• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

19 ملڪن جي سفيرن پاران موهن جو دڙو جو دورو، زبون حالت تي افسوس

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
19 ملڪن جي سفيرن پاران موهن جو دڙو جو دورو، زبون حالت تي افسوس

لاڙڪاڻو/موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) دنيا جي 19 مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن جو سنڌو ماٿري جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جو دورو، دڙي جي حالت زبون ڏسڻ تي افسوس ڪيو، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب ڪالهه دنيا جي 19 ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن تي ٻڌل هڪ وفد ارجنٽينا جي سفير روڊولفو جي اڳواڻي ۾ سنڌو ماٿري جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جي آثارن جو دورو ڪيو. وفد ۾ ملائيشيا، ڪئنيڊا، ناروي، مالديوز، جاپان، بنگلاديش، انڊونيشيا، سوئيٽزرلينڊ، ماريشس، فرانس، نيپال، پولينڊ، ڪينيا ۽ ٻين مختلف ملڪن جا سفير شامل هئا، وفد سنڌو ماٿري جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جي آثارن جي اسٽوپا کان وٺي مختلف ايرياز تفصلي گهمي ڏٺا. ان موقعي تي وفد کي ڄاڻ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو اسد ابڙو ٻڌايو ته موهن جو دڙو 1911ع ۾ دريافت ٿيو ۽ 1922ع ۾ ان جي کوٽائي ڪئي وئي. موهن جو دڙو مان جيڪي نوادرات مليا آهن اهڙا نشان ۽ نوادرات، هڙپا، ميسٽويا جي تهذيبن مان به مليا آهن. وفد موهن جو دڙو جي عجائب گهر جو پڻ معائنو ڪيو. ان موقعي تي سفارتڪارن چيو ته پاڪستان جو سنڌ صوبو شاندار تهذيبي ۽ ثقافتي خزاني جو مالڪ آهي پر ان جي حالت سارسنڀال نه ٿيڻ سبب رحم جهڙي لڳي ٿي جنهن تي افسوس ڪري سگهجي ٿو.
230457_549924498375026_322073263_n.jpg
جڏهن ته هن وفد ۾ شامل منهنجو وڏو ڀاءَ نصر الله عباسي ، اسسٽنٽ ڪمشنر، پڻ موجود آهي، جيڪو مختلف عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي، اڳوڻو پروڊيوسير پي ٽي وي، اڳوڻو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاسپورٽ ۽ اميگريشن آف پاڪستان ۽ بين الاقوامي سياست ۾ ماسٽر ڪندڙ شاگردن لاءِ هڪ بهترين ڪتاب جو ليکڪ پڻ آهي، جيڪو ڪتاب اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهي۔​
 
بس يار ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻن ۽ تاريخي جاين جي تباهي ٿي رهي آهي۔ ڪوبه پڇڻ وارو ناهي۔ اهي ته آهن اهي تاريخي ماڳ پر سائين هت ته جيئرا جاڳندا انسان ئي دربدر آهن ۽ ٺوڪرن واري زندگي پيا گذارين۔

پر سڄي صورتحال جو ذميوار صرف حڪومت کي چوڻ زيادتي آهي، بيوروڪريٽ، سول سوسائٽي ۽ اسان جا ماڻهو به برابر جا ذميوار آهن۔
 
بس يار ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻن ۽ تاريخي جاين جي تباهي ٿي رهي آهي۔ ڪوبه پڇڻ وارو ناهي۔ اهي ته آهن اهي تاريخي ماڳ پر سائين هت ته جيئرا جاڳندا انسان ئي دربدر آهن ۽ ٺوڪرن واري زندگي پيا گذارين۔

پر سڄي صورتحال جو ذميوار صرف حڪومت کي چوڻ زيادتي آهي، بيوروڪريٽ، سول سوسائٽي ۽ اسان جا ماڻهو به برابر جا ذميوار آهن۔
درست ٿا فرمايو سائين۔۔ جڏهن ته هاڻ موئن جو دڙو سنڌ سرڪار جي نگراني هيٺ اچي چڪو آهي، سڌو سنئون بجيٽ سنڌ حڪومت پاڻ ڏيندي هوندي، پر پو به گهوٻيون هڻي هن قومي ورثي کي مليا ميٽ ڪرڻ جا پڪا پهه ڪيا ويا آهن۔۔۔
 
Back
Top