• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شفق جو ڀاڪُر۔۔۔۔

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
اچُ!
صبح جي پھرَ
گُلنَ جي ھُڳاءُ وانگر اچُ
۽ منھنجي ھِڪَ ھِڪَ ساھهَ
جو حصو ٿي وڃُ،
اچُ!
شام جي اداسيءَ وانگر اچُ،
منھنجي خُنڪيءَ ھاڻي وجودَ جي
ڪُنڊَ ڪُنڊَ ۾ ڦِھلجي وڃُ،
ھا! اچُ!
جڏھن بـ اچُ ائين اچُ،
جئين شفق کي
رات ڀاڪُر ۾وَٺَندي آھي
۽ڪِنھن کي خبرَ ئي
نـ پوندي آھي............
 
Back
Top