چوندا آهن ته هڪ طوطَي ۽ طوطِي جو گذر هڪ ويران ڳوٺ مان ٿيو۔۔ ويراڻو ڏسي طوطِي نر طوطي کي چيو ”ڪيڏو نه ويرانو آ هن ڳوٺ ۾۔۔۔“ نر طوطي جواب ڏنو۔۔۔ ”لڳي ٿو هتان ڪنهن چٻري جو گذرڻ ٿيو هوندو۔۔۔“ انهي وقت هڪ چٻري جو اتان گذرڻ ٿيو۔۔ هن نر طوطي جي ڳالهه ٻڌي ته بيهندي ٻنهي کي چيائين ۔۔”توهان هن ڳوٺ ۾ مسافر ٿا لڳو۔۔۔ اڄ رات منهنجا مهمان ٿيو ۽ مون سان گڏ رات جي ماني کائو۔۔۔“ چٻري جي محبت سان ڀريل دعوت کان طوطن جو جوڙو انڪار نه ڪري سگهيو ۽ دعوت قبول ڪري ورتي ۔۔ ماني کائي جڏهن انهن اجازت گهري ته چٻري طوطِي جو هٿ پڪڙيندي چيو ”تون ڪاڏي ٿي وڃي۔۔۔“ طوطِي وراڻيو ۔۔۔ ”اها به ڀلا ڪا ڳالهه آ۔۔۔ مان پنهنجي مڙس سان پئي وڃان۔۔“ چٻري کلندي چيو۔۔۔ ”ائين وري ڪيئن ۔۔۔ تون ته منهنجي زال آهين۔۔۔“ اهو ٻڌي نر طوطو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڳالهه گرما گرمي کان به چڙهندي وئي۔۔ آخر جڏهن بحث وڌيو ته چٻري هڪ تجويز ڏني ته ۔۔۔ ”ڇو نه عدالت هلي قاضي کان فيصلو ڪرائجي۔۔۔؟“ طوطو راضي ٿي ويو۔۔۔ عدالت پهچي جڏهن مسئلو پيش ڪيو ويو ته قاضي دليلن کي سامهون رکندي چٻري جي حق ۾ فيصلو ڏنو۔۔۔ طوطو ان نا انصافي تي ڪافي رنو، رڙيون ڪندو رهيو پر سندس ڪنهن نه ٻڌي۔۔۔ آخر هُو ڳوٺ مان نڪرڻ لڳو ته چٻري کيس چيو ته ۔۔۔”ادا اڪيلو ڪاڏي پيو وڃي۔۔۔ پنهنجي زال ته وٺيون وڃ۔۔۔ “ طوطي حيران ٿيندي جواب ڏنو۔۔ ”پر اها هاڻي منهنجي زال ڪاٿي۔۔۔ عدالت ته تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي۔۔ “ چٻري نرمي سان وراڻيو۔۔ ”نه دوست۔۔۔! هي منهنجي نه پر تنهنجي ئي زال آهي۔۔ بس مان توکي اهو ٻڌائڻ ٿي گهريو ۔۔۔ ڳوٺ ويران چٻرن جي ڪري نه ٿيندا آهن پر اهي تڏهن ويران ٿيندا آهن جڏهن ملڪ مان انصاف اٿي وڃي۔۔“
عادل حڪمران ۽ عادل قاضي الله جي ڇانوَ ۾ هوندا آهن ... انجو سبب ئي اهو آهي ته انصاف ۽ عدل کان بغير معاشرو خالي مٽ جيئان هوندو آهي، جنهن مان ڪو فيض حاصل ڪري نه سگهندو آهي، ۽ ڪو اڃايو اڃ اجهائي ناهي سگهندو ... اهڙن معاشرن ۾ ماڻهون ته هوندا آهن پر حيوانن کان بدتر .. اوهانجو ليک انتهائي ڪارائتو ۽ سبق آموز ... جڙيو هجين شال ... الله ڪري هن ليک جي صدقي توکي گهر وڃڻ جي موڪل نصيب ٿئي ... آمين ...
اهم ڳالهه ۔۔۔۔ نا نصافي ۽ عدل جو نه هجڻ، قانون جي حمراني کان انحرافي ئي تباهي جو سبب بڻجي ٿي ۔۔۔ بهترين شيئرنگ