چوچڪ بيگم اٽڪل سوا ٽي سئو ورهيه ٿيا، جو سنڌي تي تَرخان گهراڻي جو بادشاهه شاهه حسن ارغون حڪومت ڪندو هو، کيس هڪ ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو چوچڪ بيگم هو. هوءَ پنهنجي سونهن ۽ سيرت سبب ديسان ديس مشهور هئي. تن ڏينهن ۾ هندستان تي مغل گهراڻي جو بادشاهه همايون حڪومت ڪندو هو، جنهن جو ڀاءُ ڪامران ڪابل جو حاڪم هو. ڪامران جڏهن چوچڪ بيگم جي سونهن ۽ سيرت جي واکاڻ ۽ هاڪ ٻڌي، ته پرپٺ مٿس عاشق ٿي پيو ۽ سندس پيءُ کان سڱ گهريائين. شاهه حسن ارغون ڪامران جي ڳالهه قبول ڪئي. ڪامران کي جڏهن اها خوشخبري ملي، ته هو شاديءَ لاءِ يڪدم اچي سنڌ ۾ پهتو. شاهه حسن سندس ڏاڍي مرحبا ڪئي ۽ وڏيءَ ڌام ڌوم سان پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڪامران سان ڪرايائين. ٿوري گهڻي ڏينهين ڪامران موٽي ڪابل وڃڻ جي ڪئي، ته شاهه حسن کيس هڪ هزار سپاهي ساڻ ڏنا ۽ ڪئين قيمتي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي روانو ڪيائين. ڪامران ڪنوار کي ساڻ وٺي ويو. اڃا ڪابل مس پهتو، ته همايون زبردست فوج وٺي مٿس حملو ڪيو. دراصل ٻنهي ڀائرن ۾ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ جنگ ۽ جهيڙو هلندو ٿي آيو. هن لڙائيءَ ۾ همايون جي فتح ٿي، سو نه رڳو ڪامران جو تخت ۽ تاج هٿ ڪيائين، پر سندس ٻئي اکيون به ڪڍائي ڇڏيائين. ڪامران ويچاري لاءِ ته هاڻ هِن جهان ۾ چوچڪ بيگم کان سواءِ ڪجهه ڪونه بچيو. سو ارادو ڪيائين، ته زال کي ساڻ ڪري حج تي هليو وڃان. اها ڳالهه ڳڻي هو سنڌ ۾ آيو. اڳئين ڀيري جڏهن هو سنڌ ۾ آيو هو، ته سندس وڏو شان ۽ شوڪت هو. سونُ روپو ساڻ هو، فوج هئي، يار دوست ۽ نوڪرن چاڪرن جا اٽالا هئا، پر هاڻي سواءِ چوچڪ بيگم جي ٻيو ڪو ڪونه بچيو هو. شاهه حسن کي پنهنجي ناٺيءَ جي تباهيءَ جو احوال هونئن ته اڳيئي معلوم ٿي چڪو هو، پر جڏهن کيس هيئن بي يارو مددگار ڏٺائين، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس. سو اڳئين کان به وڌيڪ آجيان ڪيائينس، جيئن سندس دلجوئي ٿئي. سندس رهڻ جو بندوبست لسٻيلي ۾ ڪيائين. خرچ پکي لاءِ ميرپوربٺوري وارو سمورو علائقو حوالي ڪيائينس. ڪامران کي جڏهن ڏڍ مليو، ته ڏاڍو خوش ٿيو. چار ڏهاڙا سک سان ويهي گذاريائين. پر اها ڳالهه ڪين وساريائين، ته هو ساهري گهر مهمان آهي. سو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجي سهري کي حج تي وڃڻ جي خيال کان واقف ڪيائين ۽ موڪل گهريائين. شاهه حسن گهڻو ئي چيس، ته هيءُ ملڪ پنهنجو گهر سمجهه ۽ هتي ئي رهي پئو، پر ڪامران ڳالهه نه مڃي. چوچڪ بيگم جڏهن مڙس جو اهو ارادو ڏٺو، ته هن به ماءُ پيءُ کان موڪل گُهري. پر ماڻهنس پڻهنس موڪل ڏيڻ ۾ دل هڻڻ لڳا، جو ڄاتائون ٿي ته سندس سڪيلڌي ڌيءُ کي انڌي محتاب مڙس سان وڏا ڏاکڙا ڏسڻا پوندا. جڏهن موڪلائڻ جو ڏينهن آيو، ٻيڙي تيار ٿي اچي بيٺي ۽ چوچڪ بيگم ڏٺو، ته سندس ماءُ پيءُ کيس موڪل ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، ته هوءَ ماٺ ميٺ ۾ پاسو وٺي وڃي ٻيڙيءَ ۾ مڙس سان گڏ ويهي رهي. پڻهنس کي جڏهن اهو پتو پيو، تڏهن ڏيءُ کي سمجهائي پاڻ سان واپس گهر وٺي اچڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي آيو. چوچڪ بيگم کيس ڏسي چيو، ته بابا! ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي! جڏهن منهنجو مڙس بادشاهه هو، ته اوهان خوشيءَ سان مون کي ساڻس پرڻايو، پر هاڻي جڏهن هن جي قسمت ڦيرو کاڌو آهي ۽ هو محتاج ۽ لاچار شخص ٿي پيو آهي، ته اوهان مون کي ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ موڪل نٿا ڏيو ۽ چاهيو ٿا، ته مان مڙس کي ڇڏي گهر ۾ ويهي رهان. زال ۽ مڙس جي ته قسمت ئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندي آهي. اڄ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏينديس، ته پوءِ دنيا زال ذات لاءِ ڇا چوندي؟ شاهه حسن ڌيءَ جو اهو جواب ٻڌي پنهنجي ڳالهه تان هٿ کنيو. پوءِ هو زال مڙس کانئس خوشيءَ سان موڪل وٺي سفر تي روانا ٿيا ۽ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ڏک سک ۾ گڏجي مڪي شريف ۾ پورا ڪيائون.
ادا عرس بهترين واقعو سهني انداز سان بيش كيل، بر يار كو تاريخي كتاب جو حوالو به دين ها ته واه واه تهي ونجي.