کل------ڀوڳ

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    کل------ڀوڳ
    *هڪ ڇوڪر استاد کي سائين! جيڪو ڪم مان ڪيان ڇا ان جي سزا به مون کي ملڻ کپي؟
    ماستر:نه پٽ
    شاگرد: سائين! پوءِ مون هوم ورڪ ڪو نه ڪيو آهي، ان جي سزا ڇو ٿي ملي.
    * هڪ همراهه شادي ڪئي، پر سندس گهر واريءَ گهر جو ڪم ڪار اصل نه ڪندي هئي، هڪ ڏينهن ان همراهه جي ماءُ گهر کي ٻهاري ڏيئي رهي هئي ته همراهه ماءُ کي چيو: امان! ٻهاري مون کي ڏي من مون کي ٻهاري ڏيندي ڏسي، منهنجي زال کي احساس ٿئي،
    همراهه ماءُ کان ٻهارو وٺي ڏيڻ لڳو، اهو ڏسي گهر واري کلندي چيو: اهو ڪم آ فرمانبردار پٽ جو ته ماءُ سان ڪم ۾ هٿ ونڊاءِ.
    * همراهه گنجو هو، هڪ ڏينهن شهر ۾ آيو، سو دوست جي صلاح سان وارن جي وگ ورتائين، اها پائي گهر موٽيو جيئن گهر ۾ داخل ٿيو ته سندس پٽ دانهن ڪري ماءُ کي چيو:امان! بابي جي مهانڊي الائجي ڪير گهر ۾ اچي رهيو آهي.
    *فقير هڪ ٻار کي چيو؛ ”بابا!ٰ منهنجو هڪڙو سوال پورو ڪندا
    ڇوڪر جواب ڏنو: فقير! مون اسڪول جا ٽي سوال ڪو نه ڪيا آهن.
    *گهر جي اڱڻ ۾ نم جي وڻ تي ٻار هر هر چڙهي رهيو هو، ماڻس چيس: ڇورا! جي اتان ڪري پئين ته پاڻي ڍڪ به نه پي سگهندين؟
    ڇوڪري چيو: امان! ڪا ڳالهه ڪانهي، مان پاڻي پي، پوءِ چڙهي رهيو آهيان.
    *هڪ ڇوڪر ڊاڙ هڻندي چيو: بابا چوندو آهي ته اسان جي ڏاڏي جو پيٽ ايڏو وڏو هوندو هو جو هو پاڻيءَ جا ڏهه ڊرم پي ويندو هو.
    ٻئي ڇوڪر چيو: ها، بابا چوندو اهي ته ٻن ڏينهن جو پاڻي گهر ۾ گڏ ڪري رکندا هئا، ڇو جو درياءَ پر هوندو هو،
    پهريون ڇوڪر؛ اهو پاڻي ڇا ۾ رکندا هئا.
    ٻيو ڇوڪر،؛تنهنجي ڏاڏي جي پيٽ ۾.
    * هڪ شخص خ کي ق ڪري اچاريندو هو، هڪ ڀيري ڪنهن قبرستان مان لنگهي رهيو هو، ته ٿاٻو آيس ۽ ڪري پيو، هينءَ چوندي اٿيو ته مون کي ڪهڙي قبر ته هتي رڳو خبرون ئي خبرون آهن.
    *هڪ ڇوڪر ماءُ کي چيو: امان! سائين چيو آهي ته سڀاڻي وار ڪلر وٺيو اچجان،
    ماڻس چيس: ابا! سڀاڻي کڻي واٽر ڪولر کڻيو وڃجانءِ.
    .
    *استاد شاگر کي: پٽ سيلون ڪٿي آهي؟
    شاگرد: سائين شهر ۾کوڙ سيلون آهن، اوهان ڪهڙي حجم جي سيلون پڇو ٿا.
    *هڪ همراهه گڏهه تي بار کڻي وڃي رهيو هو، اڳيان چڙهائي هئي، سو گڏهه بيهي رهيو، همراهه گهڻا لڪڻ هينس پر گڏهه هلي ئي نه، ايتري ۾ هڪ همراهه کي رحم آيو، ان گاڏي کي پٺيان ڌڪيو ۽ گڏهه سهاري ملڻ ڪري هلڻ لڳو ته همراهه گاڏي مان هٿ ڪڍيا، گڏهه گاڏي واري چيس، يار تنهنجي مهرباني، هت ته گڏهه جي جا نه هئي.
    *هڪ ڇوڪر کان ڀاءُ پڇيو؛ منهنجو تاريخ جو ڪتاب ڪٿي آهي
    ڇوڪر جواب ڏنو؛ اهو نه جنهن کي تون چوندو آهين ته خشڪ آهي،
    ڀاڻس؛ ها، اهو.
    ننڍي ڀاءُ چيو: ادا! اهو ته مون ٿالهه ۾ پاڻي وجهي ان ۾ رکي ڇڏيو آهي، جيئن خشڪي ختم ٿي وڃيس.
    · هڪ همراهه کي ڪار چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان کان صوبيدار پڇيو، تو ڪار ڇو چوري ڪئي؟
    چور: سائين قبرستان جي ٻاهر يبٺي هئي، مون سمجهيو ته مالڪ مري ويو اٿس لاوارث آهي.
    * ٻه پناهه گير پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، هڪ چيو؛ يار! هتي، اچي الائجي ڇا ٿيو آهي نه ته هندستان ۾ منهنجي ڏاڏي جي نالي چوندا آهن ته ايڏو بهادر هو جو، هڪ ڀيري هڪ انگريز سان گڏ وڃي رهيو هو، واٽ تي شينهن تي نظر پين، انگريز سياڻو هو، سو وڻ تي چڙهي ويو، پر منهنجو ڏاڏو ايڏو بهادر هو جو شينهن سان اکيون ملائي شينهن کي ڏسڻ لڳو ۽ شينهن ڏڪڻ لڳو ته منهنجو ڏاڏو به ڪاوڙ مان ڏڪڻ لڳو، ايتري ۾ انگريز وڻ مان بندوق سان فائر ڪيو، شينهن زخمي ٿي ڪري پيو، ۽ منهنجو ڏاڏو به ڪري پيو، ڪپڙا ڇنڊي، انگريزکي ڪاوڙ ۾ چيائين، بزدل فائر نه ڪرين ها، مان شينهن کي جيئرو اکين اکين سان ماري ڇڏيان ها.
    · هڪ ڇوڪر کان، استاد پڇيو: پٽ! رسالي جو جمع ڇا آهي؟
    شاگرد: سائين رسالپور.
    *هڪ ٻهراڙي جو همراهه جيڪو ڪجهه سنڌي پڙهيل هو، سو جڏهن شهر ۾ هڪ دڪان تان لنگهيو ته لکيل هو بيت البصر، دل ۾ چيائين: مار! اسان وٽ بصر گاڏن تي پيا هوندا آهن، هت بصرن لاءِ اهڙو دڪان.
    * استاد شاگرد کان پڇيو، پٽ سج ۽ چنڊ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    شاگرد جواب ڏنو: سائين! امان چوندي آهي ته سج ماءُ جو نافرمان آهي ان لاءِ ماءُ پٽيو هوس ته سدائين تتل رهندين پر چنڊ ماءُ جو فرمانبردار پٽ هو، ان کي ماءُ دعا ڪئي هئي ته، پٽ: سدائين ٿڌو رهندين ۽ هر مهيني نئون ٿي اڀرندين بس، سائين اهوفرق آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاهاها ۔۔۔۔۔

    مزاح سان ڀريل خوبصورت ٽوٽڪا۔۔۔ کلائڻ لاء مهربانيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو