تلاش گمشده

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2013۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    تلاش گمشده !
    چور بازاري جي چوراهئي تي ايمانداري گم ٿئي ويئي آهي۔ ڪافي سال اڳ ۾ هو گهر ڇڏي وڃڻ واري ڀاء اخلاص جي ڳولها لاء گهر مان نڪتي هئي۔ هن جي ڀيڻ فرض شناس به هن سان گڏ هئي۔ آخري ڀيرو هن کي ڪرپشن چوڪ تي ڏٺو ويو هو۔ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ملاوٽ جي بازار ۾ ٻنهي ڀيڻن جي دغابازي ۽ بي ايماني سان تلخ ڪلامي ٿئي هئي ،جٿي مڪروه ؤ فريب ٻنهي ڀيڻن کي سنگين نتائج کي منهن ڏيڻ ؤ ماسي نفسانفسي جي دلدل ۾ ڦٽي ڪرڻ جي دهمڪي ڏني هئي۔
    خيال يقيني ۽ ڪامل آهي ته ڪرپشن جي مائٽن نالي بي ايماني،ڪوڙ،منافقت، بي راه روي،مفاد پرستي ۽ خود غرضي گڏجي ٻنهي ڀيڻن کي اغوء ڪيو آهي۔
    جيڪڏهن ڪنهن صاحب ايمان کي انهن ٻنهي ڀيڻن جي باري ۾ خبر آهي ته هڪدم اطلاع ڏين، ڇاڪاڻ جو انهن جو والده انسانيت، عدم برداشت سان ويڙه کانپوء شديد زخمي ٿئي ڪري خودداري جي اسپتال ۾ نزع جي حالت ۾ پئي آهي۔ جٿي مسيحا حاجت مند هن جي علاج لاء بردباري جا انجڪشن،محبت جون گوريون،ڀائي چاري جا ڪيپسول،روداري جا سيرپ ۽ تحمل مزاجي جي ڊرپ تجويز ڪئي آهي ،جيڪي نيڪ نيتي جي اسٽور تان ملنديون يا دستياب آهن۔
    ان جان بسمل مريض جي جان بچائڻ لاء صاحب ڪردار،صاحب ايمان حضرات ميدان عمل ۾ اچن ۽ مريض جي اولاد نالي ايمانداري۔اخلاص ۽ فرض شناسي کي هڪدم ڳولهي مريض جي سامهون آڻن تاڪي بستر مرگ تي آخري پساه کڻندڙ انسانيت بچي سگهي۔
    (بشڪريه آحسان الهئي ٿهيم،جهنگ پنجاب)
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    عمده سبق، الله سائين اسان كي اخلاص نصيب فرمائي، آمين.
     
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀ ڳالهيون درست ۔۔۔۔ پر هاڻ ان مرض جو علاج ڳولهيي نه ٿو لڀي ۔۔۔هتي ته لوڀي، لالچي ۽ بي ايمان ماڻهن جي ٽرين ڀري پئي آهي۔

    پر پوء به ان کي ڳوليون ٿا جنهن جي ڪري هي دنيا هلي پئي ۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين اها مسڪين انسانيت به نه بچي ۔۔۔۔
    ڇاڪاڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙي وهائڻ جو ڪهڙو علاج ۔۔۔ ؟؟؟​
    انسان پاڻ ئي ته پنهنجي انسانيت کي گم ڪري، ڏند ٽيڙي ويٺو آهي ۔۔۔
    پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب ۔۔۔!!!​
    ڪٿي ڪٿي ڪا انسانيت ويچاري نظر اچي ويندي آهي ته واه واه ٿي ويندي آهي ۔۔۔ ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن گرم اونهاري جي نٽهڻ اس ۾ ٿڌي هوا جي ڪا لهر ۔۔۔​
    اهو به نظر آيو آهي ته انسانيت جا گهڻا گڻ اسانجي وطن ۾ ئي اوگڻ ٿيا آهن، باقي ڪيترن قومن وٽ ڪا جنت ڪونهي پر پوءِ به انسانيت ساهه کڻي پئي ۔۔۔​
    پنهنجي وطن لاءِ دعائون آهن ۔۔۔​
    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار۔​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هاءِ افسوس... انسانيت سڪرات جي ڪيفيت ۾ الائجي ڪيترو وقت ايمانداري۔اخلاص ۽ فرض شناسي جي جُدائي جوغم برداشت ڪندي...:(
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو