منهنجو نالو: نجمه ناز ذات: سميجو سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهيان۔ سنڌ سلامت جي تعريف ٻڌي آئي آهيان۔ ٻڌو آ ته هي فورم سنڌي ٻولي جي خدمتن لاء هر وقت ڪوشان آهي۔ اميد ته پسند ايندو۔
اوهان بلڪل صحيح ٻڌو آهي ، هي سهڻو فورم سنڌي ٻولي لا هر وقت ، هر پهلو ۾ مصروف آهي ، هتي توهانکي ، مذهبي ، سياسي سماجي ، ادبي ، شاعري ، سائنسي ، ۽ ان کان علاوه گهڻو ڪجھ پرائڻ لا ملندو ، اوهانکي هن اوهانجي ڀا طرفان هن سهڻي فورم تي ڀليڪار ، والسلام
سڀ کان پهريان ته ائين چئبو ته سنڌ سلامت جي آسمان تي ڀيڻ نجمه جو اضافو ڪهڪشان جي سونهن ۾ واڌ جو سبب ٿيو آهي۔ اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار سنڌ ۽ سنڌيت هن فورم جو مقصد به آهي ته نعرو به آهي، سنڌي ٻولي اسانجي سونهن به آهي ته اسانجي لولي ۽ ٻولي به آهي، انجي خدمت ۾ سنڌ سلامت جا دوست اڳ کان اڳرا ٿي رهيا آهن، اوهان صحي دڳ وٺي صحي جاءِ تي اچي پهتيون آهيو ۔۔۔ اميد ته اوهان سنڌ سڄڻ ڀينرن جي ساٿ سان منزل اڃان به آسان ٿيندي ۽ اها به اميد ته ڀيرو نه ڀڃنديون۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت تي ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
السلام عليڪم ڀيڻ نجمه! اسان اوهان کي سنڌ سلامت جو حصو بڻجن تي دل جي گهراين سان خوش آمديد چئون ٿا ۽اوهان کان به ساڳي توقع به رکون ٿا ته اوهان باقاعدگي سان ايندا رهندا ۽ ته هن محبتي اڱڻ تي پنهنجي ويچار ونڊڻ ۾ دير نه ڪندا۔ هتي اوهان کي کوڙ سارا سيڪشن ملندا جن جا سب سيڪشن به آهن۔ ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي نه ته پڇڻا نه منجهڻا ۽ سنڌ سلامت سکيا جو ڀيرو ڀڃيندؤ ۽ ڪو سوال ڪندؤ ته انتظآميه ضرور اوهان جي مدد ڪندي۔ اميد آهي ته ساٿ سلامت رهندو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ڀيڻ نجمه ناز کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ميمبر بڻيا آهيو، جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اوهان جو فورم ۾ شامل ٿيڻ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت جي سونهن ۽ سندرتا ۾ پڻ هڪ ستاري جي چمڪڻ سان اضافو پئجي ويو آهي۔ اسان ڀيڻ کي هن سهڻي اڱڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا، اميد ٿا ڪيون ته ڀيڻ پنهنجي قيمتي وقت مان هن اڱڻ تي حاضري جو سلسلو به جاري رکنديون۔
ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت وارن جا ٿورا جن هي جهان جوڙيو آ هِتي اچي ڏاڍي خوشي ٿيندي آ سڀ سنڌي ٻولي وارا گڏ هوندا آهن سنڌ سلامت ساٿ سلامت
نجمه ناز سميجوکي دل جي گهراين سان آجيان ڪجي ٿي اوهان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهو ٿيون، جتي ماضي ۾ مون به هاسٽل جي ڇت تي پونم راتين ۾پنهنجي جيڏن سان وقت گذاريو ۽ اياز جي شاعري کان وٺي فيض جي انقلابي نغمن تائين سر آلاپي ررات جي سانت کي چيريو پر هاڻي ان مادر علمي ۾ اوهان جو هئڻ خوشي محسوس ٿي۔هميشه خوش رهو۔سنڌ سلامت ڪيئن لڳو، ان بابت پنهنجا ويچار پيش ڪريو ۽ سنڌياڻين جا سور عيان ڪيو۔