• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 3 فيبروري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 3 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

3 فيبروري 1930ع شاعر محمد حسين ڪاشف (ٽنڊو الهيار) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1931ع ليکڪ هيمراج ناگواڻي (نوشهرو فيروز / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1935ع سماجي ورڪر بگوان بلواڻي (ميرپور خاص / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1935ع ليکڪ ٽيڪم آفتاب (محبت ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1947ع اسٽيج ڊائريڪٽر هرگوبند منسکاڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1948ع راڳي تلسي رچنداڻي (ڪراچي / احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1949ع شاعر شهزادو شيخ (کاهي) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1951ع ليکڪ شنڪر مولواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1960ع ليکڪ عثمان عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1962ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1962ع ليکڪ ۽ دانشور انعام شيخ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1965ع سگهڙ بهار علي بهار (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 971ع شاعر اشرف امر لاشاري (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1976ع سنڌ سلامت جي باني ۽ ڪمپيوٽر ماهر رشيد سمون جو جنم ڏينهن آهي.
3 فيبروري 1978ع ليکڪ سائين بخش خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

3 فيبروري 1896ع لاڙڪاڻي جي بزرگ شخصيت ۽ صوفي شاعر موهن فقير جو لاڏاڻو ٿيو.
3 فيبروري 1921ع مذهبي اسڪالر مخدوم حسن الله (پاٽ شريف) جو انتقال ٿيو.
3 فيبروري 1979ع شاعر احمد بخش احمد سومرو جو انتقال ٿيو.
3 فيبروري 2010ع شاعر ايم ڪمل (مولچند منگهارام بندراڻي) جو انتقال ٿيو.
3 فيبروري 2011ع اداڪار خيام سرحدي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

_______

اڄوڪي ڏينهن 3 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

iI5mUdoxML3XR.jpg


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
_______
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top