سهڻي پارس
سينيئر رڪن
ڪِهڙي ڏُکَ جي
ڳالهـه پُڇين ٿو
ڪو هِڪُـ هُجي
تـه کَڻي چئجي
ڪِهڙا ڏُکَ ڪِهڙا دردَ
ڳڻايان توکي
هِڪُ دردُ هُجي
تـ کڻي چئجي
اندر ۾ وڏو
هِڪُ سمُنڊ آهي
ڪو ڪِنارو هُجي
تـ کڻي چئجي
اکيون خالي ڏسي
ڀُلجي نـ پئو
ِهڪُ لڙُڪُ هُجي
تـ کڻي چئجي
اُداس چانئٺَ تي
بيٺل صدين کان
تَنھا مان
پَلَ جو اوسيئڙوھُجي
تـه کڻي چئجي!