شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

    [​IMG]

    دوستو! ڪافي ڏينهن کان ڪوشش ڪري شاه جي ڪلام ۾ قرآني آيتن جو ذڪر ، معنا ۽ هڪجهڙائي وارا بيت گڏ ڪري رهيو آهيان، جنهنجي هيءَ هڪ ڪڙي پيش ڪري رهيو آهيان ... اوهان سڀني دوستن کي گذارش آهي ته اوهان وٽ۔۔به اهڙو بيت جو قرآني آيتن سان ٺهڪندڙ هجي يا جنهن ۾ سڌي سنئين قرآني آيت هجي ته هت ونڊ ڪجو ته جيئن ان مضمون کي پنهنجي منطقي منزل تائين پهچائي سگهجي ...

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...
    ________________________________________
    1.
    قرآني آيت؛ سورت بقره 152
    فاذڪروني اذڪرڪم، واشڪروا لي ولا تڪفرون ...
    معني؛ اوهين مونکي ياد ڪريو مان توهانکي ياد ڪندو رهندس، ۽ منهنجا احسان مڃيندا رهجو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪجو.
    بيت؛
    عــــاشقــــن الله جــــي، ســــــدا وائــــي وات،
    فاذڪروني اذڪرڪم، تن ۾ اها تــــات،
    انهن کان ڪا ساعت، سڄڻ ويل نه وسري.
    سر يمن ڪلياڻ

    تو جنـــجي تات، تــن پڻ آهــــي تنهنـــــجي،
    فاذڪروني اذڪر ڪم، اي پروڙج بات،
    هٿ ڪــــاني ڳڙ وات ، پڇــڻ پر پرين جي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    2.
    قرآني آيت؛ سوره الانفال 15
    يايها الذين آمنوا اذا لقيتم الذين ڪفروا زحفا فلاتولوهم الادبار
    معني؛ اي ايمان وارئو! جڏهن ڪافرن سان اوهانجو آمهون سامهون مقابلو ٿئي ته انهن کي پٺي نه ڏجو.
    بيت؛
    ڀـــــڳو آءُ نه چــــوان، مـــــاريــــو ته وسهــــان،
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان،
    ته پڻ لـــــــڄ مــــران، جـــي هـــوئنس پٺ ۾.

    سر ڪيڏارو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سبحان الله سائين نثار ابڙو صاحب

    تمام خوبصورت شيئرنگ آهي سائين
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام اهم موضوع آهي جن دوستن کي ان متعلق ڄاڻ هوندي ته انشآء الله اوهان جو ساٿ ڏيندا الله تعالي کان دعا آهي ته شال اوهان کي ۽ اسان سڀني کي ان ڪم جي تڪميل جي توفيق عطا فرمائي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    3.
    قرآني آيت؛ سوره الانفال 29
    يايها الذين آمنوا ان تتقوا الله يجعل لڪم فرقانا ويڪفر عنڪم سياتڪم ويغفرلڪم و الله ذوالفضل العظيم ...
    معني؛ اي ايمان وارئو! جيڪڏهن الله کان ڊڄندئو ته توهانکي ڪسوٽي ڏيندو (جنهن سان حق ۽ باطل کي جدا ڪري سگهو) ۽ توهانجي براين کي ميٽيندو ۽ بخشش ڪري ڇڏيندو ۽ الله وڏي فضل وارو آهي ...
    بيت؛
    تون سپر، آئون سيڪڙو، تون ڏاتار، آئون ڏوهه،
    تون پارس، آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.


    (سمجهاڻي؛ الله جو خوف انسان جي دل ۾ هوندو ته الله تعالا انسان کي هڪ اهڙي سگهه عطا ڪندو جنهن سان هو سچ ۽ ڪوڙ کي جدا جدا ڪري سگهندو، جڏهن انسان ان ڪوڙ ۽ سچ کي سڃاڻڻ واري رتبي تي پهچندو آهي ته هو سون جيئان قيمتي، چمڪندڙ ۽ سهڻو ٿي پوندو آهي ... )​
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    آيت 172 سورة الاعراف
    وَاِذ اَخَذَ رَبُّکَ مِن بَنِي آدَمَ مِن ظُهُورِ هِم ذُرِّيَّتَهُم وَاَشهَدَ هُم عَليٰ اَنفُسِهِم اَلَستُ بِرَبِّکُم قَالوُا بَليٰ شَهِدنَا اَن تَقُولُوا يَومَ القِيَامَةِ اِنَّا کُنَّا عَن هٰذَا غَافِلِينَ
    بيت
    الست ارواحن کي جڏهن جاڳايو جبار
    سائين هن بيت جو حوالو توهان ڏجو جو مون وٽ رسالو موجود نه آهي
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا نثار ابڙا، تو ته منهنجي دل جي ڳالهه اوري وڌي، لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ سندس بيتن ۽ وائين ۾ کوڙ ساريون قرآني آيتون اسان کي نظر اينديون، جيڪي اسان پنهنجي سمجهه مطابق زندگيءَ جي هر شعبي ۾ قابل عمل بنائي سگهون ٿا......... اهڙا ڪافي سارا بيت هيئن سان هنڊايا پيا آهن پر مجبوري اها آهي، قرآني آيتن واري بيتن ۾ قراني آيتن کي سئوفيصد عربيءَ ۾ لکڻو پوندو، ڪا زير زبر مونکان مِس ٿي وئي ته ڳالهه ڳري ٿي پوندي، ۽ گهنگارن واري لسٽ ۾ نالو شمار ڪرائي ويهندس...... مان اهڙا بيت لکندس ضرور پر انهي قرآني آيتن کي شهر جي قُرآن ڪريم جي حافظن ۽ عالمن کان چيڪ ڪرائڻ کان پوءِ بهر حال جس هُجي توکي جو لطيف سائين جي انتهائي اهم ترين فني ۽ علمي نقطي کي اسان سڀني ساٿين سان ونڊ ڪئي...... مهرباني
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سهنا سائين نثار ناز،

    الله رب العزت اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي، منهنجا ڀاءُ قرآن شريف ڪو اهڙو ڪتاب ناهي جو انجي پڙهڻ ۽ لکڻ کان ماڻهون ايترو ڪيٻائي جو ان کان مورڳو پري ٿيندو وڃي، بلڪ قرآن شريف ته اهڙو ڪتاب آهي جنهنکي هر بار پڙهجي هر بار سڌارو آڻجي ۽ هر بار ان جي عميق مان موتي ڳولهي لهجن ...

    الله تعالا اسانجي انهن گناهن جو حساب ڪندو جي اسين ڄاڻي ٻجهي ڪندا آهيون نه انهن گناهن جو حساب جي اسين اڻ ڄاڻائيءَ بي خبريءَ ۾ ڪري وجهندا آهيون ...

    دوست! ڀٽ جي گهوٽ شاه سڳوري جي نصيحت اوهانکي ياد ڏياريندو هلان؛

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو ...

    مٺا سائين، غلطي ڄاڻي ٻجهي نه ڪجي، پر جي سٺي نيت سان ڪو ڪم ڪريون ٿا ته انجي جزا به ڌڻي سڳوري وٽ آهي ...

    بسم الله ڪريو ... ڊڄو نه ... هي ته اهو ڪتاب آهي جنهنکي هر هر پڙهيو وڃي، لکيو وڃي ...

    پاڻ به ڪي قرآن جا عالم ناهيون بس صراط المستقيم جا ڳولهائون آهيون ۽ جي ماسو جڙيءَ مال ته پوڄارو پر ٿئين جي آسري تي آهيون ... دعا ڪريو ته ڪو ماسو قبول پئجي وڃي ...

    عدل ڇٽان آءُ نه، ڪو ڀيرو ڪج فضل جو ...

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    4.
    قرآني آيت سورت الاعراف 172
    وَاِذ اَخَذَ رَبُکَ مِن بَنِي آدَمَ مِن ظُهُورِ هِم ذُرِّيَتَهُم وَاَشهَدَ هُم عَليٰ اَنفُسِهِم اَلَستُ بِرَبِکُم قَالوُا بَليٰ شَهِدنَا اَن تَقُولُوا يَومَ القِيَامَةِ اِنَا کُنَا عَن هذَا غَافِلِينَ.
    (معني؛ ياد ڪريو جڏهن توهانجي رب آدم جي اولاد جي پٺ مان انهن جو نسل ڪڍيو ۽ انهن کي پاڻ انهن تي شاهد ڪيائين ” ڇا مان توهانجو رب ناهيان، سمورن چيو ”ڇونه“، اسان شاهد ٿياسي، متان قيامت ڏينهن چئو ته اسانکي ان جي ڪا خبر نه هئي ...

    ڀلاري ڀٽائيءَ، انسان جي ڪيل ان عهد، ميثاق کي ڪيترن ئي هنڌن تي ياد ڏياريو آهي، مثال؛

    سهڻيءَ جي واتان اهو ميثاق ياد ڪرائيندي هي بيت چيو اٿس ...
    گهيڙ لنگهيو گهاري، ميثاقان ميهار ڏي،
    الست بربڪم، قالوا بلا، پر اها پــــــاري،
    ڏسيو ڏيکــــــاري، پرت پريان جي پيچرو.

    مارئيءَ جي واتان ساڳيو ڪيل عهد ياد ڏياريندي هي بيت چيو اٿس ...
    الست بربڪم، جڏهن ڪن پيـــــــوم،
    قالوا بلا قلب سين، تڏهن تت چيـــــوم،
    تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙيهيچن سين.
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام بهترين ڪم ٿئي پيو ليڪن سائين وڏي ايڊ مين کي عرض آهي ته هڪ فانٽ مصحف نالي يا فرقان نالي فورم تي اپلائي ڪرڻ جي سهولت مهيا ڪري ڏين ته جيئن ڪي حرف قرآن ڪريم جا صحيح نظر نه ٿا اچن انهن فانٽن سان اهي لفظ صحيح نظر ايندا اهڙي مهرباني ڪندا ته سندن احسان ٿيندو۔القلم اعرابن کي سپورٽ نه ٿو ڪري. دوستن کي عرض آهي ته جيڪڏهن قرآن جا لفظ صحيح نظر نه ٿا اچن ته اها آيت پوري ڪاپي ڪري ورڊ پيڊ يا ايم ايس ورڊ آفيس واري پروگرام ۾ پيسٽ ڪن ان طرح انهن لفظن کي صحيح پڙهي سگهجي ٿو جيستائين فورم تي فونٽ اپلائي ڪيو وڃي تيستائين اها تڪليف برداشت ڪندا اميد ته جلدي مسئلو حل ٿي ويندو.
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    5.
    قرآني آيت؛ سوره البقره 62 ۽ سوره المائده 69
    آمن بالله واليوم الآخر و عمل صالحاَ فلهم اجرهم عند ربهم ولاخوف عليهم و لا هم يحزنونَ
    معني؛ جن ايمان آندو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ۽ چڱا ڪم ڪيائون، انهن جو اجر سندن رب وٽ آهي، نه انهن کي ڪو ڊپ آهي نه اهي غمگين ٿيندا ...

    يا وري هي ٻي آيت پڻ ساڳئي مضمون کي بيان ڪري ٿي
    سوره يونس آيت نمبر 62 پاره 22
    اَلَا اِنَ اَولِيَآءَ اللهِ لاَ خَوف عَلَيهِم وَلاَ هُم يَحزَنُونَ
    ياد رکو! الله جا دوست. نه ڪڏهن خوف ۾ هوندا آهن ۽ نه ڪڏهن غمگين ٿيندا آهن ..

    نوٽ؛ اهڙيون ڪئي آيتون آهن جي پوري قرآن ۾ جا بجا نظر اينديون ...

    بيت؛ سر ڪلياڻ
    آگــــي ڪيـــــا اڳهيــــــن، نســــــورو ئــــــــي نــــــور،
    لاخوف عليهم ولاهم يحزنون، سچن ڪونهي سور،
    مــــــــولي ڪيــــــو مـــعمــــــور، انگ ازل ۾ ان جو.

    (سمجهاڻي؛ ساڳي قرآني آيت کي شاه سڳوري پڻ ڪجهه هنڌن تي استعمال ڪيو آهي، جنهن ۾ پڻ اهو ئي پيغام آهي ته ايمان جي پختن ۽ سچن ماڻهن کي نه هن دنيا ۾ ڪو خوف ۽ نقصان جو انديشو آهي ۽ نه وري ايندڙ دنيا ۾ ئي کين ڪو ڏک رسندو …)
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    6.
    قرآني آيت؛ سوره الاخلاص
    قل هو الله احد (1) الله الصمد (2) لم يلد ولم يولد (3) ولم يڪن له ڪفواَ احد
    معني؛ چئه ته الله هڪ آهي، الله بي نياز آهي، نه ڪنهنکي ڄڻيو اٿس نه ڪنهن مان ڄائو آهي، ۽ نه وري ڪو سندس جهڙو آهي ...

    نوٽ؛ مٿين آيت الله جي وحدانيت تي هڪ جامع دليل آهي ... ان جامع دليل کي اسانجي شاه ڪيترن ئي هنڌن تي استعمال ڪيو آهي ...

    بيت 1؛ سر مارئي
    چرن، چڻڪن چت ۾، وساريان، ڪين وري،
    ڪنان عهد الست، جــــي، ڪ تهائين پري،
    لـــم يلـــد ولم يولــــد، مارئي ڪــوه ڪري،
    اڄ ڪـي ڪالهه مري، ساري سانڀيئڙن کي.

    بيت 2؛ سر آسا
    اسين سڪون جن کي، اسين پڻ سيئي،
    لــم يلــد ولم يولــد، وَنءُ اوڏانهن پيهي،
    تهـان منجهيئي، پـــارک! پرک حق کي.
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه سائين واهه تمام بهترين
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مهرباني ادا عبدالوهاب عرف عبدو !
    يار! اصل ڪو سر سارنگ ٿي پيو آهين، جڏهن ڳايون ته غائب جڏهن وساريون ته حاضر ... ڪجهه ڏينهن اڳ ادو علي علي مرليون وڄائي وڄائي پاڻ مرلي ٿي ويو پر تون جو اصل گم ... اڄ وري وسيون آهين ته بس سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سائو ڪري ڇڏيو اٿي ... اسانجون اکيون ٿڌيون پر يار دوستن جو سَڏََ ته ٻڌندو ڪر ... نه ته سزا ۾ اسان سڀني جي ناشتي جو بندوبست به توکي ئي ڪرڻو پوندو !!!

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    7۔ قرآني آيت 54 سورة القصص پ 20

    وَيَدرَؤُنَ بـِـالـحَسَنـَةِ الســيـِـئـَـةَ ...........................
    ترجمه: چڱائي سان برائي کي دفع ڪن ٿا
    شان نزول :
    جڏهن اهل ڪتاب مان ڪو مسلمان ٿيندو هو ته ٻيا مشرڪ ان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا گاريون گند ڏيندا هئا ليڪن اهي انهن کي گارگند ڏيڻ بجاء صبرڪندي عفو و درگذر کان ڪم وٺندا هئا ۽ کين نيڪي ڪندي معاف ڪندا هئا.
    مقصد ته برن سان ڀلائي ڪرڻ الله جي پيارن جو ڪم آهي ڇوته انهن صبرڪندڙن لاء الله تعالي فرمائي ٿو
    الئک يؤتون اجرهم مرتين بما صبروا
    يعني اهي پنهنجو اجر ٻه ڀيرا ڏنا ويندا ان جي ڪري جو صبر ڪيائون .
    ان طرف اشارو ڪندي سهڻو لطيف فرمائي ٿو:
    بيت 17 سر يمن ڪلياڻ ص 126
    هــو چــوني تــون مَ چئه، واتئــــون ورائـــــي،
    اڳ اڳــــرائي جـــو ڪـــري، خطا سو کـائي،
    پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سبحان الله!
    ادا رحيم بخش! تمام سهنو بيت ۽ تمام سهڻي سمجهاڻي ... جزاڪ الله خئير
    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    8.
    بيت؛ سر ڪلياڻ
    اول الله عليــــم، اعلا عالـــــم جو ڌڻـــــــي،
    قــادر پنهنجــي قدرت سين، قائم آهي قديـم،
    والـــــي، واحــــد، وحـــــده، رازق، رب رحيــــم،
    سو ساراه سچـــو ڌڻــــي، چئي حمد حڪيـم،
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي.


    نوٽ؛ سبحان الله! سهڻي لطيف مٿي ڏنل بيت ۾ قرآن جي ڪيترين ئي آيتن، جملن ۽ لفظن کي استعمال ڪندي، الله جي وڏائي، وحدانيت ۽ تعريف ڪئي آهي جو جيڪر هن هڪ ئي بيت جي تشريح ۽ معني ڪندي ڪئي ڪتاب ڀرجي وڃن پر تنهن هوندي به الله جي تعريف کٽندي نه ۽ بيت جي سمجهاڻي پوري ٿيندي ڪونه ...

    سوره الفاتحه، سوره الاخلاص، آيت الڪرسي يا وري سوره الحشر جون آخري ٽي آيتون معني سان پڙهيون وڃن ته ڀٽ جي ان بيت جي سمجهاڻي سمجهه ۾ اچي ويندي ...
     
  18. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين قبلا نثار ابڙو جن کي گذارش آهي ته هن بيت جي سمجهائي پاڻ موڪلين
    مان فقط بيت ۽ آيت موڪليان ٿو
    1.
    أَلا إِنَّ أَوْلِيَاءَ اللَّهِ لا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلا هُمْ يَحْزَنُونَ
    اَلَا اِنَ اَولِيَآءَ اللهِ لاَ خَوف عَلَيهِم وَلاَ هُم يَحزَنُونَ
    سوره يونس آيت نمبر 62 پاره 22

    بيت سرڪلياڻ
    آگي ڪيا اڳهين ، نسورو ئي نور
    لاَ خَوف عَلَيهِم وَلاَهُم يَحزَنُونَ سچن ڪونهي سور
    مولي ڪيو معمور انگ ازل ۾ ان جي.
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست رحيم بخش ؛ جزاڪ الله خئير، سهڻي آيت آهي ۽ ان سان ٽهڪندڙ ۽ هوبهو معني وارو لطيف سڳوري جو بيت پڻ انتهائي معني وارو آهي .... هن ڌاڳي جي اندراج نمبر پنجين ۾ اڳواٽ ئي اهو بيت ۽ ان سان ٽهڪندڙ آيت ونڊ ڪري چڪو آهيان ... اوهانجي موڪليل ان آيت کي پڻ ان پنجين نمبر ۾ داخل سمجهجي ته سون تي موتين جو ڪم ...

    shal judy hujeen
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

    قرآني آيت؛ سورت العصر
    والعصر (1) ان الانسان لفي خسرِ (2) الا الذين آمنوا و عملوا الصالحات و توا صوابالحق و توا صوابالصبر (3)
    معني: زماني جي قسم، بيشڪ انسان ٽوٽ ۾ آهي، سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو، سٺا ڪم ڪيا، حق جي پرچار ڪئي ۽ هڪٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي.

    نوٽ؛ هن آيت ۾ الله تعالا انسان جي حالت بيان ڪندي چيو آهي ته انسان هن دنيا ۾ اچي نقصان ۾ پيو آهي، پر اهي ماڻهون جي پنهنجي ايمان کي پختو رکندا، نيڪ عمل ڪندا ۽ صبر ۽ حق جي راه جا پارکو شاره ٿيندا ته سندن ڇوٽڪارو ٿي ويندو ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي ويندا ....

    ساڳي ڳالهه کي ڀٽائي سرڪار پڻ ورجائيندو رهيو آهي،
    بيت؛ سر بروو سنڌي
    ڪــــوٺي ڪٺائون، اڄ پڻ اکــــڙين سيـــن،
    ماس ورهـــــائي هليا، ڪرنگــــل ڇڏيائـون،
    و توا صوابالحق و توا صوابالصبر، ائين اتائون.
    مئــــي مــــاريائون، کــــلي گهائيو سڄڻيــــن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو