سنڌي سماج ۽ عورت

'سنڌي ادب' فورم ۾ نسرين هنڱورو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2013۔

  1. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان جي ڏکن ڏاکڙن ۽ سورهيائپ سان ڀريل تاريخ دوران اسان جي سماج عورتن جي خاص حقن طرف ڌيان نه ڏنو آهي جيڪي ماءُ بڻجڻ توڙي گهر ڌڃاڻي واري حيثيت ۾ هئا ،ڀيڻ يا ڌيءُ هئڻ جي حيثيت ۾ هئا.​
    ڪنهن سماج جي ترقي بابت ڄاڻڻو هجي ته ان کي هن طرح ماپيو ويندو آهي ته اتي جون عورتون پراڻين ريتن رسمن ۽ پابندين مان ڪيتري قدر آزاد ٿيون آهن اڄ جي ترقي يافته دور ۾ سنڌي عورتن تي نظر وجهجي ته هو اڄ جي دور کان 1400 سال پٺ تي پيل نظر اينديون جڏهن دينِ اسلام نه هو جڏهن عورت جي حقن جو تصور نه هوعورت کي جانورن جيان سمجهيو ويندو هو. دورِ جاهليت ۾ عورت ملڪيت هوندي هئي مالڪ نه،​
    هندو سماج ۾ عورت کي مڙس سواءِ جيئڻ جو ڪو حق نه هوندو هو ان کي مڙس سان گڏ ساڙيو ويندو هو ڪجهه قومن ۾ مڙس جي مرڻ کان پوءِ ڏير يا پٽ ان عورت جو وارث، ڌڻي، مڙس ٿيندو هو. عرب سماج ۾ پيُ ڌيُ کي ذلت جو باعث سمجهندو هو ان ڪري نياڻي کي زندا دفن ڪيو ويندو هو، اها هئي دور جهالت جي ڳالهه ان کان پوءِ اسلام جي سنهري دور ۾ عورت کي ميراث ۾ حقدار بنائي انسان جو درجو ڏنو ويو جنت ماءُ جي پيرن جي هيٺ هئڻ جو درجو ڏنو ويو ان کي نزولِ رحمت، مرڪزِ رحمت ۽ ڪمالِ اعمال جي حاصلات جي جنت سمجهيو ويو مڙس جي ايمان جي سلامتي جو دارومدار عورت کي سمجهيو ويو۔​
    نبي ڪريم جن فرمايو آهي ته پنهنجي عورتن تي رحم ڪريو۽ انهن سان نرمي سان پيش اچو. پر ڇا اڄ به اسان جي سنڌي سماج ۾ سنڌي عورتن لاءِ ڪا تبديلي ائي آهي ؟ اڄ به هو ڪوٽن جي بندياڻي آهي، اڄ به ڪئين خاندانن ۾اها رسم موجود آهي ته صرف ان جو حق ڦٻائڻ لاءِ ان جون قرآن سان لائون لايون وينديون آهن اڄ به دشمن کان انتقام وٺڻ لاءِ قربان ڪئي وڃي ٿي ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي ۽ اڄ به هن جو جو سماجي قتل ٿئي ٿو ان جي شادي ان جي مرضي مطابق نه ڪرائي. ان جي رائي نه ٿي ورتي وڃي عين نڪاح وقت مولوي ٻن گواهن سميت اچي ٿو پاسي ۾ ويٺل پوڙهي هائوڪار ڪري ٿي نڪاح قائم ٿيو وڃي،​
    اڄ به دورِ جاهيلت واري ڳالهه ته عورت جو وجود جنم ڏيندڙ آهي جيڪڏهن هو ٻني ۾ ڪم ڪندي ته پيداوار سٺي ٿيندي اناج گهڻو لهندو اڃا تائين عورت کي ٻني ۾ جانورن وانگر ڪم ڪرڻو پوي ٿو. اڄ به سنڌ ۾عورتن جي پڙهڻ جي شرح 25 سيڪڙو آهي ۽ 75 سيڪڙو عورتون پڙهڻ کان محروم آهن. 25 سيڪڙو پڙهيل عورتن کي به اها آزادي ناهي ته هو پنهنجي مرضي جي تعليم ۽ هنر جي چونڊ ڪري سگهن ، اسان جي سڀني شعبن تعليم، صحت، ثقافت، ڪاروبار وغيره جو 100 سيڪڙو ئي مردن جي هٿن ۾ آهي جتي ڪم ڪرڻ لاءِ عورت کي مختلف مسئلن کي مونهن ڏيڻو پوي ٿو.​
    عورت سماج کان صرف ٽي شيون گهري ٿي. (1) عزت (2) اعتماد (3) تحفظ جيڪڏهن عورت جي صلاحيت کي ڏسڻو آهي ته ان کي آزادي ڏيو جنهن سماج ۾عورت کي عزت ملي ٿي مردن برابر درجو ملي ٿو، ان تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو، معاشري ۾ ان کي تحفظ حاصل آهي ته اتي جي عورت ڪنهن به شعبي ۾ مردن کان پٺيان نه آهن پوءِ سائنسي کوجنا هجي تخليقي سرگرميون هجن، صحت، تعليم، صحافت، ثقافت، انتظامي عهده هجن يا ٻيا انيڪ شعبا جتي عورت پاڻ کي مڃرايو نه هجي . پر سنڌ ۾ اڄ به ڇهه سالا وجنتي سان ڏاڍ ٿئي ٿي، ڪئي نياڻيون فضيله سرڪي وانگر وڏيرن جون بندياڻيون آهن، ڪئي نياڻيون نائلا وانگرپنهنجي وحشي پيءُ جي حوس جو نشانو بڻجن پيون ڪئي نياڻيون صوفيه وانگر محبت جي ڄار ۾ ڦاسي وحشي مرون مثل علي ڊشڪ ۽ ان جي مٽن مائتن دوستن يارن جي گڏيل اجتماعي جنسي ڏاڍ جو شڪار بنجن پيون.​
    ڪو وقت هو جو سنڌي سماج ۾ نياڻي کي ست قرآن جودرجو ۽ عزت هوندي هئي نياڻين آئي خون معاف ٿي ويندا هئا. شاه عبداللطيف جي بيتن جون سٽون ۽ سورميون سچل ۽ سامي جي شاعري جا ڪردار هيون ۽ اڄ جيتري تذليل ان عورت ان نياڻي جي ٿئي ٿي اهڙو ويڌن شايد ئي ڪٿي هجي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان آبادي جو اڌ حصو عورتون آهن باقي اڌ مردن جي آبادي عورتن ئي اهو ساڳئي درجو ۽ عزت عورت کي موٽائي ٿو يا نه اگر ڏي ٿو ته ان جي تعليم جي عمل کي نه روڪي ڇاڪاڻ ته عورت جي جهولي ئي پهرين درسگاه آهي جيڪڏهن عورت پڙهيل لکيل با شعور هوندي ته هو پنهنجي ايندڙ نسل جي پالنا بهتر نموني ڪري سگهندي ۽ معاشري کي بهتر انسان ڏئي سگهندي. اسان جي سماجي فرضن ۾ ضروري ۽ ترت اهميت جوڳو ڪم سماج ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ آهي​
    عورتن جي نظرياتي تعليم جي لاءِ تنظيمون هئڻ گهرجن ۽ انهن تنظيمن کي گهڻو فعال بنائڻ گهرجي ته جيئن هو اڳتي وڌي سوچين ۽ ڪم ڪن ۽ ان محاذ تي گهڻو ڪارائتو ڪم ڪري سگهن ڇو ته ٻي ڪا به تنظيم عورتن جي ذاتي زندگي ۽ ان جي مسئلن ۾ ايتري اثرائتي نٿي ٿي سگهي سماج جو سڌارو عورتن جي سماجي ڪردار ۾ واڌاري کان سواءِ ناممڪن اهي مطلب ته عورتون جيستائين مردن وانگر اسان جي سڌارڪ ڪوششن ۾ فيصلا ڪن ڪردار ادا نه ڪنديون تيستائين اسان جي سماجي، اقتصادي مسئلن جو حل نٿو نڪري سگهي ساڳئي ڳالهه اسان جي قوم پرست سياسي ۽ سماجي تنظيمن تي به لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ناري تحريڪن کي هٿي وٺائين ۽ انهن جي بغير ڪو به انقلاب ممڪن ئي ناهي اها ڳالهه وقت اڳيان ثابت ڪندو.​
    نسرين هنڱورو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترمه نسرين هنڱورو صاحبه، اوهانجو ليک عورتن جي وڪالت ۾ تمام سٺو ۽ اکيون کوليندڙ آهي ۔۔۔ ڪافي ڳالهيون بحث طلب هجڻ سان گڏ ائين چئبو ته سنڌي سمورو سماج مختلف بيمارين سان وڪوڙيل آهي جنهن جو سبب سنڌ جي غلامي ۽ موجوده سياسي ۽ سماجي ابتري آهي ۔۔۔ اقتصادي ڦرلٽ سماجن ۾ گهڻيون بيماريون پئدا ڪندي آهي ۔۔

    وقت سان گڏ ۽ شهري زندگيءَ سبب ڪجهه فرق ضرور آيو آهي پر تنهن هوندي به ڪافي بيماريون آهن جيڪي صرف سنڌ جي رياستي آزاديءَ سان ڳنڍيل آهن ۔۔۔ تعليم ۽ تربيت ۽ خوشحالي انسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سيکاري ڇڏيندي آهي ۔۔۔

    اسين سڀ هڪ ئي ٻيڙيءَ جا سوار آهيون، ۽ گڏجي سڏجي ڀائر ۽ ڀينرون، عورت ۽ مرد، زال ۽ مڙس سڀ ملي جلي هن سماج کي سڌارڻ جا جتن ڪرڻا پوندا ۔۔۔ ڀلا جنهن سماج جا مڙد ئي غلامانه ذهنيت جا مالڪ هوندا ته عورت کي ڪهڙا حق ڏيندا ۔۔۔؟؟؟

    پوءِ به جدوجهد جاري آهي ۽ اوهان اسانجون ڪوششون انشآء الله هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون ۔۔۔

    سدا سلامت هجو ۽ سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙينديون رهو ۔۔۔

    سنڌ سلامت کي اوهان جهڙن ساٿين جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ اوهانجو ۽ سنڌ سلامت جو مقصد ساڳيو آهي۔

    اميد ته سنڌ سلامت سان ساٿ نڀائيندا رهندا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو