ٍجڏهن ڀاء ٺهيو ڊاڪو (ڌاڙيل)! ( هڪ سچي ڪهاڻي) جن ڏينهن جي هي ڳاله آهي انهن ڏينهن ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان ۾ گهڻو ڪري اهڙيون فلميون ٺهنديون هيون جنهن ۾ ڊاڪون ۽ ڌاڙيلن کي هيرو طور پيش ڪيو ويندو هو انهن کي نه رڳو بهادر پر غريبن جي همدرد طور ڏيکاري عام ماڻهن سان انهن جي محبت ثابت ڪئي ويندي هئي ۔ منهنجي ڀاء جي ڪهاڻي به ان دور ۾ شروع ٿئي_ نويد اسانجو اڪيلو ۽ تمام گهڻو پيارو ڀاء هو۔ هو مون کان پنج سال وڏو هو ۽ والدين کي تمام گهڻين دعائون کان پوء ڄائو هو، ڇاڪاڻ ته شادي کان پوء اٺن سالن تائين اسانجي والدين کي ڪو اولاد نه ٿيو هو۔ هو ان نعمت لاء پريشان هئا۔ تنهنڪري جڏهن نويد پيدا ٿيو ته سڄي خاندان خوشيون ۾ رنگجي ويو۽ ڏاڏي سڄي ڳوٺ ۾ مڻن جي حساب سان مٺائي ورهائي۔ والدين جي آرزو هوندي آهي ته الله پاڪ نيڪ اولاد عطا فرمائي جيڪو سڄي خاندان جو نالو روشن ڪري۔ منهنجي ڏاڏي ۽ والدين جي پڻ اها خواهش هئي نويد جي باري ۾ ته سٺي تعليم پرائي معاشري جو هڪ نيڪ ۽ باعمل انسان ٿي زندگي گذاري ۽ هنن جي عزت جو باعث بنجي۔ جڏهن منهنجو ڀاء نويد چئن سالن جو ٿيو ته منهجي ڏاڏي هن کي ڳوٺ واري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو، بلاشبه هو هڪ ذهين ، لائق ۽ محنتي شاگرد هو۔ هن جي پرورش نهايت لاڏ ؤ پيار سان ٿيندي هئي۔هن جي هر خواهش پوري ڪئي ويندي هئي۔ اسانجي امي ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن چوندي هئي ته ايترو گهڻو لاڏ ؤ پيار ڪٿي نويد کي غلط رخ تي نه وٺي وڃي۔پر ڏاڏو هميشه جواب ڏيندو هو ته هي ڪيئن خراب ٿئي سگهي ٿو ،هن جي رڳن ۾ سٺو خاندان رت وهي رهيو آهي۔ توهان ڏسجو هي تعليم حاصل ڪري تمام وڏو ماڻهون ٿيندو ۽ خاندان جو نالو روشن ڪندو۔ برو ٿئي انهن فلميون ٺاهڻ وارن جو جنهن کي ڏسي نيڪ نام خاندانن جون اولاد به متاثر ٿئي ويندي آهي۔ انهن فلميون نويد ته به اثر وڌو۔ اسان جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ سينما هئي جنهن ۾ جڏهن فلميون لڳنديون هيون ته سڄوڳوٺ اهئي فلميون ڏسندا هئا ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ ڪو ٻيو تفريح جو ذريعو نه هيو ۽ ٽي وي جو به ايڏو رواج نه هئو۔انهن ڏينهن ۾ نويد جي عمر سورهن سال هئي ۽ جڏهن به سينماء ۾ ڪا نئين فلم لڳندي هئي ته نويد پنهنجي ڳوٺ جي دوستن سان گڏجي ان فلم کي گهڻا ئي دفعا ڏسندو هو۔ ڪچي ذهن جو مالڪ نويد ان ڊاڪون واري فلم جي هيرو کان متاثرٿيندو ويو ۽ فلم ڏسڻ کانپوء گهر ۾ اچي ان ڌاڙيل هيرو واري ايڪٽنگ ڪري گهر وارن کي کلائيندو۽ داد حاصل ڪندو هو۔ هن باقائده هڪ ڪهاڙي به خريد ڪئي هئي۔ نويد جي فلم بيني جي عادت وڌيندي ويئي، هاڻي هو ڏنڍي ۽ ڪهاڙي جي زبان ۾ ڳالهائڻ لڳو۔ هو هر روز گهر کان شام جي وقت غائب ٿئي ويندو هو ۽ رات جو دير سان گهر موٽي ايندو هو۔ اماء جون ته نينڊيون حرام ٿئي ويون هيون ۔بابا سائين نويد کي ڏاڍو سمجهايو، چچا به هن کي منع ڪئي پر نويد ڪنهن جي به ٻڌڻ لاء تيار نه هو، هو هر روز نصحيت ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو۔ انهن ڏينهن ۾ اسانجو ڏاڏو بيمار ٿئي پيو ۽ ڪجه وقت کانپوء قضا الاهي سان گذاري ويو۔ هاڻي ته نويد وڌيڪ سرڪش ٿئي ويو ڇاڪاڻ ته هو صرف ڏاڏي کان ڊڄيندو هو، نويد فلم بيني جي ڪري تعليم جي ميدان م پوئتي ٿئي ويو،امتحانن جي ڏينهن ۾ جڏهن ٻيا شاگرد راتين جو جاڳي پڙهائي ڪندا هئا ته وري نويد فلمون ڏسڻ ويندو هو ۔ نتيجو هي نڪتو جو نويد ميٽرڪ جي امتحان ۾ فيل ٿئي پيو۔ بابا سائين پهريون دفعو ڪاوڙ ۾ اچي نويد کي مار ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن پڙهندي نه ٿا ڇا ڪندي؟ نويد هڪدم جواب ڏنو مان ڊاڪو (ڌاڙيل) ۔رحمدل ڊاڪو بنجي پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪندس، مان جيڪو به مال ڦريندس، اهو غريبن ۾ ورهائيندس۔ نويد جو اهو ٻارڻو جواب ٻڌي، بابا پنهنجو مٿو پڪڙي ويهي رهيو ۽ نويد جو گهر مان نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو تاڪي هو فلمون نه ڏسي سگهي۔ ڪجه ڏينهن ته منهنجي ڀاء نويد برداشت ڪيو پر پوء هڪ رات جو نويد ڀت ٽپي ڀڄي ويو، صبح جو جڏهن امي هن جي ڪمري ۾ ويئي ته نويد ڪونه هو ۽ بستر تي هن جي لکيل چٺي پئي هئي ۔ هن لکيو ” امي جان! مان قيدي نه آهيان، جو ڏينهن رات گهر ۾ بند هجان،انهڪري مان گهرمان وڃي رهيو آهيان ،معاف ڪجو سفر خرچ لاء توهانجي الماري مان ڪجه پيسئا کنيو پيو وڃان، جڏهن ڪجه ٺهي ويندم ته اهئي پيسئا موٽائي ڏيندس، هاڻي مان ڪجه ٺهي ئي موٽيندس۔ امي جڏهن خط پڙهيوته روئڻ لڳي ۽ غشي طاري ٿئي ويس۔ بابا سائين نويد کي ڏاڍو تلاش ڪيوپر نويد نه مليو۔ تڏهن هڪ دوست جي زباني اهو معلوم ٿيو ته ان رات نويد سان گڏ علائقي جي زميندار جا ٻه پٽ به گهر ڇڏي ڀڄي ويا هئا،اهئي ٽئي گڏ فلميون ڏسندا هئا، دراصل هو گهر مان ڀڳا ئي ڊاڪو ٿيڻ لاء هئا۔ اهي ٽئي ڪمسن ۽ نادان ڇوڪرا پشاور ويا ، اتان هنن هڪ پستول خريد ڪيو، پوء واپس پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان وري شهر ۾ آيا۔هڪ رات هوٽل ۾ رهيا ۽ ڪنهن خوشحال گهر ۾ ڌاڙي هڻڻ جو پلان ٺاهيو۔انهن صبح جو هڪ گهر جو انتخاب ڪيو،ان جو جائزو ورتو۔ان گهر جون ڀتيون ننڍيون هيون ۽ چوڪيدار به نه هو۔رات جو هڪ دوست ٻاهر پهري تي بيٺو جڏهن ته نويد هڪ ٻئي دوست سان ان گهر۾ ڀت ٽپي گهڙيو ۔جڏهن هو رڌڻي مان لائونج ۾ داخل ٿيا هڪ شخص کي ڪجه لکندي ڏٺون۔هي ڪنهن اديب جو گهر هو۔ هنن هڪدم هن کي هينڊزاپ چيو! اهو شخص به ڪو ڏاڍو دلير هو، نويد وارن جي چهري ته نظر وجهندي هن همراه پڇن ته ، اوهان ڇا ڪرڻ آيا آهيو؟ ڌاڙو هڻڻ ، ٻيو ڇا ڪرڻ آيا آهيون۔ جيڪو ڪجه اٿئي اسان جي حوالي ڪري۔ نويد جواب ڏنو۔ان همراه چيئن، مان هڪ سفيد پوش ماڻهون آهيان منهجا ٻاروڙو۔ مون وٽ ايتري دولت نه آهي جيڪا اوهان جي حوالي ڪيان۔ پر اهو ته ٻڌايو توهان ايتري دولت جو ڇا ڪندو؟ نويد جواب ڏنو ۔ اسان ان دولت کي غريبن ۾ تقسيم ڪنداسين۔ اهو ٻڌي اهواديب ڏاڍو کليو۔ هاڻي ان کي ان ڳاله جو اندازو ٿئي وي هو ته نويد واري اناڙي ڌاڙيل آهن، هن انهن کي چيوء! ڏسو مون کي ماري اوهان کي ڪو فائدو نه ٿيندو، مون تي گولي ضايع نه ڪيو،توهان چهرن مان بکايل ٿا لڳو، ايئن ڪيو جو پهريون ڪجه کائي پئي وٺوپوء منهنجي گهر جي تلاشي وٺجو۔ جيڪا شي توهان کي قيمتي لڳي ، اها کڻي وڃجو۔ مان گهر ۾ اڪيلو آهيان ۽ مون وٽ ڪوبه هٿيار نه آهي۔ مان توهان سان مقابلو نه ڪندس ۔ نويد وارن کي واقعي بک ۽ سيء پيو لڳي ،هو ان ماڻهون جي سامهون وري صوفا تي ويهي رهيا۔ اهو اديب رڌڻي مان ڪجه کائڻ جو سامان کڻي اچڻ جي بهاني لائونج مان نڪري آيو ۽ ٻاهر اچي پنهنجي ڀاء کي جيڪو پوليس ۾ آفيسر هو ان کي فون ڪئي۔ ڪجه دير ۾ پوليس اچي ويئي، نويد وارا اڃان ڪيڪ کائي رهيا هئا ته پوليس وارن انهن کي پڪڙي ورتو۔پستول کي قبضي ۾ ورتو،ان کي کولي ڏٺو ته پستول خالي هو۔ نويد وارا خالي پستول سان ڊيڄاري ڌاڙو هڻڻ آيا هئا۔ اديب پوليس ورن کي چيوء هنن کي ٿاڻي تي وٺي وڃڻ کان پهريائين اهو معلوم ڪيو ته هي ڊاڪٽر۔ انجنير يا ڪي ٻيا آفيسر ٿيڻ جي بجاء ڌاڙيل ڇو ٺهڻ پيا چاهين۔اديب جي آفيسرڀاء نويد وارن جو انٽرويو ڪيو ۽ ان کانپوء نويد جي ٻنهي دوستن جي والد جو نمبر وٺي۔ انهن کي فون جي ذريعي گهرايو۔انهن ٻن کي جيڪي زميندار جا پٽ هئا۔ تنبيه ڪرڻ کانپوء والد جي حوالي ڪيو جڏهن ته منهنجي ڀاء نويد کي اديب پاڻ وٽ رکيو ۽ منهنجي پيء کي چيو ته هي ڇوڪرو مون کي ڏيو ، مان هن کي پڙهائي لکائي هڪ نيڪ انسان ٺاهيندس، هي ذهين ڇوڪرو آهي، هن کي لوفر ڇوڪرن کان پري رکڻو آهي جيڪو توهانجي وس ۾ نه آهي۔ منهنجو پيء واپس اچي ويو بعد ۾ خبر پئي ته اهو اديب ۽ ان جو پوليس آفيسر ڀاء منهنجي ڏاڏي جا نيازمند هئا ۽ انهن تي منهنجي ڏاڏي ڪنهن زماني ۾ ڪو احسان ڪيو هو۽ پوليس آفيسر کي نوڪري به منهنجي ڏاڏي ڏياري هئي۔ هاڻي هو ان احسان جو بدلو ڏيڻ پيا چاهين تاڪي هو نويد کي بچائي سگهن جنهن کي ڊاڪو ٿيڻ جو شوق هو۔واقعي هنن پنهنجو وعدو پورو ڪيو ، نويد کي پاڻ وٽ رکيو ۔پنهنجي نگراني ۾ هن کي ميٽرڪ پاس ڪرايو۔ پوء ڪاليج ۾ داخلا ڏياري۔ جڏهن نويد انٽرسٺن نمبرن سان پاس ڪئي ته هن کي پوليس ۾ انسپڪيٽر جي نوڪري ڏياري۔ اسان سڀ خوش هئاسين ته انهن نويد جي زندگي سڌاري ڇڏي۔ ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان ته جيڪڏهن اهو اديب جو گهر نويد وارن جي پهريون شڪارنه هجي هان ته نويد وارن جو ڇا ٿئي هان ۽ هو ڪيئن سٺي زندگي ڏانهن موٽن هان۔ هو يقينن، ڌاڙيل ۽ رهزن ٿين هان ۽ ڪنهن ڏينهن پوليس جي گولين جو کاڄ ٿئي وڃن هان۔ محترم ڀاتي هن اڱڻ جا! محترما شائسته صاحبه جن جي مٿين ڪهاڻي جيڪا هنن خليج ٽائيمز ۾ انگريزي زبان ۾ لکي هئي کي ترجمو ڪري هت ونڍ ڪرڻ جو اسان جو مقصد اهو آهي ته اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان ڪٿي محبت جي هٿان مجبور ٿئي ڪري پنهنجي اولاد جي هر ناجائز خواهش ته نه پوري ڪري رهيا آهيون ۽ ايئن ان جي غلط ڪمن تي روڪڻ جي بجاء همٿايون ته ڪٿي نه ٿا؟ ايئن ته نه آهي جو اسان جي اولاد جي ڪچين ذهن ۾ به نويد جهڙا ڌڙيل ٿيڻ ۽ اميرن کان دولت کسي غريبن کي ونڍ ڪرڻ وارا منفي خيالات ته پرورش نه ڪري رهيا آهن۔ نويد کي ته وري به هڪ سٺو انسان جيڪو اديب هو ۽ هڪ نيڪ پوليس آفيسر جنهن تي نويد جي ڏاڏي جا احسان ها مليو ۽ هن جي زندگي سنوري ڇڏي، ايئن نه ٿئي جو اسان جي اولاد کي ڪو اهڙو شخص نه ملي ۽ هو ڏوهن جي دنيا ۾ غرق ٿئي وڃي۔ ٻارن جي حرڪتن جو کليل اکين سان مشاهدو ڪيو۔ غلط حرڪتن تي سختي سان روڪيو۔ ورنه هميشه لاء پڇتائڻو پوندو۔ ڏسو ۽ عمل ڪيو ، ڏسو ؤ عمل ڪيو۔ ڏسو ؤ عمل ڪيو۔ واڪا ڪرڻ مون وس باقي شل آثر ڪري هن اڱڻ جي گهر ڀاتين تي۔
واقعي اهو سچ آهي جيڪڏهن اهو اديب جو گهر نويد وارن جي پهريون شڪارنه هجي هان ته نويد وارن جو ڇا ٿئي هان ۽ هو ڪيئن سٺي زندگي ڏانهن موٽن هان۔ هو يقينن، ڌاڙيل ۽ رهزن ٿين هان ۽ ڪنهن ڏينهن پوليس جي گولين جو کاڄ ٿئي وڃن هان۔
معاشري جو بگاڙ ڪرڻ ۾ جتي عام معاشرتي حالتن جو هٿ آهي اتي اسان جي ميڊيا جو به ناڪاري ڪردار رهيو آهي۔ ڪاش ڪي ماڻهو ، ڪي گروپ ، ڪي ادارا ٺهن جيڪي هن معاشرتي بگاڙ کي روڪين ۔۔۔
محترم سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب توهان جي ونڊ ڪيل هر ڪهاڻي سبق آموز هوندي آهي ، اها حقيقت آهي ته انهن فلمن ٻارن جو ذهن ۽ ڊرامن عورتن جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي ۔ اڄڪلهه ڪي ٽي اين تي به اهڙي قسم جا ڊراما هلي رهيا آهن۔ ماحول جو اثر ڪچن ذهنن تي جلدي اثر ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ياد آهي اسانجي علائقي ۾ ڌاڙيلن جو رهزن دور هيو نواز شريف دور ۾ ڪجهه صفايو ٿيو پر ان کان پوءِ انهن ڌاڙيلن جي نسل به ساڳي راهه اختيار ڪئي۔ ڇهين ڪلاس جو هڪ شاگر مون وٽ پڙهندو هيو هڪ مشهور ڌاڙيل جو پٽ هيو تعارف جي وقت جڏهن هن جو وارو ايندو هيو ته چوندو هيو آءِ وانٽ ٽبي ڌاڙيل۔ الله تعالي سڀني جي اولاد کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ درست رستي تي هلڻ جي تو فيق عطا فرمائي۔