سهڻي پارس
سينيئر رڪن
اسان جي ٻولي جيڪا تمام مِٺي ۽ سهڻي آهي.پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کان تمام گهڻو پري ٿي ويا آهيون.اِن ۾ اسن سڀ برابر جا قصوروار آهيون.سڀ کان پهرين اسان جو گهر جِنهن ۾ اڙدو ڳالهائڻ کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي.ڀلي اسان جي وڏڙن جي سڄي عمر ڳوٺن ۾ ڇونه گُذري هجي.پر ڇوته اسان هاڻي ڪراچي ،اسلام آباد ،لاهور ۾ رهون ٿا انڪري اڙدو ڳالهائڻ لازمي ٿي پيو آهي.ٻيا شهر ته کڻي ڇڏيو پر اسان جي پنهنجي حيدرآباد ۾ نِجي اسڪولن ۾ ٻارن کي اڙدو ڳالهائڻ ۽ اڙدو ،انگريزي پڙهڻو ٿو پوي.مان ائين نه ٿي چوان ته اِهو سڀ غلط آهي پر نا انصافي ضرور آهي ته اسان جي مادري زبان اسان جي ٻارن کي نه اچي.ٻيو ڪجهه نه ڪيو گهٽ ۾گهٽ آپشن طور ته سنڌي رکڻ گهرجي.۽ تمام گهڻي ڏُک سان چوڻو ٿو پوي تـ سنڌي ٻولي هاڻي صرف ڪِتابن ۾ وڃي رهي آهي.اسڪولن ۾ توڙين جو سمورا اُستاد،هيڊ ماسٽر ويندي چوڪيدار تائين سنڌي آهن.اُهي بـ اڙدو ڳالهائين ٿا.ڪيڏي نه افسوس ۽ شرمندگيءَ جي ڳاله آهي جڏهن ڪِنهن سَولي سنڌي لفظ جي معنيٰ ٻارن کي نه اچي.اُن جي باوجود به اسان اهميت اُنهن ئي وڏن اسڪولن کي ڏيندا آهيون .صرف پنهنجي شخصي معيار کي مٿانهو ڏيکارڻ لاءِ، ۽ مقابلو ڪرڻ لاءِ تـه فلاڻي جا ٻار وڏن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ته اسان جا به اهڙن ئي وڏن اسڪولن ۾ پڙهن.پنهنجوشخصي معيار ته مٿانهو ٿي ٿو وڃي پر اسان جي مادري زبان اُن شخصي معيار تي قربان ٿي وڃي ٿي.ڀلي ته اُنهن وڏن سڪولن جو فيسون چيلهـ ٽوڙيندڙ ڇو نه هُجن.اسان صرف ايترو چاهيون ته اسان جون ايندڙ نسلون سنڌي ٻوليءَ کي فقط ڪِتابن ۾ نه ڏِسن ۽ اِهو نه چون ته سنڌي به ڪا ٻولي هُئي.مٿان وري سوني تي سُهاڳو اسان جي ميڊيا آهي .سنڌي چينل جيڪي مقدار۾ وڌي ويا آهن پر معيار ۾....... تمام گهڻو ڏُک ٿيندو آهي جڏهن اسان سنڌي چينل تي ڪوبه ڊرامو،خبرون،يا صبح وارا پروگرام ڏسون ٿا،۽ اُنهن پروگرامن جي ميزباني ڪندڙ ڀينرن ۽ ڀائرن جي سنڌي ٻڌون ٿا ، سندن لهجا ٻڌو ٿا تـ حيرت ٿي ٿئي ۽ افسوس پڻ.ته اُنهن جي ادائگي اڙدو،انگريزي ۽ سنڌيءَ جي گاڏڙ ساڏڙ هوندي آهي.ڇا اسان وٽ بهترين سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر ۽ ڀينرون نه آهن؟منهنجي خيال ۾ بِلڪُل آهن پر اُنهن کي اڳتي نٿو آندو وڃي.هاڻي اِن جو سبب ڇا آهي اِن تي مان بحث نه ڪندس.وڏن وڏن ادارن ۾ اسان جو وڃڻ ٿيندو آهي جتي ويٺل وڏيون وڏيون شخصيتون سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آهن پر هو اڙدو ڳالهائين ٿا.ايتري قدر جو سنڌي ٻولي تي وڏا وڏا خيال ونڊيندڙسمجهائڻيون ڏيندڙ ماڻهن جي پنهنجن گهرن ۾ اڙدو ڳالهائي ٿي وڃي.مان تمام نماڻي گذارش سمورن سنڌ واسين کي ڪندس تـه سنڌين وانگُر سنڌي ٻولي به پويان پساهـ َ کڻي رهي آهي اُن کي بچائي وٺو.اسان سڀ ملي ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي زوال کان بچائي سگهون ٿا.ميڊيا ،سيمينار،تربيتون،اهڙيون گڏجاڻيون رِٿيون جِن ۾ ڄاڻو ۽ماهر شخصيتن کي گهرايون.جئين ته اڄڪلهـ فيس بُڪ ماڻهن جي وِچ مان ويڇا ختم ڪري ڇڏيا آهن اُن تي اِهو نياپو پهچايون ته سنڌي ٻولي لاءَ ڪجه ڪرڻو آهي.مان جَسُ ڏيندس ”سنڌ سلامت “جي انتظاميه کي جِنهن سنڌ سلامت جهڙو هِڪ بهترين پليٽ فارم ڏنو آهي.جِتي اسان سنڌي ٻولي ۾ پنهنجون لکڻيون موڪلي سگهون ٿا،بحث مباحثو ڪري سگهون ٿا،شاعري پڙهي سگهون ٿا،۽ سنڌي ۾ ڪمپيوٽر تي لکڻ سکي سگهون ٿا.مهرباني ڪري پنهنجي سڃاڻپ نه وڃايو اسان جي ٻولي اسان جي سڃاڻپ آهي.