واٽر پروف موبائل فون.

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2013۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    واٽر پروف موبائل فون۔
    جاپان جي سوني ڪمپني جو تيار ٿيل نئون موبائل فون Xperia Z واٽر پروف موبائل فون آهي۔ هن موبائل فون کي بغير ڪنهن ڊپ يا جهجڪ جي وهنجڻ جي درميان به استعمال ڪري سگهجي ٿو۔ اوهان کي اهو فڪر ڪرڻ جي ضرورت بلڪل نه آهي ته هن ۾ اندر پاڻي هليو ويندو يا پاڻي جي ڪري ناڪره ٿئي ويندي۔ جيڪڏهن هن ۾ پاڻي هليو به ويندو ته ڪنهن قسم جو به نقصان نه پهچائيندو۔ جيڪڏهن اهو فون هٿ مان ترڪي ڪمونڊ يا WC ۾ ڪري پوي ، جيڪڏهن اوهان جي طبيعت گوار ڪري ته ان کي اتان ڪڍي،ڌوئي استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ پاڻي ۾ ڪرڻ جي ڪري هن کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچندو۔ ڪجه ڏينهن اڳ ۾ لاس ويگاس (آمريڪا) ۾ منقعد ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو ۾ ان فون جي نمائش ڪئي ويئي هئي۔
    سوني ڪمپني جو اهو چوڻ آهي ته مٿيون هينڍ سيٽ جيڪڏهن ساڍا ٽي فوٽ گهري پاڻي ۾ ٽيهن منٽن تي ٻڏل هجئي تڏهن به ان هينڍ سيٽ ۾ ڪا خرابي نه پيدا ٿيندي۔ ان جي وجه اها آهي ته موبائل هينڍ سيٽ جي مختلف پارٽس جنهن ۾ هيڍ فون لڳائڻ وارو سوراخ به شامل آهي کي حفاظتي ڪور سان محفوظ ڪيوويو آهي ۔ انهن پارٽس کي استعمال ڪرڻ کان پهريائين اهو ڪور هٽائڻ پوندو ورنه موبائل فون ڪم نه ڪندي۔
    ان هينڍ سيٽ ۾ هڪ NFC چپ به لڳايل آهي ، جنهن جي مدد سان هي هينڍ سيٽ رکڻ وارو پنهنجي ٽي وي تي ويڍيو هلائي سگهندو۔ ان ڪم جي لاء هن کي چپ واري جڳه کي هلڪي انداز ۾ تهپڪائڻو پوندو۔ اهو چپ آئيندا ڪريڍيٽ ڪارڊ طور تي استعمال ٿيڻ جي اميد آهي۔
    سوني جي Xperia Z موبائل فون جي اسڪرين جو سائز پنج ( 5 ) انچ آهي۔ سوائي سام سنگ گليڪسي نوٽ جي جيڪو اڌ فون ۽ اڌ ٽبليٽ آهي ، اڃا تائين ايتري وڏي اسڪرين ڪنهن ٻئي موبائل فون ۾ استعمال نه ڪئي ويئي آهي۔ سوني جي انهي نئين موبائل فون ۾ تصويرون به گهڻيون واضح، صاف ۽ رنگين نظر اينديون آهن ، اهئي خوبيون ڪنهن ٻئي فون ۾ نه آهن انهڪري سام سنگ گليڪسي 111۽ ايپل آئي 5 کي هن فون جي ڪري سخت چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو پوي۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جي ها سر۔۔۔ ان جي خاص ڪوالٽين کي تڏهن جانچڻ جو اتفاق ٿيو جڏهن اسان جي پياري دوست محترم عتيق الرحمان جن ان فون کي خريد ڪرڻ کان اڳ مشورو گهريو۔۔۔
    پنهنجي ڍير سارين خوبين سان گڏ خاص خوبي واٽر پروف هجڻ ته اصل اش اش ڪري ڇڏيو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو باقي ڪيمرا جي شاندار رزلٽ ۽ اينڊروائيڊ جو ليٽيسٽ جيلي بيلي ورجن به ثانوي لڳا۔۔۔
    بحرحال وري جڏهن ادا علي علي جي آئي فون کي ڏٺو ته سوني جو اهو سيٽ پنهنجي لاجواب خوبين باوجود ڪافي پوئتي نظر آيو۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    واه واه بهترين ونڊ اهڙيون بهترين ونڊون ونڊيندا رهو۔۔۔۔۔۔۔ مهربانيون قرب
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين . ماركيت جي نئين معلومات...
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوني ايڪسپيريا جا نوان سيٽ گهڻو ڪامياب ويا آهن ۽ اينڊرائڊ هجڻ ڪري آء فون جو مقابلو پيا ڪن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو