سامونڊي لهرون ڪريم داد پتافي سمنڊ جو مٿاڇرو سدائين چرندڙ نظر ايندو آهي ۽ ڪڏهن به هڪ هنڌ بيٺل نظر نه ايندو آهي. طوفانن ڪري يا تيز هوائن ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿينديون آهن. ظاهري طرح ته ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته سمنڊ جو پاڻي ڪيڏانهن هلندو پيو وڃي پر اصل ۾ ائين نه آهي، اهو صرف پاڻيءَ جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري هوندو آهي ۽ پاڻيءَ جو اوڀار ۽ هيٺ مٿي ٿيڻ کي اسان لهرون سڏيندا آهيون. سمنڊ ۾ لهرون هڪ ٻئي پويان لڳاتار اٿنديون رهنديون آهن ۽ ٻن لهرن جي وچ واري عرصي کي وقفو يعني ساهي چئبو آهي جيڪا وچ سمنڊ ۾ ته ڪيترا سؤ فوٽ هوندي آهي، پر ڪناري وٽ لهرون جي اوچائي پنج فوٽ کن ٿيندي آهي جيڪا اڳتي هلي سمنڊ اندر پندرهن فوٽن تائين پهچي ويندي آهي. وچ سمنڊ ۾ ڪجهه لهرون ايترو ته وڏيون هونديون آهن جو وڏي کان وڏا سامونڊي جهاز به ان اڳيان ننڍڙا نظر ايندا آهن. وڏيون لهرون اڪثر لڳاتار طوفانن ڪري اڀرنديون آهن، جيئن ڏکڻ آفريڪا ۾ گڊ هوپ جي ويجهو جتي سدائين وڏين لهرن جي ڀرمار لڳي پئي هوندي آهي. (ڪتاب ”سمنڊ جا اسرار“ تان ورتل)