غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
ضمير جو آواز!
اسان ستا پيا هئاسين، ٻانگي اذان فجر ڏني،ضمير چيو اٿو نماز پڙهو۔سستي چيو ننڍ پوري ڪيو۔ سستي ۽ ضمير ۾ مقابل ٿيو ۽ آخرڪارسستي کٽي ويئي نتيجن اسان وري سمهي پياسين۔ ٿوري دير کانپوء وري اک کلي ويئي ،ضمير واري آواز ڏنو ۔اٿو نماز پڙهو،سستي وري رستي جي ديوار ٺهي ويئي۔ ضمير ۽ سستي ۾ هڪ سخت جهيڙو شروع ٿئي ويو۔ آخر ڪارهن دفعي سستي هارائي ويئي جڏهن ته ضمير کٽي ويو۔ اسان بستر مان اٿي وضو ڪري جڏهن واچ ۾ ٽائيم ڏٺوته فجر جي نماز جو وقت گذري چڪو هو۔
ان کانپوء بغير نماز پڙِهي پنهنجي گهر جي باغ ۾ چهل قدمي ڪرڻ لڳس، اچانڪ اسانجي نظر ماڪ (شبنم) ۾ وهتل هڪ خوبصورت گلاب جي گل تي پئي۔ اسان جڏهن ان گلاب جي گل کي سنگهيو ته ان مان ڏاڍي پر لطف خوشبوء اچي رهي هئي۔ اسان کي ايئن لڳو ته گلاب جو گل اسان کي چئي رهيو آهي ته ” ڏسو! منهنجي سڄي رات پنهنجي پروردگار(الله پاڪ) جي عبادت ۾ گذري ۽ ان عظيم هستي پنهنجي خوشبوء سان منهنجو دامن ڀري ڇڏيوآهي“ اها ڳاله ٻڌي جڏهن اسان پنهنجي پاڻ کي سنگهيو ته پاڻ کي خوشبوء کان محروم محسوس ڪيوسين۔