منهنجو نالو وقار راهمون آهي، آئون ٿر جي ڏيپلي شهر ڀرسان ڳوٺ ڳالهائو جو رهواسي آهيان، سنڌي ادب سان بي حد چاهه آهي، ۔هن وقت ڪراچي ۾ رهان ٿو،ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهان ٿو۔شام جو سنڌي ميڊيا سانن واڳيل آهيان۔ڪهاڻي، شاعري، تحقيق تي ٻڌل ڪتاب شوق سان پڙهندو آهيان۔سنڌ سلامت ۾ منهنجي هي پهرين وک آهي۔
ادا هن سهڻي فورم تي ڀلي ڪري آيا ، توهانجو سنڌي ادب سان بيحد چاھ ڏاڍو وڻيو ، هتي توهانکي ، ادبي ، ڪهاڻي ، شاعري ۽ تحقيق متعلق ڪافي سارو مواد ۽ ڪتاب پڻ ملندا ، والسسسسسسسسسسلام
ٿر جي ڏيپلي شهر جا سهڻا سٻاجهڙا ۽ حب الوطن دوست آهن ۔۔۔ ۽ خاص ڪري راهمون گهراڻو ته سنڌ دوستيءَ ۾ پاڻ ملهائڻ وارو گهراڻو آهي ۔۔۔۔ ڀائڙا وقار اوهانکي دل جي گهراين مان ڀليڪار ۔۔۔ اوهانجي علم، ڏاهپ ۽ ٻوليءَ جي چاهه سان اميد ته سنڌ سلامت وڌيڪ سونهن ڀري ٿيندي ۔۔۔ ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔ منزل گهڻو اڳتي آهي ۽ اسان سڀني جي گڏيل جاکوڙ سان سنڌي ٻولي پنهنجي وقار ۾ اضافو ڪندي رهندي ۔۔۔ اوهانجا ۽ اسانجا گس ساڳيا آهن ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ سنڌ سلامت جي سونهن ۾ سرسي ڪندا رهندا ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيندڙ، ٿر جي ڀاء محترم وقار راهمون کي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اوهان جو ادب سان چاهه آهي ۽ اهو چاهه ٻوليء جي ترقي جو سبب بڻجندو آهي۔ اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
هن سهڻي اڱڻ جي اها ئي خوشنصيبي آهي ته اوهان جهڙن سنڌي ٻولي سان چاهه رکندڙن جو سلسلو جاري آهي، اميد ٿا ڪيون ته اها چاهه هن ٻولي ۽ هن سهڻي اڱڻ سان قائم رکندا، اسان اوهان دل جي گهراين منجهان ڀليڪار ڪيون ٿا۔ سدائين گڏ
هن سهڻي اڱڻ جي اها ئي خوشنصيبي آهي ته اوهان جهڙن سنڌي ٻولي سان چاهه رکندڙن جو سلسلو جاري آهي، اوهان کي ڀليڪار چون ٿا سائين 2143 اٽيچمينٽ ڏسو