سمنڊ جو هوا، سج ۽ چنڊ سان رشتوڪريم داد پتافي جيڪڏهن توهان سمنڊ جي ڪناري تي بيهي ڏسندؤ ته توهان کي سامونڊي پاڻيءَ جون لهرون ۽ ويرون ڏسڻ ۾ اينديون. سمنڊ جو پاڻي ٿوري دير لاءِ پوئتي هليو ويندو آهي پر جلدئي وري موٽي ڪنارن سان لڳندو آهي. اڪثر ڪري سمنڊ ۾ ويرون ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا اينديون آهن جيڪي وڏين وڏين لهرن مان ٺهنديون آهن. عام لهرون ته ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ اٿنديون آهن پر لهرون صرف مٿاڇري کان وٺي سمنڊ جي اونهن تهن تائين پهچي وينديون آهن جيڪي ڪافي وقت تائين هلنديون رهنديون آهن. پراڻي زماني ۾ ماڻهو ويرن بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون ڪندا هئا ۽ اڄ به ڪندا رهندا آهن. سندن چوڻ مطابق زمين پڻ ٻين ساهوارن وانگر ساهه کڻندي آهي ۽ نتيجي ۾ ويرون پيدا ٿينديون آهن. ”جولئيس سيزر“ جي خيال مطابق ويرون سج ۽ چنڊ جي ڪري ٿينديون آهن پر اهو ڪونه ٻڌائي سگهيو ته ويرون ڪيئن پيدا ٿين ٿيون. توهان جيڪڏهن هڪ پٿر کي هوا ۾ مٿي اڇلائيندؤ ته اهو واپس اچي زمين تي ڪِرندو، اهو ان ڪري ته زمين هر شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي جيئن چقمق لوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. اهريءَ طرح سج ۽ چنڊ به زمين ۽ سندس مٿاڇري تي هر ننڍي توڙي وڏي شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا. توهان شايد اهو سوچيو ته سج چنڊ کان وڏي هئڻ ڪري ان ۾ ڪشش يعني ڇڪ به وڌيڪ اٿس. چنڊ اٺاويهن ڏينهن ۾ پنهنجو ڦيرو پورو ڪري پنهنجي اصل جاءِ تي اچي ٿو پر جيئن ته ڏينهن رات ۾ چوويهه ڪلاڪ آهن ان ڪري ويرن جو وقت ڦرندو رهي ٿو ۽ روزانو هڪ ڪلاڪ پوئتي ويندو آهي. چنڊ نه صرف زمين جي چوڌاري ٿو ڦري پر ڪڏهن هو (چنڊ) خط استوا جو اتر طرف ته ڪڏهن ڏکڻ طرف هليو ويندو آهي. ۽ ان ڦيري ڪري چنڊ ڪجهه سمنڊن کي ويجهو ته ڪن کان پري ٿي ويندو آهي. چنڊ جي پري ۽ ويجهي اچڻ ڪري ويرن تي به اثر ٿيندو آهي، جڏهن ويجهو هوندو آهي ته ويرون گهڻي ڇڪ ڪري وڌيڪ اٿنديون آهن. چنڊ کان سواءِ سج جي ڇڪ به سامونڊي ويرن تي اثر ڪري ٿي ۽ جڏهن سج ۽ چنڊ زمين جي هڪ پاسي هوندا آهن ته سمنڊ ۾ ڇوليون ۽ ويرون به اوج تي هونديون آهن پر جڏهن سج ۽ چنڊ هڪ ٻئي سامهون هوندا آهن ته ٻنهي جي ڇڪ جو اثر هڪ ٻئي تي پوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سامونڊي ڇوليون ۽ ويرون گهٽجي وينديون آهن. ڇولين ۽ ويرن تي سمنڊ جي ويڪر جو به اثر پوندو آهي تمام ويڪرن ۽ کليل سمنڊن ۾ ويرون وڌ ۾ وڌ ٻن فوٽن تائين هونديون آهن پر سوڙهن ۽ ايراضيءَ ۾ گهٽ سمنڊن ۾ ويرون تمام وڏيون هونديون آهن. دنيا ۾ وڏي ۾ وڏيون ويرون نووا سڪوشيا (Nova Scotia) جي نار فنڊي (Funday) ۾ اينديون آهن. هتي ويرون پنجاهه فوٽن تائين اٿنديون آهن. نار فنڊي ۾ ايڏيون وڏيون ويرون انهيءَ ڪري اينديون آهن جو سندس شڪل ڪيف جهڙي آهي، ۽ جيئن جيئن پاڻي اڳتي وڌندو ويندو ته نار سوڙهو ٿيندو ويندو آهي ۽ ويرن جي اوچائي وڌندي ويندي آهي. جڏهن سمنڊن ۾ وير چڙهندي آهي ته اُها درياهن جو رخ به بدلائي ڇڏيندي آهي، دنيا جي ڪنهن به درياهه ۾ ايتري طاقت ڪانهي جو سمنڊ جي چڙهيل وير کي پوئتي ڪري سگهي. سج ۽ چنڊ کانسواءِ ٻي به هڪ شيءِ جو سمنڊ جي سطح تي اثر ٿئي ٿو. سمنڊ ۾ جيئن ته پاڻي تمام گهڻو هوندو آهي ۽ هوائن ڪري ڇُلڪڻ شروع ڪندو آهي جن کي ڇوليون چئبو آهي. سامونڊي ڇوليون سوڙهن سمنڊن ۾ ته عام جام ٿينديون آهن پر ويڪرن ۽ کليل سمنڊن ۾ گهٽ هونديون آهن. قديمي زماني ۾ جڏهن زمين اڃا نئون ٺهڻ شروع ڪيو هو تڏهن ويرون تمام گهڻيون اينديون هيون. ان وقت ڏينهن چوويهن ڪلاڪن جو نه پر چئن ڪلاڪن جو ٿيندو هو ڇو ته زمين چئن ڪلاڪن ۾ پنهنجو ڦيرو پورو ڪندي هئي ۽ چنڊ به زمين کان ايترو پري نه هو جيترو اڄ آهي، ان ڪري ڇڪ تمام گهڻي زور واري هوندي هئي ۽ ويرون به تمام وڏيون ۽ اٽڪل هڪ سؤ فوٽن تائين هونديون هيون. هينئر جيئن ته ڏينهن وڌي رهيو آهي جنهنڪري زمين جي گردش گهٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ اهو ڏينهن جو وڌڻ برابر هلندو اچي ۽ آخر اهو ڏينهن به ايندو جڏهن چوڏهن ڏينهن جو ڏينهن ۽ چوڏهن راتين جي رات ٿيندي. ظاهر آهي ته ان ڦير ڦار جو آبهوا تي گَهرو اثر ٿيندو. ويجهڙائيءَ ۾ اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته ڏينهن ڪيترائي سيڪنڊ وڌي ويو آهي ۽ برابر وڌندو رهي ٿو ڇو ته سج ۽ چنڊ جي ڇڪ زمين جي گردش کي برابر گهٽائيندي رهي ٿي. (ڪتاب ”سمنڊ جا اسرار“ تان ورتل)
تمام سٺي چونڊ ۽ ڀرپور معلومات ڀريو ليک ۔۔۔ مونکي ياد آهي ته شايد الطاف شيخ جي ڪتاب جاني ته جهاز ۾ هڪ ننڍڙو ٽڪرو آهي جنهن جو عنوان آهي چنڊ جو سمنڊ تي اثر اهو به گهڻو معلوماتي ۽ عجيب لڳو هو۔