ناشاد سمون جو غزل

مصور عالم

سينيئر رڪن
ٻڏون ۽ ترون ٿا پرين جي اکين ۾
ٺڪاڻو گهرون ٿا پرين جي اکين ۾

ڪو سپنو بنجي من سمائجي وڃون
اڃا پيا ٻرون ٿا پرين جي اکين ۾ !

جيون ۾ بيو سهارو ئي ناهي
ازل کان پرون ٿا پرين جي اکين ۾

وحشتن جي نظر ڀلا ڪيئن پڄندي
اسين ته رهون ٿا پرين جي اکين ۾

اڄ وڇوڙي جي موسم مٽي آ
وصل ٿي ورون ٿا پرين جي اکين ۾

درد جي پلصراط بڻي آ حياتي
جيئون ۽ مرون ٿا پرين جي اکين م!!

(ناشاد سمون)
 
Back
Top