کنڊ ڪيئن ٺهيا؟ڪريم داد پتافي اسان جڏهن ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي بيهنداسون ته ائين محسوس ٿيندو ته پاڻي ۽ خشڪي پاڻ ۾ مليل آهن پر اهي ڪنارا سدائين هڪ جهڙا نه آهن ڇو ته سامونڊي ڪنارن ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. سمنڊ جون ڇوليون ۽ ويرون ڪنارن سان ايتري ته زور سان ٽڪرائبيون آهن جو ڪنارا کاڄندا رهندا آهن. اهوئي سبب آهي جو انگلينڊ جا ڪيترائي ننڍا شهر سمنڊ هيٺ اچي ويا آهن. هالينڊ ۾ جنهن جي زمين سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي اتي سمنڊ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ وڏا وڏا بند ٻڌا ويا آهن ۽ وڏين وڏين مشينن سان پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪيو ويندو آهي پر هڪ ڀيري سمنڊ ايتري ته جوش ۾ آيو جو سڀئي بند ٽوڙي ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيائين. سياري جي موسم ۾ سامونڊي طوفان ايتري ته زور سان ايندا آهن جو وڏي ۾ وڏا وڻ به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا آهن. ڊينمارڪ جي سامونڊي ڪناري تي هڪ گرجا آهي جنهن جي هيٺان سمنڊ پٿر ۽ ڪڪري لوڙهي ويو آهي ۽ هاڻي اها گرجا هڪ وڻ مٿان بيٺل آهي ۽ ماڻهو ان کي عجوبو سمجهي ڏسڻ ايندا آهن. سامونڊي طوفانن، ڇولين ۽ ويرن ڪري ڪٿي ته ننڍا ٻيٽ پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا آهن ته ڪٿي وري نوان ٻيٽ وجود ۾ اچي ويندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح وڏن کنڊن جي ايراضي ۽ نقشي ۾ ڦيرو ايندو رهي ٿو. پراڻي زماني ۾ اهي تبديليون تمام گهڻيون اينديون هيون ۽ جيڪي نقشا اڄ کان ڏهه ڪروڙ يا پنجاهه ڪروڙ سال اڳ جا ٺهيل آهن، اهي اڄوڪن نقشن کان بلڪل مختلف آهن. پراڻن نقشن ۾ تقريباً سڄو اتر آمريڪا پاڻيءَ هيٺ ڏيکاريل آهي ۽ ان زماني ۾ صرف اوڀر ڪئناڊا، نيويارڪ، مچيگن ۽ وس ڪونسن خشڪ علائقن جا حصا آهن. ان زماني کان ٿورو اڳ ڏکڻ آمريڪا، ايشيا ۽ آسٽريليا جا ڪجهه حصا پاڻيءَ هيٺ آيل هئا پر آهستي آهستي پاڻيءَ کان نڪري اڄوڪيءَ صورت ۾ آيا آهن. ان کان پوءِ ڪافي تبديليون آيون آهن، مثال طور ڪجهه وقت اڳي اتر آمريڪا ايشيا سان مليل هئي ۽ ان دور ۾ هندستاني ماڻهو وڃي آمريڪا ۾ آباد ٿيا هئا، اهي ايشيا کان آمريڪا خشڪي رستي پهتا هئا. ان وقت انگلينڊ يورپ سان مليل هئو. آفريڪا جو مشهور بيابان صحرا پاڻي هيٺ هو. خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ جي ان جنگ ۾ خط استوا جي اترين حصن ۾ خشڪي گهڻي آهي. وڏن کنڊن مان ايشيا، يورپ ۽ سڄي اتر آمريڪا ۽ آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جو ڪافي حصو خط استوا جي اتر ۾ اچي ٿو، ان هوندي به سمنڊ جو حصو خشڪيءَ کان وڌيڪ آهي. وڏن کنڊن ۽ سڀني کان مٿي ائنٽارڪٽيڪا يعني ڏکڻ قطب جو ملڪ آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان اٽڪل هڪ ميل مٿي آهي ۽ سڀني کان هيٺ وري آسٽريليا جو کنڊ آهي.وڏن کنڊن کان پوءِ وري سمنڊ جو پٿريلو حصو ايندو آهي جنهن کي شيلف (Shelf) چئبو آهي. سمنڊ جا هي پٿريلا حصا گهڻو ڪري هڪ جهڙا ٿيندا آهن ۽ آهستي آهستي لهوارا ٿيندا ويندا آهن ۽ آخر ۾ ٻه اڍائي ميل پري اونهي سمنڊ ۾ غائب ٿي ويندا آهن، ڪن کنڊن جي ڪنارن وٽ وري هي پٿريلا (Shelf) حصا ڪونه ٿين ۽ انهن جي جاءِ تي وڏا وڏا قيمتي وڻ هوندا آهن ته ڪن کنڊن جا هي پٿريلا حصا ڪيترائي سؤ ميل ويڪرا ٿيندا آهن. هونئن عام طرح سان سندن ويڪر تقريباً ٽيهه (30) ميل هوندي آهي. ڪن سمنڊن جا ڪنارا وري وارياسا يا گپ وارا ٿيندا آهن، جن تي سمنڊ جي ڇولين جو تمام گهڻو اثر ٿيندو رهندو آهي ۽ جي پاڻ سان واري ۽ مٽي لوڙهي کنيون وينديون آهن، ۽ ائين سامونڊي ڦير ڦار ٿيندي رهندي آهي .(ڪتاب ”سمنڊ جا اسرار“ تان ورتل)