مصور عالم
سينيئر رڪن
تو پڄاڻان هر خوشيءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
خوبصورت زندگيءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
هُو ته خوش آ شهر جي ماحول ۾ ليڪن هتي
ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪريءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
عمر ساري قوم لئه جنهن گيت مرڪن جا لکيا
سنڌ سان گڏ ان ڪَويءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
ڪاله تائين کوڙ سارا ڪانگه تُڙڳيا ها جتي
ريءَ پاڻيءَ جي نديءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
روز اُڻ تُڻ جو اندر ۾ تيز ٿو اوٿر اُٿي
آس جي ٻرندڙ بتيءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
لڙڪ اکڙين مان ڪِرن ٿا او پرين موٽي به آ
مدتن کان دل چريءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
پيار واري تون نظر سان وئين نهاري هڪ دفعو
هت عجب جي عاشقيءَ جو چين ڄڻ بيچينُ آ
—