• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي سڀاڻي.......

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
هوءَ ايڏو جومُرڪي ٿي پئي،
اندر جو درد لڪائي
چپن تي مُرڪ سَجائي
اکين ۾ ڪَجَلُ پائي
نوان ويس پَهري
پرسَ ۾ ڪئين قلمَ ۽
ڪاغذَ،
جيڪي شايد سندس
ڪِنهن ڪمَ جا بـ ناهن،
اُهي کڻي گهران نڪري ٿي،
کيس خبرناهي تـه
هُن کي ڪِيڏانهن وڃڻو آ،
هُن کي ڪهڙو ڪمُ آهي،
ٻـَ ٽي ڪِتاب سيني سان لائي،
اکين تي نظرَجي عينڪـ لڳائي،
هوءَ گهران نڪري ٿي،
۽ سڄو ڏينهن روڊن رستن تي،
اِهو سوچي وقت گذاري ٿي،
تـ ڪهڙو ڪم هو؟
ڇا ڪرڻو هو؟
آخر آسمان تارن سان ڀرجي
وڃي ٿو،
۽ هوءَ ٿڪل ٽُٽَل َهارايل،
خالي گهرموٽي ٿي،
۽ پنهنجي هٿَ ۾ پيل،
ڪِتابَ،۽ پرسَ کي،
ڪِنهن ڪنڊَ ۾رکي
اڱڻَ۾ پيل
کَٽَ تي ليٽي ٿي،
۽ سوچي ٿي،
تـ اڄُ جو ڏينهن بـه
گُذري ويو!
هاڻي سُڀاڻي..........؟؟؟؟؟؟؟؟
 
اوه۔۔۔۔:(
تمام سٺو لِکيو اَٿوَ۔۔۔۔
اِهي زندگي جا ڏُک سُور ، عذاب ، صُبح کان وٺي رات تائين اسان جو پِيڇو نٿا ڇَڏين۔۔۔۔اسان جو هر ڏينهن اِن اُميد سان شُروع ٿيي ٿو ته متان اَڄ قسمت ۾ سُک لِکيل هُجي۔۔۔۔پر افسوس هر ڏينهن اِن ئي آس ۾ گذري ونڃي ٿو۔۔۔۔۔۔
 
اوه۔۔۔۔:(
تمام سٺو لِکيو اَٿوَ۔۔۔۔
اِهي زندگي جا ڏُک سُور ، عذاب ، صُبح کان وٺي رات تائين اسان جو پِيڇو نٿا ڇَڏين۔۔۔۔اسان جو هر ڏينهن اِن اُميد سان شُروع ٿيي ٿو ته متان اَڄ قسمت ۾ سُک لِکيل هُجي۔۔۔۔پر افسوس هر ڏينهن اِن ئي آس ۾ گذري ونڃي ٿو۔۔۔۔۔۔
ابا! بِلڪُل ٺيڪ چيو توهان ۔۔۔پر رات جو سُمهڻ کان پهرين هِڪ اُميد کڻي سمهندا آهيون ته متان ڪجه بهتر ٿئي سڀاڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔:)
 
بيشڪ الله پاڪ کان اِنسان کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔:)
توهان جي تحرير ڪجهه گهڙين لا غمگين ڪري ڇڏيو هو۔۔۔
 
بيشڪ الله پاڪ کان اِنسان کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔:)
توهان جي تحرير ڪجهه گهڙين لا غمگين ڪري ڇڏيو هو۔۔۔
ابا! ڪِنهن به ليکڪ جي لکڻي جي اگر ڪو ڏُکُ بيان ڪندي نظر اچي ته توهان اُن مان خوشيءَ کي پنهنجي لاءِ کوٽيو۔ڇوته غم يا ڏُکُ ته ليکڪ بيان ڪري ڇڏيو
 
۽ سوچي ٿي،
تـ اڄُ جو ڏينهن بـه
گُذري ويو!
هاڻي سُڀاڻي..........؟؟؟؟؟؟؟؟
جي بلڪل انسان ڏينهن جي ڏکن سکن ۽ زماني جي سامهون ڪنهن نهن مهل هارجي ويندو آهي پاڻا هارائي ڪري جڏنهن ٿڪجي ڪري سوچڻ ۾ گم ٿيندو آهي ته ان کي صرف اهو هڪ ئي احساس وري جيئڻ تي مجبور آهي آهي اهو آهي اميد جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
اوهان جو نظم پڙهي مونکي به پنهنجو هڪ چوسٽو ياد اڇي ويو آهي اوهان شئر ٿو ڪريان
غم دل ۾ لڪائي خوشيون ٿا ڳولهيون
ڳوڙها اکين ۾سڪائي خوشيون ٿا ڳولهيون
دل ته دل آهي ڪنهن جي ياد ۾ رهي ٿي
مرڪ چپن تي سجائي خوشيون ٿا ڳولهيون
 
Back
Top