معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
هڪ ڪهاڻي
1942 اٽيچمينٽ ڏسو 1943 اٽيچمينٽ ڏسو
اها ڇوڪري،
جيڪا ننڍي هوندي
مون سان گڏ کيڏندي هئي
هاڻي ستين ماڙ تي
هڪ فليٽ ۾ رهي ٿي
۽ آئون گرائونڊ فلور تي
آئون مٿي نه ٿو چڙهي سگهان
۽ هوءَ
هيٺ لهڻ جي سگهه نه ٿي رکي
خواب
فاصلن کي ختم نه ٿا ڪن
۽ آئون هڪ ڪهاڻي لکان ٿو
جنهن ۾ اسين ٻئي
گڏ ويهي چانهه پيئون ٿا
۽ محبت جون ڳالهيون ڪندا رهون ٿا
هڪ ڪهاڻي
هڪ ملاقات ڪرائي سگهي ٿي
سڀاڻي آئون
وري هڪ ڪهاڻي لکندس