نثارابڙو
نائب منتظم
ڀلائيءَ جو فلسفو ۽ شاه جو پيغام
رات دير تائين شاه سڳوري جي سر مارئي جي داستان ستين جو آخري بيت، منهنجي ذهن ۾ گهمندو رهيو، ننڊ ته وٺي وئي پر تنهن هوندي به وقفي وقفي سان اک کلي ٿي وئي ته به اهو ئي بيت ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڊائونلوڊ ٿيندو رهيو هو ... اهو بيت ڊائلوڊ ٿيندو رهيو ۽ ان جي معني ۽ مطلب پڻ منهنجي سمجهه ۽ پهچ آهر منهنجي ذهن ۾ جمع ٿيندو رهيو ...
بيت؛
پــاڇــاهي نه پاڙيــان، سرتيون! سئيءَ ســـاڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهـــر ڄــاپي ڄاڻُ، ابـــــر جي اوصــاف کي.
لفظي معنا؛
اي سرتيون! مان بادشاهيءَ کي به سئيءَ جي مٽ نه ٿي سمجهان، هوءَ ننگن کي ڪپڙا ٿي پهرائي، پر پاڻ ڪجهه نه ٿي پهري، تون ٻيو دفعو ڄمي، سئيءَ جي گڻن کي پروڙ ....
ڪلياڻ آڏواڻي
روحاني معنا؛
سئي هڪ معمولي شئي آهي پر سندس اهميت ايتري ته اتم آهي جو ڀٽائيءَ سڳوري سندس اوصاف جي سمجهڻ لئه ڪيترائي ڀيرا ڄمڻ لئه چيو آهي ... سندس گڻ اهو آهي جو هوءَ ٻين جي تن تي ڪپڙن ڍڪڻ جو ڪم ڪري ٿي پر پاڻ اگهاڙي رهجي وڃي ٿي ....
تصور ڪيو انهن ماڻهن جو، جي پنهنجي پيٽ تي ته پٿر رکنٿا پر غريبن ۽ مسڪينن کي کاڌي کارائڻ کان ڪڏهن ڪونه ڪيٻائن ...
تصور ڪيو انهن ماڻهن جو، جي پنهنجي تن جا ڪپڙا به ضرورتمندن کي ڏئي ڇڏين ٿا ۽ پاڻ سادي موچاري تي گذران ڪنٿا ...
تصور ڪيو انهن زخمي مجاهدن جو، جي پنهنجي منهن تي پاڻيءَ جي مشڪيز اڃان آڻن ئي ٿا ته ڀر ۾ پيل زخمي پاڻي پاڻي پڪاري ٿو ته هو پنهنجي منهن تان پاڻي لاهي انجي وات ۾ وجهن ٿا ...
تصور ڪيو انهن انسانن جو، جي پنهنجي قوم جي آزادي ۽ خوشحاليءَ لئه پنهنجو پاڻ ته نثار ڪنٿا پر قومي مفادن جو سودو ڪڏهن به نٿا ڪن ...
دوستو اهڙين قربانين جي اهميت ايتري ته شاندار هوندي آهي جو الله رب العزت به خوشيءَ وچان پنهنجن بندن تي فخر ڪري چوندو آهي ته اهي آهن منهنجا خاص ٻانها، اهي ئي ڇوٽڪاري وارا آهن، اهي ئي جنت جا وارث آهن، اهي ئي انسانيت جا مهندار آهن، انهن انسانن لئه ئي مون جهان قائم ڪيو آهي ...