You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
مان ھِڪَ عورت آھيان
مان ڪو حِسابُ ناھيان
مان هِڪ عورت آھيان
مان ماءُ بـ آھيان
ڌيءُ بـ آھيان
زال بـ آھيان
ڀيڻ بـ آھيان
محبوبا بـ آھيان
مان ھِڪَ عورت آھيان
مان ڪو حِسابُ ناھيان
مون کي سمجھڻ سولو ناھي
مون کي پَرکَڻُ سولو ناھي
مون کي وڃائڻ سولو آھي
پر حاصِل ڪرڻ سولو ناھي
مان ھڪ عورت آھيان
مان ڪو حساب ناھيان
ڪِنھن ليکڪَ جي ڪَھاڻي ناھيان
ڪِنھن شاعر جي ڪَوتا بـ ناھيان
جو نـه وَڻي تـه ڦاڙي ڇڏجي
يا ڊسٽ بِن ۾ اُڇلائي ڇَڏجي
مان ھِڪَ عورت آھيان
مان ڪوحِسابُ ناھيان
جنھن تي فارمولا لڳي سَگهن
مان ھِڪَ عورت آھيان
مان ڪو حِسابُ ناھيان.........
مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڳالهيون ته گھڻيون آهن هن شاعريء ۾ ۔۔۔ ڪجهه تضاد به آهي
مون کي سمجھڻ سولو ناھي
مون کي پَرکَڻُ سولو ناھي
ها بلڪل اهو ته آهي، ڪنهن کي سمجهڻ ڪو سولو ناهي۔۔۔۔ پر
ڪِنھن ليکڪَ جي ڪَھاڻي ناھيان
ڪِنھن شاعر جي ڪَوتا بـ ناھيان
جو نـه وَڻي تـه ڦاڙي ڇڏجي
يا ڊسٽ بِن ۾ اُڇلائي ڇَڏجي
اهي احساس به گهرا ۽ سوچڻ جهڙا، عورت انسان آهي، محبت آهي، ماء آهي، ڀيڻ آهي ۽ زال آهي ۔۔۔ ان لاء عزت هجڻ گهرجي۔