ٿڌي چُلهه

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪهاڻي
    ٿڌي چُلهه
    اڪبر سومرو

    ڦوهه جوانيءَ جا ڏينهن هئس، جڏهن هوءَ پرئينءَ ڀر قلعي قافلي تي رهندي هئي. ويڪرو ماسيرو چهرو، اکيون نڀور ڪاريون، چڀندڙ، ڳلن مان ڄڻ رت ٿي ڦوٽون ٿي نڪتس. وات ننڍڙو، چپ گلابي پر ٿورڙا اڇيرڙا، نڪ ڪُنڍو، جنهن ۾ وڏو فيروزو ڊگهي ڳچي، چيلهه کان چوٽيءَ ڪارا وار، هٿين پيرين پن آر کڻين ڄڻ ڪنهن مرمر جو بت گهڙي ٺاهي کڻي رکيو هو.
    سونهن ته گهڻئي هئس پر لحاظ ٽڪي جو به نه هئس، رُکي به ڏاڍي هئي. مڙسهنس سان ته ٺپ نه ٺهندي هئي. ٺهي به ڇو! ماستر ماڻهو ايمانداري؛ اڇا ڪپڙا ۽ عزت سلامت. پگهار جا ٻه ڏوڪڙ ملندا هئس، سي ئي آڻي اڳيان رکندو هئس. پر رن هئي جنهن جي اک ئي ڪانه ٻڏندي هئي انهن چئن پنجن ڳاڙهن نوٽن تي اونهه: ڪري موڙو ڏيئي ڌيڻس کي سڏيندي هئي.“
    ”ائي ڀوران....! او ڀوران....، ڇوري هي کڻي وڃي سُونڳي ۾ رک.“ ڄڻ باور ڪرائيندي هئس ته: ”اهي جيڪي نوٽ آندا اٿئي نه، سي منهنجي ڏينهن ٻن جي ڪمائي جيترا مس آهن ميان! هليو آهي مڙس گهر سنڀالڻ.“ ليکيندي ئي ڪانه هئس تاک ۽ مڙس جو اندر ويتر تر لڳل ديڳڙي جهڙو ٿي ويندو هو.
    خارن مان سور پي وڃي اندر ڪوٺيءَ ۾ گرامر جي ڪتابن کي لڳندو هو. ڪتاب به جام گڏ ڪيا هئائين. گرامر ۽ مضمون نويسيءَ کان وٺي قليچ بيگ، فتح محمد سيوهاڻي، محمد صديق ”مسافر“، لوڪ ادب توڙي تواريخ جا.
    غيرن سان وري اهڙا وڙ ڪندي هئي جو نسو ئي ڪين لهندو هئن. ڪي ڪيترا ڏينهن ياد ڪو پيا چشڪا وٺندا هئا. ۽ وريو پيا راڄن کي ڏس ڏيندا هئا.
    مڙسهنس سان پوندي ڪانه هئس. پهرين ڏينهن کان ئي انڪار ڪيو هئائين ماستر سان پرڻجڻ جو، ماستر جي عمر لڙيل هئي ۽ هن جي عمر وري ڪچي شاديءَ کان پوءِ به هنن پاڻ ۾ ٺهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بلڪ نوابزاديءَ ته ڪڏهن هن کي پنهنجو مڙس دليئون تسليم ئي نه ڪيو هو.
    اڌ ڪچي، اڌ پڪي گهر ۾ هڪڙو وڏو ڪمرو هو، جنهن ۾ ڪارو ڪاٺ جو وڏو پاون وارو گلڪاريءَ ۽ مٿن کان چينيءَ جون سرون ۽ آرسيون پيل پلنگ هو، جنهن جون چوڙيون گهڻي استعمال ٿيڻ ڪري ڪي قدر ڍريون ٿي ويون هيون. چار ڪاٺ جون ڪاريون نيٽ سان واڻيل ڪرسيون گول پاون سان، هڪڙي ٽپائي، هڪڙو پنگهو ۽ ساڳئي پراڻي طرز جي ڊريسنگ ٽيبل جنهن ۾ ماڻهوءَ جي اڌ تائين رڳو خانا ۽ مٿان آرسي جنهن تي نوابزاديءَ جو قبضو هو. سال ٿي ويا هئا جو ماستر ان ڪمري ۾ سمهڻ جي پچر ئي ڇڏي ڏني. پاسي ۾ هڪ ڪوٺي جنهن ۾ ڪاٺ جو هڪڙو صندل پيل. ماستر جو سمهڻ ليٽڻ، ويهڻ ۽ پڙهڻ ان تي ئي ٿيندو هو. ڀتين تي تختا لڳل، جن تي دز چڙهيل، اخبارن جا ڍڳ ۽ ڪتاب، اخبار تعليم جا سٿا جنهن کي ڪو ڇنڊڻ جي تڪليف به نه ڪندو هو. هيٺ سرن جي فرش تي چلمچي. ٻئي طرف سندس ڪوٽ ڪلين ۾ ٽنگيل جنهن مٿان دز، واڪنگ اسٽڪ، ڇٽي جيڪي پڻ ڪلين ۾ ٽنگيل. تڏي ۽ ڪاٺين جي پٽين جي ڇت جنهن ۾ جھرڪين جا ٻه آکيرا ۽ ڪنڊن ۾ ڄارا، ورانڊي ۾ گهڙا منجي ۽ وڏيون ٻه صندوقون. اڱڻ ۾ ٻه ٽي ديسي ڪڪڙيون ۽ هڪڙو ڪڪڙ گهمي گهمي وٺيون لاهيندڙ. ڪنڊ ۾ هئنڊ پمپ پوءِ رڌڻو، وهنجڻ جاءِ ۽ آخر ۾ ڪاڪوس ۽ ٻاهريون دروازو جنهن اڳيان گهٽيءَ ۾ دلي، جنهن جي آڏ ۾ گراهڪ اچي بيهندا هئا. هوءَ مٽ ۾ تڙ سوپاري جي وجھي پن جي ٻيڙي دکائي بنان گنديءَ جي اچي در مان ٻوٿي ۽ اڌ ڌڙ ڪڍي بيهندي هئي ته پوءِ ”ٻج کٽي يا سج کٽي“ ٻيڙين مٿان ٻيڙيون پيون دکنديون هيون وات ۾ تڙ پيئي ڦرندي ۽ ڳرندي هئي ۽ ٽهڪن مٿان ٽهڪ پيا اڏامندا هئا.
    واندي هوندي هئي ته اڳٺ ٺاهيندي هئي. پهرين ٻه چار گهمرا مڙسهنس پراون مردن سان بيهندي ڏٺس ته هُن ٻڌايس ”ويچارا اڳٺ ۽ سڳيون وٺڻ ۽ ٺهرائڻ ايندا آهن.“ تڏهن زال تي رعب ويٺل هوس سو چيائينس:
    ”پوءِ تون ڇو ٿي ڳالهائين؟ ڇوڪريءَ کي چئه پاڻهي ڳالهائيندن.“
    ”ڇوري مُئيءَ کي چؤ هڪڙي ته ڪري وڃيو ٻي.“ هن بچاءُ ۾ ڳالهايو ته هو چپ ٿي ويو.
    ڏينهن گذري ويا:
    هڪڙي ڀيري اسڪول مان موٽيو ته هن ڏٺو، ڪو دليءَ ۾ هن جي گوري ٻانهن جھليو بيٺو هو ۽ ٻيئي ڪچهري ۾ مگن هئا. لوندڙيون ۽ ٻانهن جا وار اڇا ٿي ويل ماستر جي پراڻي رت کي ڄڀريون وٺي ويون. شريف ماڻهو، معزز استاد! ڪڇي ئي ڪونه سگهيو. اڳئين کي ائين به نه چيائين ته : ”ڀائو ڪير مڙس آهين؟“ مرم ماري وڌس، چوي به ها ته گونڊن ۽ بدمعاشن سان ڪير پڄي؟ اندر هليو ويو. هوءِ به هڪدم هَٽي، اندر آئي گندي کڻي پاتائين ۽ ٻڪل هڻي چڱي مائي ٿي چُپ چُپ اڳٺ جي تاڃي ڪڍڻ ويٺي. غيرت ۾ مڙس پهرين وڃي ٻاهريون در بند ڪيو، پوءِ ڪمري مان ڪليءَ ۾ ٽنگيل چمڙي جي هٿئي وارو نيٽ لاٿائين ۽ ٻاهر اڱڻ ۾ اچي پڇيائين،
    ”اهو به اڳٺ وٺڻ آيو هو؟“ سندس روش بدلجي ويا هئا. اکين ۾ رت ۽ غصو ڀرجي ويو هئس. ”ڀيڻ .... ماءُ.......“ هن چٻي چٻي پهريون ڀيرو کيس گاريون ڏنيون ته پهرين ته هوءَ حيران ٿي، پر مڙس جي دهشت ڇانئجي ويس. ڪڇي جهڙي ڀت رڳو ڊپ ۾ گهوريندي رهجي ويس. ٽنگون ۽ بدن بوسيءِ لڳل ٻڪريءَ جان ٿڙڪڻ لڳس. ڀوران ڀڄي وڃي ڪوٺيءَ ۾ لڪي. مڙسالي اچي جو ورتس نيٽ سان ته سَنڌ سَنڌ سٽي وڌائينس. اڱڻ ۾ چُڳندڙ ڪڪڙ ڀڙڪا ڏيئي ڪَڪ ڪَڪ ڪندا ڀتين ۽ ڇتين تي چڙهي ويا. هوءَ هئي سا توبهائون ڪندي رهي. ”او منهنجي گيسي...“ ڳوڙها وهائيندي رهي. ”او، منهنجي ابي ڏاڏي جي توبهن!“ ”اها رکي اٿئي منهنجي عزت؟“ هو ڦونگارا هڻڻ ۽ سهڪڻ لڳو. ”آئون اسڪول ۾، تون پويان....هان!“
    ”او هن ڀيري معافي بشڪ ڪرينم...“ هوءَ هٿ ٻڌي معافيون وٺڻ لڳي، پر هن جي غيرت هئي سا اڄ ڀڙڪو کائي جاڳي هئي. سَٽي سَٽي ساڻو ڪري ڇڏيائينس.
    عضوو عضوو ڪُٽي ڪارا نير ڪري وڌائينس ۽ ٿڪون اڇلائيندو، سهڪندو گهر مان نڪري ويو.
    ڪلاڪن جا ڪلاڪ روئيندي ۽ پٽيندي رهي. ”سچو رسول ڪندو اهي هٿ سُڪندئي، انهن ۾ ڪينئان پوندئي!“ ...”رب ڪندو... جيءَ ۾ لوڙيندين.“ پنهنجي مائٽن کي به پٽيندي رهي. جن هن کي اهڙو مڙس ڏنو. پار ڪڍي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. نيٺ جڏهن سج لهي ويو ته روئڻ بند ڪيائين ۽ هٿ منهن ڌوئي اندر پلنگ تي وڃي رلي اوڍي سُتي. هراسيل ڀوران به هنڌن جي پڇنڊيءَ پويان نڪتي ۽ ٻاهر ڏڪندي ڏڪندي ڪنڊ وٺي اچي ويٺي. ڪافي دير کان پوءِ پلنگ وٽ اچي چيائين: ”امان! ماني...، بک لڳي آهي.“ ته ماڻس ڊٻون هئي ڊڙي رکيس.
    ”پڻهين مار پئي کي نٿي وڃي چوين ماني.. باهه لڳئي خدا جي، آئي آهي ماني کائڻ. اچي هي وٺ پنج...“ گهروڙي ڀونڊو ڏنائينس... ماني ٿي کائي. هاڻ پڻهين اچي پچائيندو ماني.“ هن سخت خارن مان ڳالهايو ۽ وري اچي روئڻ ۾ پئي ته وهرن جا پهر ٿي ويس. تيستائين جو مڙس آيو ۽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وڃي گهڙيو.
    ڪجهه دير کان پوءِ پاڙي واري لنگهي آئي، ياري هئس ان سان به گهري، ٻيئي مليون ته هن جي همت وڌي ويئي.
    ”ائي مئو کَڏُس! مائي ماري ماري به اهڙو ڪونه ماربو آهي“ پاڙيواري لالٽين جي روشنيءَ ۾ هن جي بت جا ٻنا ڏسندي، چپن تي آڱريون ڏيندي سُس پُس ۾ ڳالهائيندي رهي.“ ”مائي اسان جا به مڙسالا آهن ڪي نه!“ ڪوري ڏهي ڇڏي.... هن ڏهي به ڪونه ڇڏي.“ ۽ نوابزادي هئي سا هن کي ڀاڪر پايون روئندي، ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. ”او منهنجي ڀيڻ .... سنڌ سنڌ ڪري ڪٽيو اٿئين.... منهنجو...“ وري پنهنجي مئل ماءُ کي ياد ڪري پار ڪڍندي رهي: ”او، منهنجي جيجڙي امان...، تون ڪٿي آهين...، هيءُ حال اچي ڏس. او منهنجي واهر اچي ڪر...، او منهنجي امڙي..،او مون کي ڪهڙا در ڏيکاريئي؟...الا...ڙي..“
    ”اَئي ٻَڙي توبهن...“ پاڙي واري سندس ڳوري ڳاڙهي بت تان ڪپڙا هٽائي هٽائي هيڊ جا پَها رکيا ۽ سيڪ ڪيو،
    ماستر هو سو ڪرسيءَ تي بالم ٿيو، چشمو پايو، بتيءَ جي سوجھري تي ڪتاب پڙهي رهيو هو، گهر ۾ دانگي ئي ڪانه چڙهي، ڀوران لاءِ پاڙيواريءَ ڀت گرهه ۽ پٽاٽا موڪليا سا کائي وڃي منجيءَ تي ڊٺي ۽ ائين صبح ٿي ويو.
    ان ڏينهن کان پوءِ زال جو ڄڻ ڀئو ٽٽي پيو ۽ پاڻ زوري ٿي پيئي، هونئن مڙس جو ٿورو گهڻو لحاظ هوندو هئس، پر ان ڏينهن بعد اهو به نه رهيو، ۽ کُلي کيلڻ لڳي. اڳ يارن کان مليل پئسا لڪائي سونگن ۾ گم ڪندي ويندي هئي ۽ آهستي آهستي کپائيندي هئي. هاڻ انهن مان نئين روز نوان وڳا ۽ جتيون اچڻ لڳيون، نوان سيٽ ٺهڻ لڳا.. وات ۾ سونو ڏند هڻايائين، هڪ ٻانهن ۾ ڪنهن يار طرفان ڏنل راڊو ۽ ٻيءَ ۾ رومال ٻڌل. هٿن ۾ چار چار منڊيون، هار، جھومڪ، پازيب، پيرن جي آڱرين ۾ ڇلڙيون، ڄڻ کرجينون لڌيون هئائين ڌن جون، سڄي شهر ۾ ياري به گهڻي پکڙجي ويس،- الاجي ڪٿان ڦٽل رنون، روڳڙيون ڪهي اچي سندس حاضري ڀرينديون هيون، چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوهن تي ڳولي لهي. سڄو ڏينهن عطر موتيا، عطر گلاب ۽ عطر چنبيليءَ جي مک مکان، سوپاري مِٽ ۾ ٻيڙين جي دک دکان، آيلن کان واندي ٿي ته وري پينگهي ۾ لوڏ لوڏان ۽ فوني تي رڪارڊن جو ڌُوڙيو:
    ”بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ.رنج غم ڀي پرايو مون، سو سڄڻ ياد اٿم دل ۾.جنهن ڏينهن کان نظر توسان، مون يار ملائي آ.بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ.
    جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جو:
    رُس نه رسڻ ۾ ڇاهي راڻاريت رسڻ جي رمز نه ڄاڻان،ريت پراڻي پيچ پراڻا،عشق اڳوڻو، سمجھ سياڻا،مومل ساڳي ماڳ پراڻا،درد نئين سر داڳ پراڻا،رُس نه رسڻ ۾ ڇاهـــي راڻا!
    پهرين ڳالهه ڀتين اندر هئي ۽ هاڻ پاڙو به ٽپي ويئي، خوشيءَ ۾ رنگ کُلي اڇو اڇو جهڙو پِس ۽ بت جهڙو ڦيڻ ٿي پيس. نئين روز نئون وڳو پوڻ ۽ لهڻ لڳو. ڀل ڀلان هئس.
    مڙسالو به ٿوريءَ تان ٿڙندو هو ته هڻي ڀڃي ڀاڱا ڪندو هئس. پادرن سان پنائي رکندو هئس ۽ هوءَ روئي روئي کيس پٽي پٽي، وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھ. هاڻ ته نڪ به لوسڻ جو ٿي ويو هئس. مارون به ڏاڍيون کائيندي هئي، پر اثر ٽڪي جو ڪونه هئس.
    ماستر گهر جا حال ته ساريو ويٺو هو، پر شريف ماڻهو، جهڙا ٻارن کي پڙهايا هئائين ادب ۽ اخلاق جا سبق تهڙو هو پاڻ نمونو، شريفن جو چهرو، مٿي ۾ تُرڪي ٽوپي، گلي جا سڀ بٽڻ بند، پاڙي جو ٻار ٻچو لنگهي ته اکيون هيٺ، زماني ۽ قانون جي ڊپ ۾ ورتل ماڻهو، عزت وڃڻ جي خوف کان ڪنبندڙ ماڻهو.
    هڪڙي ڀيري مڙسهنس ويو سندس ڳوٺ ۾ ماءُ ۽ مائٽن سان ملڻ، رات جو دير مدار پهتو ۽ گهر جو ڪڙو وڄايائين ته ٻاهر منجيءَ تي سُتل ڀُوران جي اک کلي ويئي ۽ وڃي دروازي جي تاڙي کوليائين. آوازن تي اندر پوريل يار نڪتو، ڪاٺوڙ تان ٽپندو ڀت جي ڀرسان رکيل سرن جي ڍڳ تي چڙهي وٺي جو ڏنائئين بُل ته ڀت تي چڙهي ويو. ماستر به کڻندو بانٺو اڇلائي وڄيس پر سور سهي، به کڏ تي چڙهي ويو. ڀُوران به سڀڪجهه ڏسندي رهي. پر هوءَ هاڻ ڪجهه ڪجهه سمجھڻ به لڳي هئي عزت وڃڻ جي ڊپ کان هن اوپري ماڻهوءَ جي پٺ نه ورتي باقي زالهنس جي اها لاک لاٿائين جو رڙين تي سڄي گهٽيءَ وارا ڪهي اچي در ڀيڙا ٿيا. ڊپ کان ڀوران منجيءَ تي رلي منجھ سوڙهي ٿي ڏڪندي رهي.
    ”سائين، ماستر صاحب... ڪجهه خدا جو خوف ڪريو، اويلي وڳڙي ته ٻارن کي نه ماريو....“ ماستر ڌڪي مان هٿ ڪڍي سهڪندو پاڙي وارن اڳيان اچي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪوڙ هنيو:
    ”ڀاءُ معاف ڪجو...، او... حال هي آهن جو ماني نٿي پچائي... ٿڪي ٽٽي ڳوٺان پهتو آهيان.“ هو کانئن هٿ ٻڌي معافي وٺڻ لڳو.
    ”سڀني جي ننڊ ڦٽي ويئي آهي ماستر صاحب.“ سڀ چوڻ لڳا.
    ”بس سائين هاڻ معافي.“ اشراف ماڻهو هو هٿ ٻڌي بيهي رهيو. پاڙي وارا به سمجھي ويا ته مامرو ڪهڙو آهي. پر ڪجهه ڪڇيا ڪونه. ماڻهو چڱو لحاظي هو سو چپ کڻي ساڌيائون.
    اندر آيو ته نوابزاديءَ جي ڀڳل دل ڪجهه جڙي ۽ پوءِ ڪجهه پٽيائينس، ڪجهه رعب وڌائينس... چوي: ”مئا، مون کي روز ٿو بانٺن سان گُڏين؛ پڻهين جي ڌراوت ٿي کاوان ڇا؟... جيڪا مايا آڻين ٿو سا وڃي پاڻ وٽ رک؛ گهڻي گهڻي ڪيئي ته ڇڏي هلي ويندي سانءَ پنهنجي ڌيءَ کي وٺي، پوءِ پيو ٿڪون چٽجانءِ.... مئا نانگا! .... شل ڪو دستگير کڻئي...“ هوءَ يڪو ڳالهائيندي رهي. ”طلاق، ٿئي رن ڀڙوي طلاق! باقي ڇوڪري ڪاهيندينءَ ته هونديئن به مئل...“ ماستر ڳالهايو. اها ڪورٽ به مون کي ڏياريندي، ماستر سهڪندي چئي ويو.
    مڙس کي ائي جو جوجڪي ته وڃي ڄنڊن کان وٺي ڪمري ۾ اندر اڇلايائينس ۽ در بند ڪري مڪن ۽ لتن سان لتاڙي وڌائينس. هوءَ به وراڪا ڪري اٿي ۽ ڌڪ الاري کيس گاريون ڏيڻ لڳي. هن ٺڪا مڪ ڪرايس ته وات مان رت ڦٽي نڪتس ۽ کڻي ڀت ۾ پنبوڙيائينس ته گوڏا ۽ ٺونٺيون رهڙجي ويس. ماستر سهڪي سهڪي ساڻو ٿي پيو ۽ کنگهڻ لڳو، کنگهي کنگهي وٺجي ويو. وري جو ياد آيس ”طلاق“ ته ڊڄي ويو، چئي ته ويٺو پر ڪنبي ويو لوڪ لقاءُ کان ماڻهو ڇا چوندا هان پيريءَ ۾ طلاق ٿو ڏئي!
    هوءَ پار ڪڍي روئيندي رهي. پهرن تائين سڏڪندي رهي، ماستر وڃي کنگهي کنگهي ڪوٺيءَ ۾ سُتو.
    ماستر سمجهيو هو ته هُو جيئن اسڪولي ڇوڪرن کي ماري مڃائيندو آهي ۽ اهي گسائڻ ڇڏي سبق پڪو ڪندا آهن تيئن هو زال تي به حاوي پئجي ويندو پر نفسيات جا اصول ئي پنهنجا آهن. قصو بنهه ابتڙ نڪتو: ”چري ڪيئن چئي ويران ويروڌ!“ جيان اهڙي لڳي وئي هيس ۽ لڳيس به ڇونه. ڪو ريشم جا وڳا کڻيو اچي، ڪو ڳاڙها، ساوا نوٽ، ڪو گيهه جون چؤنريون، مکڻ جا چاڻا، ماکين جا شيشا، پيو آڻي، ڪو ڪڪڙن ۽ تترن جا ولر کڻيو اچيو مهمان ٿئي. ڪو وري مند آئي انبن جون پيتيون، ٻاجھرين جون ٻوريون کڻيو نروار ٿئي. جهڙي هئي سدا ملوڪ، تهڙائي ڪيا هئائين قداور يار! جيڪي هن تي پاڻ ڳاري ويندا هئا. جهڙي، تهڙي تي اک ئي ڪانه ٻڌندي هيس. زر ۽ زميندار سان ياري ڪندي هئي.
    ماستر جڏهن ڏٺو ته رن وئي آ زور ٿي. سندس مار منجھان به ڪو اثر ڪونه ٿيو ته همت ۾ هيڻو پئجي ويو. همت ۾ ته هونئن ئي هيڻو هو جو عمر چڙهئي شادي ڪئي هئائين سو هاڻ کيس چوڻ، آکڻ ڇڏي ڏنائين. سڀ ڪجهه ڏسندي به ائين ڪن لاٽار ڪندو رهيو. ڄڻ هن ڪجهه ڏٺوئي نه هجي. منافقيءَ کان ڪم وٺندي چپ ته ٿي ويو پر اندر ئي اندر پڄر ۾ مڙس ويو کاڄندو.... ويو پتوڻو پوندو، ڪجهه مهينن اندر ڄڻ لٺ تي چمڙو. منهن جو رنگ ڌوتل بافتي جهڙو ٿي ويس. ڀوران کي جھلي کيس ڪونه ڪو رانديڪو ڏيئي ڀاڪر وجھندو هو ته اکين مان نيرن جا ٻُڪ وهندا هئس. هاڻ کنگهه وڌي ويئي هئس.
    هڪ ڏينهن ويو ڪاڪوس ۾ پيشاب ڪرڻ، کنگهه ٿيس، کانگهارو ڪڍي اڇلايائين ته رت جو شاهي دڙڳ نڪري اچي فرش تي پيو- حيران ٿي ويو، ڊپ ۾ وٺجي ويو. ڀڳو حڪيم وٽ. جنهن سلهه جو مرض ٻڌايس ته ڊپ ۾ اکيون وڌيڪ اڇيون ٿي ويس. شربت حب ۽ چاٽا ڏنائينس. ڏهه مهينا گذري ويا شربت پي پي ۽ حب کائي کائي ۽ چاٽا چٽي چٽي پر مرض نه ڇڏيس. رت، هاڻا کنگهارا اڇلائيندو رهيو. منهن هيرڻ پن جهڙو ٿي ويس. ڪوٺيءَ مان سڄو ڏينهن کنگهڪار جا آواز ايندا رهندا هئا. ويٺي ويٺي صندل تي ”وئتپتي ڪوش“ ۽ آفتاب ادب“ پڙهندو رهندو هو. اورار، پرار جا گهر ۾ ايندا رهيا پر هاڻ مڙس ۾ سڪت وڃي اها رهي هئي جو ويٺي ويٺي ڪڏهن پور پوندا هئس ته جوڻس کي گاريون ويٺو ڏيندو هو ۽ پنهنجي منهن ويٺو بڪندو هو ۽ مڻ، مڻ ڪندو هو. پر پر هوءَ به ڀائپي وئي هيس ته پوڙهو شينهن رڳو ڏر تي گير ڪندو آهي. شڪار کي ماريندو ڪونهي! ماريندا ٻيا آهن. سندس مرض تي چوندي هئي ته باڇاهه پير مرض ڏنو آهيس هاڻ ڪيتا ٿو لوڙي جو مون کي ستائيندو ۽ گاريون ڏيندو هو.
    حڪيم به حربا گهڻا هلايا پر اصل مرض ته مڙس کي غيرت جو هئو، اصل ڦٽ ته عزت جو هئس جنهن ڦڦڙ ڦاڙي پروڻ ڪيا هئس. کنگهي کنگهي الٽيون اينديون هئس جن ۾ ڄڻ ڪي ڦڦڙن جا ٽڪر ٿي نڪتس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مڙس هلي چريو حبيب ڏانهن!
    ڏاڍي خوش ٿي هئس، جڏهن مڙسس ڄارن لڳل ڪوٺيءَ ۾ پساهه پورا ڪيا هئا. چنگهي چنگهي مئو ته اکين تي هٿ ڏيڻ وارو به ڪير ڪونه هئس. اهو ته ڀوران وڃي ڏٺو، پڻس کان خرچي وٺڻ ويئي ته هو نه چُري نه پُري.
    ”امان، بابا کي الائجي ڇا ٿيو آهي.“ هن ماڻس کي چيو هو. ماڻس اچي ڏٺو ته لڳس ماستر نه مئو هو. جند جو پُڙ ڳچيءَ مان نڪتو هئس. سک جو ساهه کنيائين، آجپو محسوس ڪيائين پر لوڪ- لڄا کان هن اٿي دلن جو پاڻي هاريو، چوڙيون سون ۽ نڪ جي ڦلي لاهي پيتي ۾ اڇلايائين. دلن جو پاڻي هاري کٽون اونڌيون ڪيائين ۽ پوءِ ٻُوهاڙون ڪري روئڻ لڳي.
    ”اي منهنجا دادلا!....، او منهنجا گهوٽ ...او، آءٌ نڀاڳي توکي ڪٿي ڳوليان... او منهنجا شهزادا...“ او منهنجي سر جا سائين....، او منهنجا ملاقاتي... او منهنجا مهمان...“ پار ڪڍڻ ۾ به ماهر هئي.
    ڀوران به روئڻ لڳي: ”او منهنجا جيجڙا ابا“
    پاڙي واريون برقعا پائينديون هڪ هڪ ٿي اينديون ويون ۽ کيس دلاسا ڏينديون ويون- ڪي ته هن سان ڀاڪر پائي پاڻ به پار ڪڍڻ لڳيون.
    ماستر جو هڏائون مڙهه ڪوٺيءَ ۾ پيو هو، جنهن جي مٿان اجرڪ وجھي ڍڪي ڇڏيو هئائون. شام لهي رهي هئي، جنهن ڪوٺيءَ کي وڌيڪ ڀوائتو بڻائي ڇڏيو هو.
    ڪيڏي ڪيڏي مهل کيس مڙس جي مري وڃڻ جو ٿورو احساس ٿيو ته ڄڻ هن تان ڪو ڇپر لهي پيو هو. اوڏي مهل ته زال وڏو ناٽڪ ڪيو هو، جيڏي مهل لاش کي ڏوليءَ وجھي کنيائون ٿي. هوءَ نه رڳو منهن مٿو پٽي رهي هئي....... پاڻيءَ جا وٽا ڀري مٿان هاريس ته پوءِ مس اُٿي.
    هر مرڻ واري پويان روئڻ وارن جا مفاد هوندا آهن پر نوابزاديءَ جي روئڻ جو ڪارڻ هڪڙو ته ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ هو ته هوءَ ڪهڙي پاڪدامن ۽ مڙس تي ساهه ڏيندڙ عورت هئي ۽ ٻيو جيڪو نقصان پهتو هئس سو هئو. ”سندس مٿان پردي ۽ پناهه جو جيڪو احساس هو سو لهي ويو هو ۽ هوءَ دنيا جي ڀوائتي ڪُن ۾ اڪيلي ٿي پيئي هئي.“
    عدت جو وقت پورو ڪري اٿي ته ساڳي ماني ساڳ سان، آئي ويئي کي اندر ويهاري ڪچهري جون بهارڙيون پيئي ڪندي هئي. پينگهي جي لوڏ لوڏان هوندي هئي. هاڻ پن جي ٻيڙين بجاءِ سگريٽ ۽ سوپاري بجاءِ پان کائڻ لڳي. ٽهڪن جا ٽڙڪا هوندا هئا، هوٽلن تان مانيون ڪباب ۽ شراب اچڻ لڳا. ٽيپ ۾ ڪئسيٽ مٿان ڪئسيٽ هلڻ لڳي. ڪئين مڙس آيا ۽ تپي تيل ٿي هليا ويا. پر هيڏانهن ڪو فرق ڪين پيو. باقي ايترو فرق ضرور پيو هو ته هاڻ اهو وقت گذري ويو، جڏهن پگهر کٿوري هو.“ آهستي، آهستي هاڻ منهن ۾ گهنج پوڻ لڳس، ٻانهن تان گوشت رڙڻ ۽ ڍلو پوڻ لڳس ۽ آيل ويل جون اکيون هاڻ ڪجهه ٻيو ڳولڻ لڳيون هيون. ساڳئي گهر ۾ ڀوران به وڌي اچي وڻ ٿي هئي سو هاڻ جيڪو ٿي آيو تنهنجي پهرين اک ويئي ٿي ڀوران ڏانهن! ۽ پوءِ وري ان عظيم عمارت ڏانهن ٿي نهاريائون جيڪا کنڊر ۾ بدلجي رهي هئي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    بهترين ڪهاڻي۔۔موصوع لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو