هي سنڌ ملي آ سورن سان.

سليم رند

سينيئر رڪن
هي سنڌ...
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
هي سنڌ ملي آ سورن سان.
ڇا ڇا نـ ٿيو مجبورن سان_
محبوب وطن منصورن سان_
... هي سنڌ ملي آ سورن سان،
ڇا ڌاري ڪاري سوچ ڪيو_
تن ڳلپٽ ڳڀرو ڀورن سان_
هي سنڌ ملي آ سورن سان،
ڪي ٽڪر ٿيا مغرورن سان_
مستي ۾ پر مخمورن سان _ _
هي سنڌ ملي آ سورن سان،
رنجور لڙيا خوشحالن سان_
گمنام لڙيا مشهورن سان_
هي سنڌ ملي آ سورن سان،
هي سنڌ ملي آ سورن سان.
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
استاد بخاري،
 
هي سنڌ ملي آ سورن سان.​

استاد جي سهڻي شاعري پر يار سنڌ سورن سان ناهي ملي ۔۔۔۔ پر سنڌ ته هئي ۽ رهندي، ها اها ٻي ڳالهه ته سنڌي بچي آ سورن سان ۔۔۔ سدائين سنڌ تي ڪاهه ٿيندي رهي آهي۔
 
Back
Top