معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
سنگت يا سنڌ سنگت لکو
معصوم سنڌي
لکندڙ دوستن توڙي پڙهندڙن کي وينتي ڪجي ٿي ته اهي ڪنهن به اداري يا جماعت توڙي فرد کي اصلوڪي نالي سان سڏين، لکن ۽ ڪوٺين
اسان وٽ مختصر-پڻي جي وبا پکڙيل آهي، ان هير ۾ اسان ادارن، جماعتن ۽ فردن کي اصلوڪي نالي کان بنهه بدلائي ان جو ارڪو ترڪو وڃائي ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال اسان وٽ ”سنڌي ادبي سنگت“ آهي، صحافتي ادارن ۾ ويٺل ڪجهه ڄامڙن ان جو نالو بنيادي هيئت ۽ حيثيت کان اڻ ڄاڻائي سبب وڃائي ان کي ”ساس“ ۾ بدلائي ڇڏيو.سنڌي ادبي سنگت جنهن کي ڄامڙي
قسم جي اڌڙين صحافين ساس ۾ تبديل ڪري عجيب قسم جو تاثر ڏنو،هنن سنگت کي ”ساس“ ته ڪيو پر ”بهو“ بڻائڻ جا جتن به ڪيا.”ساس“
نالي ۾ جتي اسان جهڙن ماڻهن کي ڌپ، ڪرڀ محسوس ٿي، اتي اسان اها ايجنڊا به رکي ته ”ساس“مان جند ڇڏائڻ لاءِ ان جي اصل نالي جو وقار بحال ڪرڻ گهرجي، جنهن تي ڏهاڪو سال اڳ اهڙي ايجنڊا تي سنڌي ادبي سنگت اجلاس ڪوٺائي اها منظوري ڏني ته هاڻي سنڌي ادبي سنگت کي ”ساس“ لکڻ کان پاسو ڪيو وڃي، گهڻي سوچ، ويچار ۽ راين کان پوءِ اها تجويز آڏو آئي ته اڄ کان وٺي سموريون شاخون، صحافتي ادارا ۽ اديب توڙي شاعر ”ساس“ نه لکندا ۽ نه وري پڙهندا، ان کي سنڌي ادبي سنگت ئي لکيو پڙهيو وڃي.ان اجلاس ۾ اهو نقطو به رکيو ويو ته جيڪڏهن نالو ڊگهو ۽ صحافتي ادارن لاءِ خبر جي سرخي ۾ دگھو يا وڏو ٿو ٿئي ته پوءِ سنگت يا سنڌ سنگت لکييو وڃي،ان اجلاس ۾ سڀني جي اتفاق راءِ سان ”سنڌ سنگت“ ۽ ”سنگت“ نالو منظور ڪيو ويو.
ان کان پوءِ اسان ڏٺو ته مرڳو صحافتي ادارا پر سنگت جي مرڪزي قيادت ۽ شاخن جا سيڪريٽري به ”ساس“ جي پچر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، انهن کي لکت ۽ زباني سمجهايوسين ته ٻيلي ايئن نه ڪريو، هروڀرو اسان کي ”بهو“ جي ڳولا نه ڪرايو، ڇڏي ڏيو ”ساس“ جي پچر،تڏهن وڃي ڪجهه لُڙ لٿو پر اهو لُڙ اڃا گهٽيو ناهي، سو توهان سڄاڻ ماڻهن کي گهرجي ته ان ”لُڙ“۾ نه لڙهو ۽ سنگت يا سنڌ سنگت لکو، پڙهو يرا سڏيو.