• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم

مصور عالم

سينيئر رڪن
اقبال هاليپوٽو


توسان گڏ گذاريل سڀ لمحا
سگريٽن سان گڏ سڙي رهيا آهن
پير اهو پنڌ ناهن وساري سگهيا
جيڪو توسان گڏ طئه ٿيو هو
انهن راتين کان به ننڊ وسري وئي آهي
جيڪي پاڻ سان گڏ اوجاڳن تي هري ويون هيون
ڳوٺ جون گهٽيون به اداس ان ڪري آهن
جو تو انهن تان پنهنجا پيرا ڊاهي ڇڏيا آهن
دلا به ته چيل جي اڃ ۾ تڙپي رهيا آهن
اڄ مون
خيالن مان ڪنڌ مٿي کنيو ته
ڏٺو اٿم
تنهنجي وڃڻ جو ڏک
رڳو مون تائين محدود ناهي رهيو
 
Back
Top