دوستو اڄ ٿوري واندڪائي ملي جنهن ۾ مون محترم سوڍل فقير جي ڳايل آواز ۾ هي صوفياڻو راڳ ٻُڌو سچ پُڇو ته پاڻ کي اصل صفا پُرباش ڪري ڇڏيائين ۽ دل ۾ خيال آيم ته دوستن سان به ونڊ ڪجي جيڪي سڄڻ صوفي ڪلام ٻُڌڻ جا شوقين آهن سي يقين سان هن راڳ ٻُڌڻ سان دلي راحت ماڻيندا۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=42_G-fs2byE
توهانجو احسان اسانتي صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو تهان پو ٿيو جيئري پسڻ پرين جو ادا زاهد صاحب تمام پياري شيئرنگ آهي HaqMojood
ڪا جا ڪُن ڪَريِنِ، ڀِنيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻ ۾، اکيُون تنهن آب کي، آڌيءَ اُڪيريِنِ، توڻي تِڪُون ڏيِنِ، ته به اُڃ اُنين کي نه لَهي۔۔۔(شاهه) واهه دوست زاهد سومرا، هي صوفياڻو ڪلام ٻُڌائي اصل ڪنهن ٻي دنيا جي سنبت جو سنيهو ڏئي ڇڏيو تو، آخر ته ڇڏبو هي جهان ڇڏبو، لڏبو آخر لڏبو هر مڪان ڇڏبو۔۔۔۔۔۔۔ تنهنجي مهرباني سومرا۔۔۔۔۔۔۔