مصور عالم
سينيئر رڪن
سرمد گيتي منصور جو همنشان،
جنهن جي نالي کا ڏڪندڙ منات ۽ عزا،
هن سان راڪش زماني جا ڪيئي لڙيا،
هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا،
هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي،
هن چيو ماڻهو ،ماڻهو آ،يزدان نه آ،
هڪ خدا جي اڳيان سر جهڪي سو جهڪي،
ٻيو پرستش جي لائق ڪو انسان نه آ،
هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳريون ٻڌل،
اهلِ منصب به هئا،اهلِ تقويٰ به هئا،
بُت پرستيءَ سان اٽڪڻ جي جرئت به هُئي،
اهلِ منصب به هئا،رِڻَ جا جوڌا به هُئا،
هڪڙو مردِ قلندر سفا نا توان،
جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليڙون به هُئيِ،
هن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند لڳل،
جان تعنن جي طيرن سان سيرون به هُئيِ،
هن جي للڪارَ سان لرزشيا بُت ڪده،
چند خانن جي چائنٺ به ڌڏڪڻ لڳي،
ڪن ته سجاد پوشن جا پَٽڪا ڏريا،
دِل فقيرن جي،پيِرن جي ڌڙڪڻ لڳي،
اي مسند نشينؤ گهڻو ئي ٿيو،
هاڻي درگاهون تڪيه به خالي ڪريو،
ٿو ملائڪ جو مسجوُد انسان اچي،
ان جي ڀيڄي ۾ گانجا،ه آفيم ڀرويو،
هڪڙو يثرب جي مِٽيءَ لي چُمندڙ ملنگ،
تخت تختا اُکيڙي ويو تابوُت جا،
"ڪُم ب اِزنيِ" چيائين زمانو لُڏيو،
جلوه هاڻي ڪِٿي ساڳيا جبروت جا،
پوءِ رِڍن جو ڪَٽَڪ ڇا وريو،
پنهنجي واِڙي وٿاڻن تي ڌارا لڳا،
سنڌ تُنهنجي لُٽيل سينڌ لُٽبي رَهي،
هوُ جليو اڄ ٺٽو،هو ڪلاچي به وئي،
هوُ تماچي جي تَڙ تان مُهاڻا تڙيا،
پوءِ آميِ ۽ ڦاپي جي ميت اُٿيِ،
پو۽ لَڪيءَ جي چَشمن ۾ لاؤ ٻريو،
هڪڙي چيتي جي چنگهار چؤ ڦير ٿي،
شينهن پوڙهي جون سن ۾ اکيون ڇا کُليون،
پوءِ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نئين دير ٿي،
مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پَڙهه،
ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ،
هڪ بلاول هو گهاڻي ۾ ڪٽجي ويو،
هڪڙو سيد آجنهن جي پُڄاڻي نه آ،
اي زمانه! اسانجو قبيلو ڪُٺئي،
خونِ عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آَ،
پاڻ چاهيون ٿا پنهجي ڀلي ڀاڳ ۾،
پنهنجي حاجت پنهجي حڪمراني هجي،
ڪنهن به فرعون جي ڇالاءِ پُڄا ڪجي،
هڪ خدا جي نِرڙ تي نِشاني هُجي،
لال تنهنجي لُٽيل سينڌ لُٽبي رهي،
سِر ڀتين سان هنيو ٿا سدائون ڪيون،
هاڻ جاڳو مِٺا سنڌ لُٽجي پَئي،
هاڻ جاڳو مِٺا سنڌ لُٽجي پَئئ۔
جنهن جي نالي کا ڏڪندڙ منات ۽ عزا،
هن سان راڪش زماني جا ڪيئي لڙيا،
هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا،
هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي،
هن چيو ماڻهو ،ماڻهو آ،يزدان نه آ،
هڪ خدا جي اڳيان سر جهڪي سو جهڪي،
ٻيو پرستش جي لائق ڪو انسان نه آ،
هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳريون ٻڌل،
اهلِ منصب به هئا،اهلِ تقويٰ به هئا،
بُت پرستيءَ سان اٽڪڻ جي جرئت به هُئي،
اهلِ منصب به هئا،رِڻَ جا جوڌا به هُئا،
هڪڙو مردِ قلندر سفا نا توان،
جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليڙون به هُئيِ،
هن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند لڳل،
جان تعنن جي طيرن سان سيرون به هُئيِ،
هن جي للڪارَ سان لرزشيا بُت ڪده،
چند خانن جي چائنٺ به ڌڏڪڻ لڳي،
ڪن ته سجاد پوشن جا پَٽڪا ڏريا،
دِل فقيرن جي،پيِرن جي ڌڙڪڻ لڳي،
اي مسند نشينؤ گهڻو ئي ٿيو،
هاڻي درگاهون تڪيه به خالي ڪريو،
ٿو ملائڪ جو مسجوُد انسان اچي،
ان جي ڀيڄي ۾ گانجا،ه آفيم ڀرويو،
هڪڙو يثرب جي مِٽيءَ لي چُمندڙ ملنگ،
تخت تختا اُکيڙي ويو تابوُت جا،
"ڪُم ب اِزنيِ" چيائين زمانو لُڏيو،
جلوه هاڻي ڪِٿي ساڳيا جبروت جا،
پوءِ رِڍن جو ڪَٽَڪ ڇا وريو،
پنهنجي واِڙي وٿاڻن تي ڌارا لڳا،
سنڌ تُنهنجي لُٽيل سينڌ لُٽبي رَهي،
هوُ جليو اڄ ٺٽو،هو ڪلاچي به وئي،
هوُ تماچي جي تَڙ تان مُهاڻا تڙيا،
پوءِ آميِ ۽ ڦاپي جي ميت اُٿيِ،
پو۽ لَڪيءَ جي چَشمن ۾ لاؤ ٻريو،
هڪڙي چيتي جي چنگهار چؤ ڦير ٿي،
شينهن پوڙهي جون سن ۾ اکيون ڇا کُليون،
پوءِ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نئين دير ٿي،
مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پَڙهه،
ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ،
هڪ بلاول هو گهاڻي ۾ ڪٽجي ويو،
هڪڙو سيد آجنهن جي پُڄاڻي نه آ،
اي زمانه! اسانجو قبيلو ڪُٺئي،
خونِ عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آَ،
پاڻ چاهيون ٿا پنهجي ڀلي ڀاڳ ۾،
پنهنجي حاجت پنهجي حڪمراني هجي،
ڪنهن به فرعون جي ڇالاءِ پُڄا ڪجي،
هڪ خدا جي نِرڙ تي نِشاني هُجي،
لال تنهنجي لُٽيل سينڌ لُٽبي رهي،
سِر ڀتين سان هنيو ٿا سدائون ڪيون،
هاڻ جاڳو مِٺا سنڌ لُٽجي پَئي،
هاڻ جاڳو مِٺا سنڌ لُٽجي پَئئ۔