• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سهڻي لطيف جو رسالو المعروف"شاهه جو رسالو"

رحيم بخش

ايڊيٽر
پيارا ڀائرو سهڻي لطيف جي پياري شخصيت کان هر سنڌي واقف هوندو سندن رسالي جا به ڪيترائي مشتاق ملن ٿا اهڙن سڪ وارن جي لاء پنهنجي ئي فورم تي رهي ڪري شاه سائين جي رسالي مطالعي ڪرڻ جي سهولت لاء حاضر آهي سهڻي لطيف جو رسالو جيڪو اسان جي محسن جناب سائين عبدالماجد ڀرڳڙي مد ظله العالي جن ترتيب ڏنو آهي سائين ماجد جن به سنڌ جي اهم سپوتن مان آهن سندن احسان جيڪو ڪڏهن فراموش نه ٿو ڪري سگهجي جو پاڻ سنڌي کي ڪمپيوٽر جي زينت بنايائون۔ ته حاضر آهي اوهان جي لاء هڪ مزيد تحفو۔

 
ادا سڪرائيبڊ تي هي رسالو ڪيئن ڳولجي۔۔۔؟
ادا ممتاز سنڌ سلامت تي اڳ اها سهولت موجود هوندي هئي جو سڪرائبڊ تي اپلوڊ ڪيل ڪنهن ڪتاب کي سڌو سئون سنڌ سلامت تي ڏيکارڻ کانسواءِ ڊائونلوڊ به ڪري سگهجي۔۔۔ پر نئين سافٽويئر تي منتقل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه فيچرس ٻيهر سيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي۔۔۔ ڪوشش ڪبي ته ترت سڪرائبڊ تي اپلوڊ ڪيل ڪتاب کي سڌو سئون سنڌ سلامت تي ڏيکاري سگهجي۔۔۔
ها البته تيسين توهان هتي ڪلڪ ڪري اسڪرائبڊ تي اپلوڊ ڪيل ۽ سائين رحيم بخش جن طرفان متعارف ڪيل ”شاهه جو رسالو“ سڌو سئون پڙهي ۽ ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
 
ٿوري ڪوشش کانپوءِ سڪرائبڊ ڊاڪومينٽس کي سڌو سئون سنڌ سلامت تي ڏيکارڻ جي قابل بڻايو ويو آهي۔۔۔
پر لڳي ٿو اسڪرائبڊ تي اپلوڊ ٿيڻ کان پوءِ فليش سسٽم جي ميلاپ ڪري رسالي جي فارميٽنگ متاثر ٿي آهي۔۔۔ جيڪي دوست فائيل ڊائونلوڊ ڪرڻ گهرندا هجن سي هتي ڪلڪ ڪري رسالو ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا۔۔۔
 
Back
Top