوٽر واري سيڪشن ۾ دوستن کوڙ ساترا ليک موڪليا آهن، جيڪي ڪمپيوٽر جو اسٽارٽ اپ بهتر ڪنٿا ۔۔۔ ڳولهيو، ڳولهڻ سان سڀ ڪجهه ملي ويندو آهي۔
هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڏسو http://www.sindhsalamat.com/threads/مائي-ڪمپيوٽر-جي-اوپن-ٿيڻ-جي-اسپيڊ-وڌايو.13113/
ادا سبهئي بارتيشن ختم كري نئين سر وندوز كريو بوء سبه كان بهرين كو اينتي وائرس كري بوء بيو كم كجو. اميد آهي ته ان شاء الله اوهان جو مسئلو حل تهي ويندو، نه ته به حاضر آهيون، بدهارجو ضرور.
ادا پنهنجي سسٽم جي ڪنفگريشن به ٻڌايو ته جيئن ان متعلق وڌيڪ مشوري ڏيڻ ۾ آساني ٿئي ريم وغيره گهٽ هجي ته ان کي وڌائي لڳايو ته به اسپيڊ ۾ ڪافي فرق اچي ويندو۔