سهڻي پارس
سينيئر رڪن
ڪِيترن سالن کان پوءَ
تنھنجي فون تي !
جَھٽَ ۾
تنھنجو آواز سُڃاڻيندي
چيم: ڪيئن آھين؟
جِنھن تي تو وڏو ٽھڪُ ڏيندي
چيو:
ڪئين سُڃاتـئي؟
مُرڪي چيمُ: اڙي چريا!
توسان تـ منھنجا روح جا رشتا آھن
مان تـه تُنھنجي خاموشي بـه
سُڃاڻي ٿي سگھان!
پُڇيمُ: ڇا پيو ڪرين اَڄُڪَلھـه؟
تو چيو: پنھنجي شاديءَ جي اَٺين سالگره
جي تياري،
ڇا تون ايندئين؟
چيم: ھا ڇونـه !
آخر تنھنجي پھرين محبوبا تـه مان ئي
رھنديس..........