رسول بخش جوڻيجو
سينيئر رڪن
مان ڄاڻان ٿو، تون ڌارين آن،
مونکي سنڌ جيان، تون پياري آن.
تنهنجي ذات جدا، هربات جدا،
جذبات جدا، فڪرات جدا.
تنهنجي وک وک تي مان سجدو ڪيان،
اڄ مونکان پڇين ٿي پردو ڪيان.
تنهنجي معصوميت جي ساک کڻان،
تنهنجي ڳلڙن تان مان باک کڻان.
منهنجي من ۾ ڏاڍي اوندهه آ،
۽ دل جو صحن اونداهو آ.
مونکي پڪ نه هئي ، امڪان هيو،
تنهنجو جلدي ٿي امتحان ويو.
تو هاڻي جو ڪاليج ڇڏيو،مان سمجهان ٿو نڪرڻ به ڇڏيو.
صبح جو ساڳي رستي تان گذرڻ به ڇڏيو ، مرڪڻ به ڇڏيو.
ڏس توسان هاڻ ڪيئن ملان،
ڪٿ بيهان توکي ڪيئن ڏسان،خط تحفا گفٽون ڪيئن ڏيان.
ائين دل کي وهم وڪوڙي ويا،
ڄڻ ڳوٺ کي فوجي گهيري ويا.
هت نظرن جوآ ڪرفيو لڳل ،
هر راهه رڪيل، گهٽ گهيڙ جهليل،
تنهنجو گهر به ڏٺل، رستو به ڏٺل.
پر ظالم پاپي رسمن جا، هر پاسي آهن نانگ لڪيل.
ان لئه نٿو توڏانهن اچان، مان ايندي ايندي واپس ٿيان،
۽ دل ۾ ٿو ويچار ڪيان،مان توکان هڪڙي ڳالهه پڇان.
ڇو هاڻي نٿي ڪاليج وڃين،
ڇو سرتين کان ٿي دور رهين
تن ساڻ ته مل ، تن ساڻ ته کل،هل ٿورو هل هل ٿورو هل،
منهنجي روح جي راهه تان ٿورو هل.
پنهنجي پرس کي ٿورو کولي ڏس،
۽ منهنجي دل کي ڳولي ڏس.
جا هاڻي تو وٽ امانت آ،.
منهنجي پيار جي توکي پارت آ.
مونکي اڳ ۾ ايڏي ڄاڻ نه هئي،
تون مونکان ويندي ائين کڻي.
جيئن حق سمورا ڌرتي جا،
.ٿا سنڌ سڄي کان ڌار گهرن،جيئن دهشتگرد ڪراچي جا.
تون مونکان پنهنجا خط ته وٺ،جنهن تي تنهنجو نانء نه آ
.ڄڻ مون وٽ منهنجو هانء نه آ.
هن پيار جي دشمن دنيا ۾،سڀ قاتل ٿيا انصاف نه ٿيو،
هڪ پيار جو ڏوهه معاف نه ٿيو.
۽ توکي مونکان ڌار ڪيو،
ڄڻ ٽاري مان ڪنهن گل ڇنيو.
پر توسان جيڪو رشتوآ،
سو دائم قائم رهڻو آ.
تون مونکان دور نه ٿيڻي آن.
تون منهنجي آن ، تون مهنجي آن.
.
شاعر نامعلوم
چونڊ؛ رسول بخش جوڻيجو