منهنجو مختصر تعارف هيٺين ريت آهي. پُورو نالوــ محمد ياسينولد ــ عبدالمجيدذات ــ خاصخيلي.عمرــ 34 سال تعليم ــ بي.اي، ايل.ايل.بيرهائش ــ سانگهڙپروفيشن ــ وڪالت ۽ هن وقت جنرل سيڪٽري فنڪشنل لائرز فورم ضلعو سانگهڙ. ڪانٽيڪٽ نمبر 03332910759 روئڻ سان رهن ها جي سُپرين، مان نيڻين نير نه روڪيان ها مان ڳوڙها ڳاڙهي ڳايان ها، مان وِک وِک وار وڇايان ها، وَر واريان ها گهر گهوريان ها، مان سهسين سانگ رچايان ها، روئڻ سان رهن ها جي سُپرين، مان نيڻين نير نه روڪيان هاـ
وعليڪم سلامسنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيندڙ اسان جي ڀاء محترم محمد ياسين خاصخيلي کي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان وڪيل آهيو، اها اميد رکبي ته سنڌ جي ڪنهن اڙيي مڙهيي جي مدد به ڪندا رهندا ۽ رهنمائي به ڪندا۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيندڙ اسان جي ڀاء محترم محمد ياسين خاصخيلي کي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ 1939 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا توهان کي هتي سکڻ ۽ سيکارڻ جو موقعو ملندو اميد ته توهان کي هن فورم تي گهر جهڙو ماحول ملندو سدائين گڏ
مانوارا محمد ياسين خاصخيلي السلام عليڪم: اوهان کي اسان دل جي گهرائين سان هن محبتي اڱڻ جي ڀاٿي ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔ توهان وڪالت جهڙي معزاز پيشئي سان وابسط آهيو۔ اميد ته اوهان اسان جي ٻين گهر ڀاتين جي قانوني مونجهارن جا صحيحي حل ٻڌائيندا۔ ادا هن فورم تي اوهان کي جيڪي به معلومات سان لبريز ليک نظر اچي رهيا آهن ، اهئي هر گهر ڀاتي جي ڪاوشن جا نتيجا آهن۔ هتان جو هر ڀاتي محبت ؤخلوص واري لڙي ۾ هڪ ٻئ سان ايئن ڳنڍيل آهن جو ڄڻ ته هڪ جسم جي مثل آهن۔ توهان جي ميمبر ٿيڻ سان يقينن هڪ سٺي گهر ڀاتي جو اضعافو ٿيندو۔ توهان جي ليکن جو انتظار رهندو۔
مانوارا دوستو.......!اسلام عليڪم.توهان سموري سِٿ جي ايتري موٽ ڏسي سچ پڇو ته دل باغ باغ ٿي پئي، آئون سڀني مانوارن دوستن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان خاص طور تي مينيجنگ ايڊيٽر محترم سليمان وساڻ صاحب، سنڌ سلامت فورم جي سينئر رڪن محترم عرس پريو صاحب، سنڌ سلامت فورم جي سپر ايڊيٽر محترم ڦلپوٽو فقير صاحب، محترم ممتاز احمد قريشي صاحب، سنڌ سلامت فورم جي سينئر رڪن غلام مصطفي ميمڻ صاحب، سنڌ سلامت فورم جي سينئر رڪن طاهر سنڌي صاحب، محترم جان عالم صاحب ۽ سڀني مانائتن ڀائرن ۽ دوستن جو جن هن ناچيز جي ايتري سُٺي نموني آڌر ڀاءُ ڪئي، اميد ٿي ڪجي ته باري تعالي اسان کي محبت وخلوص واري لڙي ۾ هڪ ٻئ سان هميشه ڳنڍيل رکندو.سنڌ سلامت ساٿ سلامت...........!محمد ياسين خاصخيلي وڪيل سانگهڙ
اسان خوشنصيب آهيون جو اسان سان ان معزز پيشي سان لاڳاپيل هڪ وڌيڪ با شعور سنڌي سڄڻ جو ساٿ ملي پيو، اسان ڀليڪار ڪيون ٿا جي ۾ جايون ڏيون ٿا اوهان کي هن اڱڻ تي اچڻ تي۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو۔