سائين سليمان وساڻ جي بلاگ تان چونڊ ڪيل شاعري پيش آهي اميد ته پسند ايندي۔ مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جاپر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جامون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جامان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريانمون ڇا نه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آسي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آجي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آمان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريانمون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئيڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئيٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئيمان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريانهي قوم ته قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچيڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچيڪو اهڙو اوڀڙ اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچيهن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچيمان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريانآ سچ ننڍو، وِهه ڳنڍو آ، هو پربت جيڏو ڪوڙو آهو ٽٽندو ٿوري ٺوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪوئي چوڙو آهر واءَ اڳيان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آپر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آمان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريانڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آسي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آمان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آمان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان