سوشل ميڊيا مان سنڌ ڪيئن ٿي فائدو وٺي سگهي؟ سحر گل هي مضمونُ انٽرنيٽَ جي مثبت پهلوئن ۽ منفي امڪانن تي روشني وجهي ٿو. هن مضمون لکڻ ۾ مون کي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي چونڊ ۾ ڏکيائي ٿيندي رهي، ڪن لفظن/اصطلاحن جو ته مون ترجمو ڪيو آهي، باقي ڪن لفظن کي مون جيئن جو تيئن يا سنڌي رنگُ ڏئي ڪَتَبُ آندو آهي، ان جي درست هجڻ يا نه هجڻ جو فيصلو پڙهندڙ ۽ ٻوليءَ جو ادارو ڪندا. انٽرنيٽ هن دور جي اهم ترين ايجاد، ڄڻ ته قديم دور جي انسان جي خواهشن جي مادِي شڪل آهي. پراڻن دورن ۾ ڪيترائي اهڙا تصوراتي ۽ ڏند ڪٿائي داستان موجود آهن، جيڪي ناممڪن تصوراتي خيالن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ بابت اشارا ڏيندا هئا. مثال طور قديم ايران جي هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار بادشاهه جمشِيد وٽ هڪ ڪوپَ/ٽِڀَي نما جادوئي ٿانءُ هو، جنهن کي ”جامِ جهان نما“، يا ”جامِ گَيتِي“ سڏبو هو، انگريزيءَ ۾ ان کي (دي ڪَپ آف جمشِيد چئجي ٿو)، اُن ٿانءَ ۾ فنائيتَ جي خاتمي جو جام پيل هو. اهو به چوندا آهن ته شاهه جمشيد ان ٽِڀي ۾ سموري ڪائنات جي لقائن جو پيو مُشاهدو ڪندو هو، يا جڏهن ڪو معاملو يا سُوال کيس مُنجهائيندو هو ته هو ان ٿانءَ ۾ نهاري ان جو جواب لهي وٺندو هو. يا وري علادين جي ڏِيئي واري ڏند ڪٿا، جيڪو اڻ ٿيڻِيُن مادي توڙي خيالي خواهشن کي ممڪن ڪندو هو، اهڙيون ڪئين ڏند ڪٿائي ڪهاڻيون جاگرافيائي مفاصلن جي حدبندين ۽ علم جي وُسعت کي انسان جي مختصر حياتيءَ ۾ حاصل ڪرڻ جي حسرت جي نتيجي ۾ پئدا ڪيل داستان هئا. داستان ڇا، دل کي خوش رکڻ جا اهڙا خيال هئا، جن کي فاني انسان کيس درپيش حدبندين کي غير اهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. ان ۾ ڪو وڌاءُ نه چئبو ته انٽرنيٽ اُنهن قديم تصورن ۽ ڏند ڪٿائُن جي ترجُماني آهي. نيٽَ انسان ذات کي رابطي ڪاريءَ جي حيرت انگيز سهولت سان گڏ علم جا ڀنڊار مُهيا ڪيا آهن، کيس علم جو وسيع تر ۽ ڪائناتگير ڄار وڇائي ڏنو آهي. اشتراڪيت يعني ونڊي وِرهائي ماڻڻ جو هڪ عظيم مثال آهي، ”نڪا جهَلَ نڪا پَلَ، سڀڪو پَسَي پرينءَ کي“ ته جيڪو اچي، سو پيو ان علم جي سمونڊ مان قطرا کڻي... اڳي جتي علمَ يا ته درسگاهُن جي ڪلاسَن يا ڪتابن تائين محدود هوندا هئا، يا وري ان جي ڳولها ۾ علمَ ۽ ڏاهپَ جا اُڃيا هزارين ميل پنڌ جهاڳي، عجب ڏِٺل يا اڻ ڏِٺل ماڳن ۽ مڪانن تي پهچندا هئا، سندن عُمِريون سفرَ ۾ گذرنديون هيون، ڏاهپ جي دنيا ۾ ان کي وقت جي زيانَ بدران لازمي تجربو سمجهبو هو. اتي هاڻي علمُ تيزيءَ سان هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ ڏانهن لمحن ۾ پهچي پيو. جتي اڄ به ڪيترين ئي جاين تي ماڻهو ڪتابن پڙهڻ لاءِ ڪُتُب خانن ۽ ڪتاب گهرن ڏانهن ويندا آهن، اُتي هاڻي ڪي ماڻهو فقط هڪ ننڍڙي ”يُو ايس بي“ ۾ هزارين ڪتاب کيسي ۾ کڻي گُهمي سگهي ٿو... نيٽَ ذريعي علم جي وُسعت جي انتها آهي ته انسان جي عُمِرَ کُٽِيو وڃي، پر سندس پُهچَ ۾ علم جي سمونڊ مان هو ذرو ئي پي سگهي ٿو، مٿان وري ان وُسعت تي پُهُچَ ايڏي اوکي نه رهي آهي. نيٽَ جي هن سِيرَ ۾ وهندڙ ڄاڻَ جي خزاني جي ماسَي مالَ ۾ به ماڻهو ڀرجيو وڃي. ڄاڻ جو ڄار ايترو ته وسيع آهي، جو ماڻهوءَ لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ته ڪيڏانهن مُنهن ڪري. کيس چونڊڻو ٿو پوي ته انهن خرارن مان ڪهڙا ڪڻا کڻي، ڪهڙا ڇڏي، ڪهڙي علم پويان سرگردان ٿئي، ڪهڙو لنوائي. 21 هين صديءَ جو هيءُ دورُ دنيا جي ايجادُن/کوجنائن جو کَٽِيو پيو ماڻي. رابطي ڪاريءَ جي ذريعن يعني، موبائيل فونُن، اِي ميل، فيس بُڪ، ٽُوِٽَر، ذاتي ۽ ادارتي بِلاگن ۽ ويب سائيٽُن دنيا جو ڏيک ئي مٽائي ڇڏيو آهي. مفاصلا غير اهم ٿي ويا آهن، اسڪائيپ ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ ويٺل ماڻهوءَ سان ڳالهائي سگهجي ٿو، ڏُورانهن ملڪن ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ حصو وٺي سگهجي ٿو، مفاصلا ۽ جاگرافيائي وِٿيون غير اهم ٿي ويون آهن. فيس بُڪ تي هڪ ئي وقت لکين ماڻهو هڪٻئي سان معلومات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا، جيڪو پنهنجي ذاتي اظهارِ خيال جي مشهوريءَ جو بهترين ذريعو آهي. ان رابطي ڪاريءَ جي نئين جهان جيڪي نوان لقاءَ انسان ذات کي عطا ڪيا آهن، انهن جي بهتر استعمال تي غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو سماج صدين کان ڪُنڊائِتو رهيو آهي، ان کي هن معجزي جي ڪري بهترين موقعو مليو آهي ته هو ان ذريعي عالمي ميلي ۾ بهرو وٺي ڌرتيءَ ۽ قوم لاءِ ڪجهه ڪري. نيٽَ جتي رابطي ڪاريءَ جي وقفن کي سُسائي لڳ ڀڳ گُم ڪري ڇڏيو آهي، اُتي اُن جي ڪري دنيا جي سماجن کي درپيش ڪيترائي خطرا به آهن، جن کي سمجهڻ سان ان عظيم عالمي ايجاد جو بطور هڪ قوم جي اسين بهتر استعمال ڪري سگهون ٿا. نيٽَ جي فائدن ۽ نقصانن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿا: .نيٽَ تي موجود اڪثر ڄاڻ جي سچائيءَ جي تصديق ڪرڻ ڏکي آهي ته هيءَ ڄاڻ درست آهي يا نه، يا وري ان جو بنيادي تخليقڪار ڪيرُ آهي. نيٽَ جي ماهرن ڄاڻ جي اِنَ انبار جي سچي هجڻ جي ساک لاءِ ڪو بهتر نظام اڃان سامهون نه آندو آهي. ان ڪري اڪثر ڄاڻ تدريسي تحقيق لاءِ صحيح نه آهي. مثال طور دنيا جون يونيورسٽيون وِڪِيپِيڊيا جي مواد کي تحقيق لاءِ جُڳاڙي سمجهن ٿيون، جو وِڪِيپِيڊيا تي ڪير به مواد چاڙهي سگهي ٿو. .اِي ميل، فيس بُڪ جي صفحن ۽ بلاگن کي ماڻهو ذاتي مفادن يا اَسهپ ڪارڻ گُمنام رهي، پنهنجي مخالفَ جي توهين ڪرڻ خاطر به استعمال ڪن ٿا، پاڻ وٽ به ڪيتريون ئي اهڙيون فيس بُڪ جون غير حقيقي گُمنام سُڃاڻپون ٺهيل آهن، جن مان اڪثريتي صفحن جو مواد انهن جي ٺاهيندڙن جي ساک تي سُوال اُٿاري ٿو. انهن کي مان پروپيگنڊائي ويب سائيٽُون سڏينديس، جن کي نفرت جو مواد پکيڙڻ لاءِ ٺاهيو ٿو وڃي. ان نفرت جي پکيڙ لاءِ ته موبائيل فونون به پاڻ وٽ ڀرپور استعمال ٿينديون آهن، جنهن ۾ پنهنجي مُخالف لاءِ ماڻهو ڀنڊي ٻاريو ڏين. جي ٻولي اخلاقن جي دائرن ۾ هجي ته متضاد خيال کي رد ڪرڻ لاءِ اهي ذريعا استعمال ڪري سگهجن ٿا، اهو هر انسان جو حق به آهي، پر شائستگي ان جو لازمي جُز هجڻ گُهرجي. .هڪ اهم ترين مثال اهو ته دنيا جي تاريخ ۾ هي عجيب و غريب دور اسان جي نسل جي حصي ۾ آيو آهي، جنهن ۾ نيٽَ جي دنيا ۾ اسين هڪ ئي وقت مَرتِيَن ۾ شريڪ ٿيون ٿا ته خوشيءَ جي ڏڻن ۾ به. ڪنهن دوست کي سالگره جي مُبارڪ ٿا ڏيون ته ڪٿي مرتين يا حاثن تي افسوس ٿا ڪريون. اهي ٻئي متضاد عمل ماڻهو هڪ ئي وقت ڪري ٿو. اهو مخصوص لقاءُ هڪ پاسي رابطي ڪاريءَ جي حوالي کان وِٿِيُن جي برق رفتاريءَ سان ختم ٿيڻ جو نمونو پيش ڪري ٿو ته ٻئي پاسي اهو لقاءُ انساني سماج جي ثقافتي پهلوئن کي ڌُوڏي ان کي هڪ نئين رَسمَ سان رُوشناس ڪرائي ٿو. سماجُ اولهَه جو هجي يا اوڀر جو، اڃا تائين اُنهن سماجن ۾ مرتيي ۽ شاديءَ ۾ هڪ ئي وقت جسماني طور شرڪت ڪرڻ جهڙين رسمُن کي عيبائتو عمل چئبو. پر سماجي ميڊيا ان مخصوص رسمَ خوشيءَ ۽ غَمَ جي ان اختلاف کي ڊاهڻ شُروع ڪيو آهي، ماڻهو هڪ ئي وقت واڌائي ناما ۽ تعزيت ناما لکي ٿو، يعني خوشيءَ ۾ جُهمري به پائي ٿو ته ان ئي وقت مرتيي تي لڙڪ به لاڙي ٿو، ان ناقابل قبول لقاءَ جو نيٽ جي دنيا تي لاڳو ٿيڻ ان جي حقيقي زماني ۾ لاڳُو ٿيڻ جو پيش خيمو ٿي سگهي ٿو، جي اخلاقي طور تي اهو عمل درست نه لڳي ته پوءِ ان کي عام زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ کان ڪيئن روڪي سگهبو؟ نفسيات جي علم موجب لُڙڪَ ۽ مُرڪَ هڪ ئي وقت هجڻ اڪثر صورتحال ۾ صحتمند ذهن جي نشاني نه آهي. ته ڇا نيٽ جي دنيا انهن عجيب و غريب لقائن سان غير صحتمند لاڙا پئدا ڪري انهن کي مادي شڪل ڏيندي؟ نفسيات جا ماهر ان جو تجزيو بهتر طور ڪري سگهن ٿا ته ظاهري طور تي متضاد لاڙن جو انساني ذهن ۾ هڪ ئي وقت پئدا ٿيڻ ڪهڙا نقصان آڻي سگهي ٿو؟ ان موضوع کي وڌيڪ ڦلهورڻ جي ضرورت آهي، باقي مان نٿي سمجهان ته ڪو هاڻي ان وهڪري کي روڪي سگهجي ٿو. .هڪ پاسي نيٽَ ذريعي انساني ترقيءَ جي رفتار وڏيون ٻِرانگُهون پائيندي پئي وڃي، موثر رابطه ڪاري، وسيع علم تي پُهچَ انسان ذات لاءِ پوري عالمَ ڏانهن دَرَ کولي ڇڏيا آهن؛ ته ٻئي پاسي انهن سهولتن کي انتهاپسند قوتون به انسان دشمن مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿيون. مثال طور جِهادي گِروههَ رابطي جي ان ذريعي کي وڌيڪ موثر طريقي سان ڪتب آڻڻ ۾ انسان دوست گِروهن کان به گوءِ کڻي ويا آهن. منهنجي مُشاهدي مُطابق 2008ع جي چُونڊن ۾ پاڪستان ۾ ان ميڊيا جو استعمال ايترو ته پي ايم ايل (نواز) ۽ پيپلز پارٽيءَ به نه ڪيو هو، جيترو گُذريل ڏهاڪي ۾ جِهادي گِروهن ڪيو هو. نيٽَ کي جيتري انتظام ۽ سليقي سان جِهادي ميڊيا استعمال ڪيو آهي، اوترو جمهوري قوتون ڪن ته نتيجا ڀلا ملندا. .عام مادي فطري ۽ سماجي دنيا جيان هتي به اوهان کي هڪ پاسي ڏاهپ، سُوجهه ۽ سمجهه سان ڀريل جهان نظر ايندو ته ٻئي پاسي اوهان کي لڳندو ته اتي به منفيت جي لقائن جو ڇيهُه نه آهي.ِ گُوگل ۽ يُو ٽيوب ذريعي فحش مواد ۽ فلمُن جو واهپو به وڌي ويو آهي، جتي نوجوان نَسُل علم جي ذخيرن کي ماڻي ٿو، اُتي کيس ان منفيت تي به پهچ حاصل آهي. اثبات ۽ منفيت جي هڪ ئي وقت ميسر جهانَ ۾ نوجوانن کي ڪيئن دُرست ڏِسَ ڏانهن لاڙجي، اها نيٽَ جي سماجي ميڊيا ۽ عام سماج لاءِ هڪ پيچيده صورتحال آهي. .نيٽ جو اهو جهانُ نشي جي ٻاڙَ (ايڊِڪشن ) جيان ٿي چُڪو آهي، فيس بُڪ تي اسٽيٽَس (موجود حالت) لکڻ، يعني ٻين کي ٻڌائڻ ته هو هن وقت ڇا ڪري/سوچي رهيو/رهي آهي، ۽ ٻئي جو حال ڏسڻ، ته ٻيو ڇا ڪري رهيو آهي، ان لاءِ ماڻهو اُتاولا هجن ٿا. پر اها ڪهڙي مصروفيتَ آهي؟ جنهن ۾ ماڻهو ويٺو ٻين جي زندگين ۾ جهاتيون پائي؟ .ظاهري ڏيکاءُ جو جيڪو ماڳ فيس بُڪ فراهم ڪري ٿو، ان ماڻهوءَ جا شهرت جا هڙئي ارمان پورا ڪيا آهن، اڳي ميڊيا تي تصوير يا خبر هلڻ فقط مشهور شخصيتن جو ڀاڳُ هو، پر هاڻي ته ڪِرِڙ ڪانڊيري جو به فيس بُڪ آهي، هو پنهنجي ۽ پنهنجي ٻار جو فوٽو پوري عالم ۾ ڏيکاري سگهي ٿو، سنڌ جي حَقن جو سُوال ٻين قومن ۽ انساني حَقن جي ادارن سان سَلَي سگهي ٿو. اهو ته ٿيو مثبت پاسو، پر ان حوالي کان درپيش خطرو اهو آهي ته ڪٿي ذاتي نمائش يا ظاهري ڏيک کي ماڻهو اولين ترجيحَ تي رکي، ۽ علمي سگهه کي ٻئي درجي جي حيثيت ڏين، اڳ به اسان وٽ ميڊيائي نمائش جي ڪري ظاهر کي سينگارڻ سنوارڻ جي ريتَ باطن جي سنوار کان وڌيڪ حاوي آهي. .فوٽُن ۽ لکڻين تي ”لائيڪ“ يا ”پسند“ جو نشان هڻڻ به عجيب آهي. اوهين غور ڪندئو ته اوهان کي لکڻين کي پسند ڪندڙ گھٽ ۽ فوٽُن کي پسند ڪرڻ وارن جو انگ جام ملندو. ان سان ماڻهن جي ذهني بلوغت ۽ فِڪري لاڙن جي به خبر پوي ٿي. منهنجي مشاهدي موجب ماڻهو ڪو لکيل مضمون پڙهن يا نه پڙهن، ان کي ”پسند“ ضرور ڪندا. اهو به ڏٺو ويو آهي ته فيس بُڪ جي وال/ڀِتِ تي ڪيترن ئي حال اورڻ وارن ۽ فوٽُن جي ڌڻين جو سڄو ڌيان ان تي لاڙيل هوندو آهي ته ڪيترن ماڻهن فوٽو يا سندن اوريل حال کي پسند ڪيو، ڄڻ ته اهي ”پسند“ جا نشان ڪنهن ذهن جو اُٻهرو يا سطحي عمل نه، پر ٻئي جي ليک يا فوٽو جي بهتر، يا بهتر نه هجڻ جو سرٽيفيڪيٽ هجن. .قلم ذريعي نظرياتي جدوجهد جيتوڻيڪ عملي جدوجهد جو اهم ۽ مرڪزي نقطو آهي، پر انٽرنيٽ تي ويهي ڪري مزاحمتي بيان لکڻ جو هڪ امڪاني نقصان اهو به ٿي سگهي ٿو ته لفظي مزاحمت کي ئي ماڻهو اهم ڪمُ سمجهي سرگرمي يا تحريڪ ۾ عملي طرح شرڪت ڪرڻ کان لنوائي وڃي. جيئن صَوفَي يا ڪوچَ تي ويهي پٽاٽن جا چپس کائي ڪارٽون ۽ فلمون ڏسندڙن کي ”ڪائوچ پوٽيٽو“، يعني ڪوچَن تي ويٺل پٽاٽا سڏبو آهي، تيئن مان نيٽَ ذريعي لفظي مزاحمت ڪندڙن کي ڪوچَن تي ويٺل انقلابي سڏيندس، جيڪي سڄو ڏينهن انٽرنيٽ تي ويهي سرگرم ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪن ٿا. جيتوڻيڪ انٽرنيٽ تي سرگرمي ڪنهن به تحريڪ جو اهم ۽ لازمي جُز آهي، دنيا جو هر ادارو ويندي سياسي پارٽيون ان جو استعمال ڪن ٿيون، اوباما جي صدارتي چُونڊُن جي مُهِم ٽُوِٽَر ذريعي تمام گھڻي هلي. پر خيالن ذريعي ان سرگرميءَ جو مظاهرو عملي سرگرميءَ سان سلهاڙيل هجي، تڏهن ئي لاڀائتو هوندو. پاڪستان جي نام نهاد قومي ميڊيا ۾ سنڌ ۽ سنڌ سان واڳيل مسئلن کي اردو ميڊيا اها جاءِ نٿي ڏئي، پاڻ وٽ سنڌي ميڊيا ته آهي پر ان جو ڏسندڙ غير سنڌي وِرلي ئي آهي. ان مخصوص صورتحال ۾ نيٽَ جي سوشل ميڊيا جو جهانُ پاڻ لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي، جنهن مان فرد، ادارا، ۽ خاص طور تي سياسي پارٽيون وڏو فائدو وٺي سگهن ٿيون. اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌي نوجوانن جو وڏو حصو جيئن هر شعبي ۾ ڪافي متحرڪ آهي ته اهو نيٽَ جي دنيا ۾ به متحرڪ سرگرم آهي، کيس اهو دڳ ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي ته هو ان موقعي مان ڪيئن فائدو وٺي پنهنجي علمَ، ڪِرت/پيشي، ۽ پنهنجي سياسي پارٽيءَ کي کي ڀرپور لاڀ وٺرائي.