غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
وڻ لڳائڻ عين عِبادت آهي ( معلومات سان ڀريل هڪ ڪهاڻي)
سر رشيد ڪلاس ۾ داخل ٿيو،سڀ ٻار هن جي احترام ۾ اٿي بيهي رهيا ۽ هن کي عزت سان سلام ڪيو۔سر رشيد انهن جي سوال جو جواب ڏيندي هنن کي ويهڻ جو اشارو ڏنو، سليمان پڇهو،سر اڄ اسان کي اوهان ڪهڙي موضوع تي پڙهيندا؟ سر رشيد مسڪرائيند چيئو، وڻ پوکڻ عين عبادت آهي،اهو اڄ اسان جو موضوع هوندو۔
سر رشيد جو شمار انهن استادن ۾ ٿيندو هو جيڪي پڙهڻ ۾ صرف ڪتابن واري پڙهائي تي منحصر نه ڪندا هئا پر طالب علمن ۾ علم جو شوق ۽ لگن پيدا ڪرڻ لاء وقت به وقت انهن ۾ قيمتي معلومات مختلف موضوعن تي ونڍ ڪندا هئا۔ انهي ڪري هو اسڪول ۾ هر شاگرد جوآئيڊيل ٽيچر هئا ۽ هر ٻار سر رشِد سان ڏاڍي محبت ڪندو هو۔
سر رشيد مٿين موضوع جي حوالي سان فرمايو” اسانجي پياري نبي صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي ،“ يعنئ جيڪڏهن ڪير وڻ پوکيندو ته ان کي ان عمل جو ثواب ايستائين ملندو رهندو جيستائين اهو وڻ ٻين ماڻهن کي فائدو پهچائيندو۔ يعنئ يا ته ماڻهون ان جو ڦل ( فروٽ) کائين يا ان جي ٿڌي ڇانوء ۾ گرمي جا ڏينهن گذارين۔
بظاهر ته هي نيڪي تمام ننڍي آهي پر ان جو ثواب تمام وڏو آهي۔ حقيقت ۾ وڻ اسان جي زندگي جي لاء تمام گهڻا ضروري آهن ۔ اهئي اسانجي آب ؤ هواء جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا آهن۔آڪسيجن فراهم ڪندا آهن۔ ان جي پنن ۽ ٿڙ يعنئ جڙي ٻوٽيون مان انساني صحت جي لاء دوائون ٺاهيون وينديون آهن مطلب ته ان جا ايترا فائدا آهن جن جو شمار ڪرڻ ڏکيو آهي۔
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ وڻن جي ڪٽائي ڪئي ٿئي وڃي۔ جيڪڏهن اها صورت حال رهي ته اسان جي ملڪ ۾ جنگلات جي شديد قلت پيدا ٿئي ويندي۔ انهي ڪري چوندا آَهن ته ” وڻ لڳايو ، زندگي بچايو، وڻ لڳائڻ عين عبادت آهي“
سليمان سر رشيد جون مٿيون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو۔موڪل ۾ گهر ويو ۽ ماني کائڻ کانپوء سمهي پيو پر هن کي ننڍ نه آئي ۽ هر هر دماغ ۾ سر رشيد جون مٿيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون هيون ۔ ۽ هو سوچي رهيو هو ته وڻ ڪٿي پوکجن؟هن کي ياد آيو ته اڄ کان ڪجه وقت اڳ ۾ هن جي گهر واري گهٽي ۾ ڪجه وڻ هئا جيڪي توجه نه ڏيڻ جي ڪري سکي ( سڪجي) ويا هئا، هاڻي بس ٿڻ ئي هئا۔
شام جو سليمان پنهنجي والده کان ڪجه پيسئا ورتا ۽ پنهنجي دوست عرس سان گڏ وڃي نرسري مان ڪجه ٻوٽا وٺي آيو۔انهن ٻوٽن مان ڪجه هن گهر ۾ ڪونڍي ۾ لڳايا جڏهن ته ٻيا ٻوٽا گهٽي ۾ سڪل وڻن جي جاء تي پوکيا ۽ پوء هنن جي مناسب ديکه بهال ڪرڻ لڳوان سلسلي ۾ عرس به هن جي مدد ڪندو رهيو۔جڏهن ٻار انهن ٻوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته سليمان انهن کي پيار سان منع ڪندي ٻوٽن ( وڻن) جي اهميت جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا۔آهستي آهستي ٻين ٻارن کي به وڻن جي اهميت جو احساس ٿئي ويو۽ هو سليمان جي غير موجودگي ۾ ٻوٽن جو خيال رکڻ لڳا۔ ٻوٽا وڏا ٿيندا ويا ۽ آخر هڪ ڏينهن وڻن جي شڪل ۾ لهرائڻ لڳا ۔سليمان ۽ عرس جڏهن انهن وڻن جي ڇانوء ۾ ٻارن کي کيڏندي ۽ بزرگن کي آرام ڪندي ڏسندا هئا ته هنن کي روحاني خوشي ملندي هئي جنهن جو ڪو نعيم البدل نه هو۔
ميٽرڪ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ کانپوء سليمان شهر جي هڪ سٺي ڪاليج ۾ داخلاء ورتي ۽ ايندي ويندي انهن وڻن کي ڏسي خوش ٿئي ڪري سوچيندو هو ته سر رشيد سچ چوندو هو ته وڻ لڳائڻ عين عبادت آهي ۔
بلال مصطفي ميمڻ جي طرفان هن اڱڻ جي سڀني ڀاتين جي خدمت ۾ نيازمندي وارو سلام ( السلام عليڪم)۽ پنهنجي انگريزي زبان واري آکاڻي جو سنڌي ترجمو پنهنجي والد جي معرفت هن اڱڻ جي ڪينئوس تي چٽڻ جي هڪ ڪاوش۔ شل پسند اچي۔