سنڌي فوجي جوان شهيد آصف جوکيو

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2009۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌي فوجي جوان شهيد آصف جوکيو
    تحرير جاويد جوکيو
    تاريخ شاهد آهي تـ ظلم ڏاڍ ۽ زبردستي سنڌي قوم نـ ڪنهن سان ڪئي آهي ۽ نـ ئي ڪنهن جي جبر ۽ بي واجبيءَ کي ڪڏهن قبوليو آهي، اهڙي بي واجبيءَ ۽ ڏاڍ پوءِ کڻي ڪهڙي بـ روپ ۽ صورت ۾ ڇو نـ هُجي، جئين محمد بن قاسم پاران سنڌ تي حملي ۽ قبضي کي اسلام جو نالو ڏيئي سنڌين سان زيادتين جي انتها ڪئي ويئي اڄ اُنهي حملي کي هڪ ڏکندڙ ڌڪ جيان محسوس ٿا ڪن، هتي سلام آهي وري بـ مُفڪراعظم ۽ عالم رهبر سائين جي ايم سيد کي جنهن خود هڪ سيد عرب نسل هئڻ باوجود محمد بن قاسم جي اُنهيءَ حملي ۽ هڪ نج سنڌي حاڪم راجا ڏاهر جي خاندان کي ختم ڪرڻ ۽ حڪومت سنڌ تي قبضي کي سخت لفظن ۾ نندي ڄڻ سنڌين جي ڏکندڙ زخم تي مرهم لڳايو،ساڳئي نموني اڄ يزيد، حجاج بن يوسف ۽ محمد بن قاسم جا پوئلڳ ۽ پيروڪار طالبان پنهنجي خود ساختـ شريعت کي سنڌ سميت هن مُلڪ ۽ سڄي دُنيا تي جنهن ڏاڍ،دهشت،وهشت ۽ بربريت ذريعي مڙهڻ لاءِ انساني جانين کي بم ۽ بارود جي نظر ڪري رهيا آهن( ڪن ڌرين کي ڇڏي ) مجموعي طور تي سنڌي قوم طالبان جي انهيءَ بربريت کي سراسر غلط سمجهي ٿي
    اهڙي بربريت خلاف سوات،مالاڪنڊ ۽ هاڻ ڏکڻ وزيرستان ۾ هلندڙ جنگ جي محاذن تي پاڪستان آرميءَ ۾ شامل سنڌي ۽ ٻين جوانن پنهنجي ريٽي رت سان جيڪي پٺاڻن جون پهاڙيون ڳاڙهيون ڪيون آهن تنهن سان يقينن هڪ طرف تـ هيءَ طالبان جي هٿ ٺوڪي شريعت مڙهجڻ کان هي معاشرو بچي ئي ويندو تـ ٻئي پاسي انهن شهيدن جا هر روز سنڌ جي ڪنهن نـ ڪنهن ڳوٺ ۾ چهچندڙ لاشن سنڌين خلاف منفي سوچ رکندڙن جي وات لاءِ بـ تالا آهن جيڪي چون ٿا سنڌين ۾ مزامت جي سگهـ ناهي، جيڪي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن تـ سنڌين ۾ صلاحيت ناهي يا وري سنڌي پاڪ فوج ۾ وڃن کان لنوائيندا آهن.
    سچ اهو آهي تـ هن مُلڪ ۾ اسان کي سازش تحت ديوار سان لڳايو ويو آهي نـ تـ پنهنجي فرض جي ادائيگيءَ ۾ سنڌي پنهنجي جان جي بـ پرواهـ نٿو ڪري.
    تازو ئي هڪ اهڙو مثال ملير جي سنڌي فوجي جوان آصف جوکيو قائم ڪري ويو آهي، حق۽ ناحق جي جنگ جي محاذ تي طالبان جي مُڪمل گهيري ۾ اچڻ کانپوءِ هي چاهي ها تـ سرينڊر ڪري پٺاڻ فوجين جيان پنهنجي جان بچائي پئي سگهيو، پر هن لطيف جي هنن سٽن
    ڀڳو آئون نـ چوان ماريو تـ وسهان
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪندي سُهان
    تـ ڪر لڄ مران، جي هونس پُٺ ۾
    جي سُتي تـ سندس ماءُ جهيجهل اُن وقت ئي پياري هُئي جنهن وقت آصف جوکيو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ ٽريننگ تي وڃڻ لاءِ کائنس موڪلائڻ آيو هُيو، هن پُٽ جي پيشانيءَ تي چُمي ڏيندي آصف کان صرف هڪ ئي مطالبو ڪيو هو تـ پُٽ” فوج مان ڀڃي نـ اچجان “ اُن واعدي جي نڀاءَ ۾ ئي هُن شايد پاڻ کي جنت جو حقدار سمجهندي شهادت جو رتبو ماڻيو.
    ڪراچي ۾ گرين بيلٽ طور تي سُڃاتي ويندڙ ملير جو هي مزار خان جوکيو ڳوٺ درساڻو ڇنو ۾ هڪ اهڙي دلفريب مقام تي قائم آهي جو ڳوٺ چئن ئي پاسن کان ڪيلن، پپيتن، چيڪوئن، انبن، ۽ زيتونن جا باغ گهيري بيٺل آهن. سال جون سڀئي موسمون هن ڳوٺ کي مٿي ذڪر ڪيل باغن جي خوشبوئن سان واسينديون آهن. اها بيهڪ هتي ملير جي تقريبن قديم سنڌين جي ڳوٺن جي اڄ بـ آهي
    اهڙي مُعطر ماحول جو اثر هُيو جو شهيد آصف جوکيو جي ڳالهين ۽ طبيعت مان ملير نديءِ جي مٺي پاڻيءَ جهڙي مٺاس ۽ هنن باغن جي سرهاڻ پئي بکبي هُئي ۽ منجهانس هُٻڪار پئي ايندي هُئي.
    اهو ئي سبب هُيو جو جڏهن سندس جسد خاڪيءَ کي پاڪ فوج جو قافلو وڏي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ درگاه يوسف شاه اميناڻيءَ تي منزل اندوز ٿيو تـ سندس ڪيترن ئي عزيزن، مٽن، مائٽن، دوستن، ۽ شاگرد رهندڙ دوستن جا جهيءَ جُهري پيا. اوڇنگارون ۽ سُڏڪين ماحول ڏکارو ڪري ڇڏيو هو تدفين ۾ احمد دائود اسڪول جي ماسترن، شاگردن، فوجي آفيسرن،عملدارن، متحده ۽ پ پ جي صوبائي وزيرن سميت هزارين ماڻهو شريڪ هُيا
    پر هن موقعي تي اٺاويهن سالن جي خوبصورت نوجوان پُٽ جو لاش اکين آڏو هئڻ باوجود جيڪڏهن ڪنهن ضبط ، برداشت ۽ حوصلي جو پاند هٿ مان ڇڏيو تـ اُهو سندس پيءُ حاجي مينهن جوکيو هُيو جيڪو پڻ ٻين کي همت ۽ حوصلي جي تلقين ڪندي نظر آيو .
    اسين صحافي جڏهن ٻئي ڏينهن ساڻس عذرخواهيءَ لاءِ تڏي تي پهتاسين تـ هن اسان کي چيو تـ مون سان ڏک نـ ونڊيو بلڪ مون کي مبارڪون ڏيو ڇو جو آئون هڪ اهڙي شهيد جو پيءُ آهيان جنهن جو مقام يقينن جنت هوندو پر وڏي فخر جي ڳالهـ منهنجي لاءِ اها آهي جو هن (آصف ) شهادت ماڻي اسان سڀني سنڌين مٿان لڳل اهو تاثر ڊاهن جي ڪوشش ڪئي آهي تـ سنڌي قوم جا جوان بزدل ۽ ڪاهل هئڻ ڪري فوج ۾ ڀرتي نٿا ٿين
    انهي موقعي تـ ميجر طارق ، ميجر فاروق،۽ ٻين فوجي آفيسرن جي موجودگيءَ ۾ چاچا مينهن جوکيو پرعزم انداز ۾ اها ڳالهـ ڪئي تـ ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ آئون پنهنجي ٻين ٽن پُٽن کي بـ آرمي جوائن ڪرائيندس ۽ اسان کي صرف موقعا ڏنا وڃن نـ صرف ننڊين نوڪرين وغيره ۾ پر وڏن رينڪن تي سنڌين جو اوترو ئي حق ملڻ کپي جيترو ٻين صوبن پنجاب۽ سرحد جي ماڻهن کي ڏنو وڃي ٿو، تڏهن مٿين فوجي آفيسرن سندس تعريف ۽ تائيد ڪندي انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو
    حضرت علي رضي الله تعالي عنـ جو فرمان آهي تـ ”ڪو سُتل ماڻهون پاڻيءَ جي ڇنڊن پوڻ سان جاڳي پوندو آهي، پر جيڪڏهن ڪا قوم سُمهي رهي تـ اُن کي جاڳائڻ لاءِ شهيدن جي لهوءَ جي ڇنڊن جي ضرورت هوندي آهي “ اُميد آهي تـ شهيد آصف جوکيو سميت سڀني سنڌي جوانن ۽ ٻين صوبن جي شهيدن جي لال لهوءَ جي ڇنڊن جي بدولت هيءَ قوم زيردستي مُلائيت واري شريعت ۽ طالبنائزيشن جي ماري مڃائڻ واري مڪروه سازش کان ضرور آجي ٿيندي، هن ڀونءَ تي بم ۽ بارود جي بوءِ بجاءِ ملير جي زيتونن جي هُٻڪار اوس ايندي
    ڪو ڪئين نـ ڍوڙي مقتل ڏي، آرت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي
    ڪو ڪئين نـ موٽي زندان ڏي، ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا
    روزاني عوامي آواز 26 نومبر 2009
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جي ادا جاويد جوکيا صاحب۔۔۔۔۔ ادا آصف اهڙي قرباني ڏئي هن سنڌ ڌرتي جي غدارن جي مُنهن کي تالا هڻي ڇڏيا آهن۔۔۔ پر اهڙا کوڙ ساترا آصف انهي باهه جي ور چڙهي ويا جيڪي سنڌ جي هر حصي کان پنهنجون ڊيوٽي سرانجام ڏيندين جامِ شهادت حاصل ڪئي آهي۔۔۔۔

    سائين اسان مرحوم آصف جوکيو جي لاٌءِ دعاڳو آهيون۔۔۔۔۔ شال رب ڪريم انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا جاويد جوکيا صاحب
    حق موجود ۽ جيئي سنڌ

    دوست، اسان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن طرفان سنڌ جي شهيد آصف جوکيو کي سرخ سلام ۽ دعائون ته الله کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين

    جوکين جي دليري ۽ حب الوطني ته سنڌ ۾ اڄ به ڳائجي پئي ... سنڌ جو هر قبيلو ۽ ذات انتهائي محترم آهي پر جوکين جي بهادري پنهنجي مٽ پاڻ آهي ...

    جيتوڻيڪ، سنڌ ۽ پاڪستان جو سياسي ڦيٿو ته انتهائي غور طلب ۽ بحث جوڳو آهي پر تنهن هوندي به اسين هر انهيءَ جوان کي سلام ڪريون ٿا جو ڏاڍ ۽ جبر خلاف وڙهي پاڻ ملهائي ٿو ...

    ادي نثار ناز جي تازي ڪلام جي هنن سٽن سان، دوست آصف لئه دعاڳو آهيان
    مان سڙان سنڌ پئي ، سينڌ کان اڄ سڌو
    منهنجي ٻڌو
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو