سامونڊي وهڪرا ڪريم داد پتافي سمنڊ جو پاڻي هڪ هنڌ ٽڪيل نه پر ڪنهن طرف هلندو نظر ايندو آهي. توهان جيڪڏهن لهرن مان پيدا ٿيندڙ گجيءَ ۾ ٽٻي هڻي ڏٺي هوندي ته توهان محسوس ڪيو هوندو ته پاڻيءَ جا ذرڙا توهان جي پٺيءَ تان ڪيڏانهن هلندا پيا وڃن. گَهراين وارن سامونڊي تهن جو پاڻي پنهنجي سفر پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سال وٺندو آهي ۽ سمنڊ جي هيءَ بي آرامي بنيادي شيءِ آهي. جيئن زمين جو پنهنجي محور تي، سج جي چوڌاري ڦرڻ ڪري، جيڪي سمنڊ خط استوا جي ويجهو اچن ٿا، انهن تي سج جي ڪرڻن جو سڌو اثر ٿئي ٿو ۽ قطبن وارن سمنڊن کان وڌيڪ گرم رهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو سمنڊن جو پاڻي هلندو رهي ٿو. سمنڊ ۾ وهڪرا ٽن سببن ڪري ٿيندا آهن: 1- زمين جو پنهنجي محور تي گردش ڪرڻ. 2- پاڻيءَ جو گرم ۽ ٿڌي ٿيڻ ڪري. 3- ننڍن ننڍن ٻيٽن ڪري وڏا سمنڊ ورهائجي ننڍن درياهن جي صورت اختيار ڪندا آهن. جڏهن خط استوا وٽ سمنڊن جو پاڻي سج جي ڪري گرم ٿئي ٿو ته اُتي پاڻيءَ ۾ گرم ٿيڻ ڪري ڪجهه انچ چاڙهه اچي ٿو ۽ اهريءَ طرح هڪ قسم جي لاهي پيدا ٿئي ٿي، نتيجي ۾ خط استوا وارو پاڻي اتر ۽ ڏکڻ قطب ڏانهن وهڻ شروع ڪري ٿو، جتي پاڻيءَ جو سطح ٿڌي هئڻ ڪري ٿورو هيٺ هوندو آهي ۽ ائين خط استوائي وهڪرن وارو پاڻي اِن ٿڌي پاڻي جي مٿان اچي وڃي ٿو جيڪو وري آهستي آهستي خط استوا ڏانهن رخ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سان وهڪرن جو هڪ چڪر ٺهي پوي ٿو. سمنڊن جي پاڻيءَ جي چرپر لاءِ ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ جو ميلاپ ضروري آهي. زمين جي ڦرڻ (Spining) ڪري به سمنڊ جي پاڻيءَ جا وهڪرا ٿيندا آهن. جيڪڏهن زمين جي ڦرن جو رخ اوڀر طرف آهي ته پاڻيءَ جو رخ وري اولهه طرف هوندو آهي. سڀني کان پهريائين جنهن ماڻهوءَ سمنڊن جي وهڪرن بابت ٻڌايو، اهو بينجامن فرينڪلن (Benjamin Franklin) آهي. سندس چوڻ مطابق امريڪي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ ۾ صرف ٻه هفتا لڳائيندا آهن، ڇو ته امريڪا خلاصي جهازن کي هلائيندائي اهڙن سامونڊي حصن مان آهن جيئن وڌ ۾ وڌ وهرڪن جو فائدو وٺي سگهجي. فرينڪل (B. Franklin) پوءِ هڪ سامونڊي وهڪرن (جن کي سامونڊي درياء به چيو وڃي ٿو) جو نقشو ٺاهيو. مثال طور گلف اسٽريم (Gulf Streem) جنهن کي ميڪسيڪو جو وهڪرو به سڏيو ويندو آهي، جيڪا ميڪسيڪو نار ۾ فلوريڊا ۽ ڪيوبا جي وچ مان نڪري ٿي. هن نهر جي ويڪر اٽڪل نوي ميل ۽ گَهرائي اڌ ميل ٿيندي ۽ پاڻيءَ جي رفتار شروع ۾ صرف ٽي ميل هڪ ڪلاڪ ۾ هوندي آهي پر آهستي آهستي سندس رفتار تيز ٿيندي ويندي آهي ۽ يورپ پهچڻ تائين ڪافي وڌي ويندي آهي ۽ سندس ويڪر به وڌي ويندي آهي. جڏهن هي ميڪسيڪو نار وارو وهڪرو يورپ پهچندو آهي ته ڪيترن ئي ننڍن ننڍن شاخن ۾ ورهائجي ويندو آهي. سندس هڪ شاخ انگلينڊ ۽ ناروي جي ڪنارن کان ٿيندي قطبن ڏانهن هلي ويندي آهي ته ٻي شاخ وري آفريڪا جي الهندي ڪناري طرف هلي ويندي آهي. هن وهڪري جي هڪ ٻي شاخ وري آئس لينڊ (Ice land) جو رخ ڪندي آهي. خشڪيءَ وارا درياهه يا نديون ڪنهن ڍنڍ يا چشمي مان شروع ٿيندا آهن ۽ ختم به ڪنهن ڍنڍ يا سمنڊ ۾ ٿيندا آهن پر سامونڊي لهرن يا وهڪرن جي چڱيءَ طرح خبر ڪانه پوندي آهي ته ڪٿان شروع ٿيا ۽ ڪٿي ختم ٿيا ڇو ته شروع به پاڻيءَ کان ٿين ٿا ۽ ختم به پاڻيءَ ۾ ٿين ٿا. زمين جي گردش اولهه اوڀر ڏانهن هوندي آهي ۽ ان گردش جو اثر هوائن تي به پوندو آهي. خط استوا وٽ زمين جي گردش تيز هئڻ ڪري، هوا جو رخ هڪ ئي طرف هوندو آهي ۽ اهڙين هوائن کي تجارتي هوائون چئبو آهي. اولهه کان اوڀر ڏانهن زمين جي گردش ڪري هوائن جو رخ وري اوڀر کان اولهه ڏانهن هوندو آهي پر خط استوا وٽ جيئن ته زمين پوريءَ طرح گول ڪانه آهي تنهنڪري خط استوا جي اتر ۾ هوائن جو رخ اتر اوڀر طرف هوندو آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڏکڻ اوڀر طرف هوندو آهي. هوائن جو هي مستقل رخ سامونڊي لهرن کي مستقل طور پيدا ڪندو آهي. خط استوا کان ايندڙ وهڪرو ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري ميڪسيڪو نار ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ هن نار جي پاڻيءَ ۾ کليل سمنڊن جي مقابلي ۾ ڪافي چاڙهه اچي ويندي آهي ۽ هن چاڙهه ڪري اُتان پاڻيءَ جو هڪ وهڪرو اچي ائٽلانٽڪ ۾ پوندو آهي، جنهن کي گلف اسٽريم يا ميڪسيڪو جو وهڪرو چئبو آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خط استوا جي ڏکڻ ۾ به هڪ پاڻيءَ جو وهڪرو آهي ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ به تمام وڏا وهڪرا آهن، جن کي سامونڊي درياهه چئي سگهجي ٿو. انهن مان هڪ خط استوا جي اتر ۾ آهي ۽ اٽڪل نوي هزار ميل ڊگهو آهي. اهو وهڪرو فلپائين جي سامونڊي ڪنارن کان ٿيندي، جپان تائين وڃي ٿو ۽ پوءِ اُتان واپس ٿئي ٿو. هن کي جپان جو وهڪرو چئبو آهي. پئسفڪ سمنڊ ۾ جيئن ته ٻيٽن جي گهڻائي آهي اُن ڪري سامونڊي درياهه، ننڍن ننڍن شاخن ۾ ورهائجي وڃن ٿا. هندي سمنڊ جيڪو ايشيا، امريڪا، ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ آهي. گهٽ ايراضيءَ ڪري سامونڊي وهڪرا ايترا آزاديءَ سان ڪونه ٿا هلن ۽ گهڻو ڪري سندن دارومدار موسمي هوائن تي آهي. انهن وهڪرن جي باوجود به ڪٿي پاڻي ماٺ ۾ هوندو آهي. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ هڪ ٻئي قسم جي چرپر به ٿيندي آهي. جيئن ته ٿڌو ۽ ڳؤرو پاڻي مٿان کان هيٺ ويندو آهي ۽ گرم ۽ هلڪو پاڻي هيٺان کان مٿي ايندو آهي. قطبن وٽ ٿڌو پاڻي هيٺ وڃڻ کانپوءِ اندرئي اندر گرم علائقن ڏانهن ويندو آهي ۽ خط استوا جو گرم پاڻي وري آهستي آهستي قطبن جي ٿڌي پاڻيءَ ڏانهن رخ ڪندو آهي. گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ هئڻ ڪري، سمنڊ ۾ گرم ۽ سرد وهڪرا ٿيندا آهن. اهي گرم وهڪرا خط استوا کان قطبن وارن سمنڊن ڏانهن وڃن ٿا ۽ سرد وهڪرا وري قطبي سمنڊن کان خط استوا وارن سامونڊي حصن ڏانهن وهن ٿا. گرم وهڪرن ۾ ميڪسيڪو نار وارو وهڪرو ۽ جپان وارو وهڪرو اچي وڃن ٿا. سرد وهڪرن ۾ ليبريڊار جو ٿڌو وهڪرو آهي جيڪو ڏکڻ آفريڪا الهندي ڪناري سان وهندو، نيو فائونڊ لينڊ (New found land) جي ويجهو اچي گلف اسٽريم يا ميڪسيڪو جي وهڪري سان ملي ٿو. هن وهڪري ۾ تمام گهڻي برف به وهندي رهندي آهي. جيڪا جهازن کي نقصان پهچائيندي آهي. ٻيو ٿڌو وهڪرو ڪئليفورنيا ۽ ميڪسيڪو جي الهندي ڪنارن سان وهندو اچي اتر خط استوائي وهڪري سان ملندو آهي. هن کي ڪئليفورنيا جو وهڪرو چئبو آهي. پاڻيءَ جي هيءَ چرپر سامونڊي جانورن ۽ ٻوٽن تي به اثر ڪندي آهي، ڇو ته جيڪڏهن هي ٿڌو پاڻي هيٺ تري ڏانهن نه وڃي ها ته آڪسيجن سمنڊ جي تري تائين ڪانه پهچي سگهي ها ۽ پاڻيءَ جي ان ئي چرپر ڪري سمنڊ جا مختلف لوڻ، ڌاتو ۽ ٻيا جزا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نه پهچي سگهن ها.جيئن اسان جي جسم ۾ رت جو دورو هلندو رهي ٿو ساڳئي طرح سمنڊن جو پاڻي به هميشہ گردش ۾ آهي. اسان جي جسم ۾ رت دل کان شروع ٿئي ٿو ۽ جسم جي هر حصي تائين پهچي ٿو، ايتريقدر جو آڱرين جي چوٽين تائين ۽ پوءِ اتان واپس دل ڏانهن اچي ٿو. رت جو ائين سڄي جسم ۾ دورو ڪرڻ تمام ضروري آهي يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي زندگيءَ جو دارومدار ئي رت جي دوري تي آهي، جيڪڏهن رت هڪ جاءِ تي بيهي رهي ته جيڪر انسان زنده نه رهي سگهي يا وري جنهن حصي ۾ نه پهچي ته اهو ختم ٿيل محسوس ٿئي. اهڙيءَ طرح سان سامونڊي جانورن يا ٻوٽن جو دارومدار ئي سمنڊ جي پاڻيءَ جي ميل ميلاپ تي آهي. سامونڊي وهڪرن ۽ پاڻيءَ جي گردش مسلسل هلندي رهي ٿي پر ڪن هنڌن تي پاڻي بيٺل به هوندو آهي، جيئن ”سمنڊ اسود“، جتي سمنڊ ۾ ڪنهن به قسم جي چرپر نه هوندي آهي ۽ چرپر نه هئڻ ڪري ان ۾ زهريلا مادا جمع ٿي ويندا آهن ۽ مڇيون يا ٻيا جانورن ان ۾ ڪونه رهي سگهندا آهن. سائنسدانن جي هڪ اندازي مطابق جيئن ڪنهن تلاءَ يا دُٻي جو پاڻي مٽبو رهي ٿو تيئن ئي سمنڊن جو پاڻي به هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچي وڃي ٿو ۽ اٽڪل هڪ سؤ پنجهٺ (165) سالن ۾ قطبي سمنڊن وارو پاڻي هڪ ڀيرو مٽجي وڃي ٿو ۽ ساڳي طرح مختلف نارن ۽ ننڍن سمنڊن جو پاڻي به مٽبو ۽ ڦرندو رهي ٿو. (ڪتاب ”سمنڊ جا اسرار“ تان ورتل)