شيخ سعدي فارسي زبان جو هڪ تمام وڏو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هو ايران جي مشهور شهر شيراز ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد شيخ عبدالله ايران جي شهنشاهه سعد زنگيءَ وٽ ملازم هو. جنهن ڪري شيخ جي پرورش وڏي شانَ مانَ سان ٿي. هن جي عمر اڃا يارنهن سال مس ٿي، ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ دنيا ۾ هيءُ اڪيلو رهجي ويو. شيخ سعدي ننڍپڻ کان ئي گهڻو محنتي ۽ همٿ وارو انسان هو. هن کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو گهڻو شوق هو. هن غريبيءَ ۽ مفلسيءَ جو بلڪل خيال نه ڪيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بغداد هليو ويو. بغداد اُن زماني ۾ علم جو هڪ وڏو مرڪز هو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد بغداد ۾ پڙهڻ ويندا هئا. شيخ سعدي اُتي رهي وڏن عالمن کان تعليم حاصل ڪئي ۽ تمام جلد سڀني علمن جي شعبن ۽ فني مڪتبن ۾ ماهر ٿي ويو. شيخ سعدي توڙي جو تمام وڏو عالم هو، پر اڄ هن جي مشهوري هڪ عالم جي حيثيت ۾ ايتري ڪانهي، جيتري شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ آهي. خدا پاڪ هن کي ادب ۽ شعر لاءِ پيدا ڪيو هو ۽ هن انهيءَ فن ۾ اهڙو ته ڪمال حاصل ڪيو، جو سندس نالو هميشھ زنده رهندو. هن گهڻا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ ٻين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ مشهور آهن. انهن ڪتابن جو دنيا جي وڏين وڏين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. گلستان نثر ۾ آهي ۽ بوستان نظم ۾. ”گلستان“ فارسي ادب جو هڪ بي مثال ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ سعديءَ مٺيءَ زبان ۾، نصيحتن واريون ڳالهيون لکيون آهن. مثلاً گلستان جي هڪ ڳالهه ۾ شيخ سعدي ٻڌائي ٿو، ته ڪنهن ماڻهوءَ لقمان حڪيم کان پڇيو، ته اوهان ادب ڪنهن کان سکيو؟ هن چيو، ”بي ادبن کان.“ تڏهن وري ٻيو سوال پڇيائين ته، ”ڪيئن؟“ حڪيم چيو ته ”هنن جيڪا به خراب حرڪت ڪئي، مون ان کان پرهيز ڪئي.“ گلستان جي ٻي هڪڙي ڳالهه آهي، ته هڪڙي عقلمند شخص پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي ته پٽ هنر سک، دولت تي اعتبار ناهي، دولت يا ته چور کڻي وڃن ٿا يا پاڻ ماڻهو ان کي آهستي آهستي خرچ ڪري ڇڏيندو آهي، پر علم ۽ هنر اهڙي دولت آهي، جا ڪڏهن به نٿي گهٽجي. هي اهو چشمو آهي، جو سدائين جاري رهندو آهي. هنرمند جو مال ويو ته ڪجهه پرواهه ناهي، هو جتي به ويندو، اُتي ان جو قدر ٿيندو، ليڪن بي هنر جو مال ويندو، ته هو ڪنگال ٿي پوندو ۽ ان سان گڏ سندس قدر به ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ دنيا ۾ هو هميشھ تڪليفون ڏسندو. گلستان ۾ جي نصيحتون آهن، سي هي آهن: پنهنجو ڳجهه دوست کي به نه ٻڌايو، ڇو ته ان دوست جا به گهڻا دوست هوندا ۽ انهن جا به دوست هوندا. انهيءَ طرح تنهنجو ڳجهه کلي ويندو، جو شخص خراب صحبت ۾ ويهندو، اهو پاڻ خراب عادت کڻي نه به اختيار ڪري، ته به بدنام ضرور ٿيندو. مثال لاءِ ڪو شخص ڪنهن خراب شخص کي ڳولڻ وڃي ته ماڻهو اهو سمجهندا، ته هو خراب ٿي ويو آهي. پنهنجي ڪابه ڪمزوري ڪنهن کي نه ٻڌايو، ممڪن آهي ته اُهوئي ڪنهن وقت اوهان جو دشمن بنجي وڃي. ان طرح پنهنجي ڪنهن دشمن کي اجايو تڪليف نه پهچايو، ڇو ته ممڪن آهي ته ڪنهن وقت، هو توهان جو دوست بنجي وڃي. هن جو هڪ مشهور ڪتاب ”پندنامه“ به آهي. هو بنيادي طرح تصوف جي مڪتب سان لاڳاپو رکندڙ وطن دوست شاعر هو. شيخ سعدي کي سير سفر جو گهڻو شوق هو. هن ٽيهه سال سفر ڪيو ۽ ان عرصي ۾ حبش، شام، فلسطين، عرب، ايران، توران ۽ هندستان وغيره ملڪن ۾ سير ڪيائين. ابن بطوطا کان پوءِ ايشيا ۾ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سياح ڪونه ٿي گذريو آهي.، ڪي ماڻهو چوندا آهن، ته هن يورپ جو به سفر ڪيو هو. شيخ سعديءَ جي وقت ۾ ريل گاڏي، موٽر ۽ جهاز نه هئا، اِن ڪري اُن وقت ۾ ايترن ملڪن جو پيادل سفر ڪرڻ انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي!
تمام سهڻو انسان، ڏاهپ جو ڀنڊار ۔۔۔ عقل ۽ فهم جا اڪابر ۔۔۔ سندس هر هڪ ٻول زندگي جا ڪيترائي راز کولي ٿو ڪيترائي تجربا بيان ڪري ٿو ۔۔۔ جهڙو سهڻو پريو تهڙو سهڻو ليک
شيخ سعدي پنهنجي دور جو تمام وڏو ڏاهو ۽ اديب شاعر ٿي گذريو آهي۔ هڪ هنڌ چئي ٿو : ” حد کان وڌيڪ ڪاوڙ عقل کي کائي وڃي ٿي ، حد کان وڌيڪ نرمي بزدلي جي نشاني آهي“
تمام بهترين معلومات آهي دوستن جي معلومات خاطر عرض ته سائين محمد عرس لازمي ڪٿان معلومات ورتي آهي پر ان ۾ پند نامه کي شيخ سعدي ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي اهو درست نه آهي هڪ پنج ڪتاب فارسي پنجن ڪتابن جو مجموعو آهي جنهن ۾ پند نامه به شامل هوندو آهي ان ۾ ڪريما به شامل آهي اهو ڪريما نالي ڪتاب شيخ سعدي ڏانهن منسوب آهي جيئن ته اهو ڪتاب منڍ ۾ آهي شايد ان جي ڪري اها خطا ٿي آهي۔
ڪنهن ماڻهوءَ لقمان حڪيم کان پڇيو، ته اوهان ادب ڪنهن کان سکيو؟ هن چيو، ”بي ادبن کان.“ تڏهن وري ٻيو سوال پڇيائين ته، ”ڪيئن؟“ حڪيم چيو ته ”هنن جيڪا به خراب حرڪت ڪئي، مون ان کان پرهيز ڪئي.“ سبق آموز سٽون۔۔ اها هڪ وڏي ڏاهپ آهي جا هر ڪو نٿو ڄاڻي، اسان ته بي ادبن تي تهمتون، لعنتون موڪلي پنهنجي پاڻ کي انهن بي ادبن کان به وڌيڪ بي ادب هئڻ جومظاهرو ڪري پاڻ کي ادب جي اعلي ا عهدي تي ويهاريندا آهيون، جڏهن ته اهي ڏاهپ ڀريا قول ۽ ڳالهيون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جي باوجود به اها اعلي ا ظرفي پيدا ڪرڻ لا پاڻ تيار نه هوندا آهيون۔ ڇو ته اسين اهو ئي سمجهندا آهيون ته ڪي اسين وڏا عقل جا اڪابر آهيون، پر جڏهن ته اسان جي اها ئي گهٽ عقلي هوندي آهي جو پاڻ کي دانا سمجهي فخر محسوس ڪندا آهيون۔ ۽ معاشري ۾ پاڻ کي معتبر سمجهي ڪنهن ايري غيري کي گاهه به نه وجهندا آهيون۔