سهڻي پارس
سينيئر رڪن
جي احساسَن تائين
پُھچَڻ ٿو چاھين
تـه سڀ کان پھرين
تارا لاھي ڏيکار!
چنڊُ جھولَ ۾ جَھلي ڏيکار!
آسمان جي وُسعتُن تائين
پُھچي ڏيکار!،
ڪَڪَرن کي ڌُوڻي
بارش آڻي ڏيکار،
پھرين چنڊَ کي
سِجَ جي سامُھون بيھار
تِنھن کان پوءَ
پاڻَ کان پُڇءُ
ڇا احساسَن تائين
پُھچي سَگھندين؟
تون هارائي ويندين!
جانا!
ھارائي ويندين........