دوستو ! ڪو اهڙو ڪنورٽر موجود آهي جيڪو اياز شاھ ڪي بورڊ ذريعي ڪمپوز ٿيل مواد کي ايم بي لطيفي جي فارميٽ ۾ آڻي اميد ته آئي ٽي ماهرين رهنمائي ڪندا
سائين اڳ ۾ ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته اهڙو ڪنورٽر آهي ليڪن اهو ڪهڙو دوست هو هن وقت ذهن ۾ نه ٿو اچي بهرحال اميد آهي ته ڪونه ڪو دوست هي اوهان جو پيغام پڙهي ضرور اوهان کي ٻڌائيندو.
ڀاء توهان جي مهرباني ان ڪنورٽر جي هجڻ جي معلومات ته هن ناچيز کي به آهي پر مسئلو دستيابي جو آهي اميد ته ساٿي ساٿ ڏيندا
منهنجو فائل ڊن جو اڪائونٽ ڪم نه پيو ڪريو، اپ لوڊ ٿيل فائل جي لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ايرر پيو اچي. حيرت جي ڳالهه ته اهو ايرر صرف ون رار جي فائلن ۾ ٿو اچي، باقي پي ڊي ايف وغيره جي فائلن ۾ نه پيو اچي. بهرحال انهيءَ جي باوجود اياز شاهه ٽو ايم بي سنڌي ڪنورٽر جو لنڪ هتي شيئر ڪري رهيو آهيان، ٿي سگهي ٿو اهو مسئلو صرف مون سان ئي هجي. ٻيءَ صورت ۾ جن دوستن کي ڪنورٽر گهرجي، اهي پنهنجي اي ميل ايڊريس مون کي پي ايم ڪري ڇڏين، آئون کين ميل ڪري ڇڏيندس. هن لنڪ تان ڪاپي ڪريو
بقول بشير احمد جي ته سائينءَ فائل ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ جو مطلب ته لنڪ ڪم ڪري پيو. خبر ناهي توهان وٽ اهو لنڪ ڪم ڪري ٿو يا نه....؟
سائين فائيل ته ڊائون لوڊ ٿي ويو آهي ليڪن ۾ ان ڪو سافٽويئر ته نظر نه ٿو اچي۔ وڌيڪ وري ادو بشير صاحب جواب ڏئي ته خبر پوي۔
ادا مٿي فائيل ۾ ايم ايس ورڊ جو مئڪرو ڏنل آهي اوهان پهرين پراڻي فائيل کي کولي پوءِ هن مئڪرو کي استعمال ڪريو۔ مون وٽ ڪا فائيل موجود ڪوشش ڪرڻ لا موجود ڪونهي۔
هي سافٽويئر نه پر ٽيمپليٽ آهي، جيڪا ايم ايس ورڊ ۾ ايڊ ڪرڻي پوندي، انهيءَ کان پوءِ پنهنجا پراڻا ڊاڪومينٽس ايم بي سنڌيءَ ۾ تبديل ٿي سگهندا.