نسرين هنڱورو
سينيئر رڪن
بيشڪ اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي ۽ جيترو ان ۾ سيڪيولر ازم جو تصورآهي اهڙو ڪنهن مذهب ۾ ناهي مقدس ڪتاب قرآن پاڪ جي سوره ڪافرون ۾ خدا تعالٰي فرمائي ٿو ته”ڪنهن جي دين جي ڇيڙ خاني نه ڪريو توهان جو مذهب توهان سان انهن جو دين انهن سان“ ۽ ان وقت جا مسلمان ڪنهن نياڻي کي اغوا ڪري ڏنڊي جي زور تي مسلمان ڪرڻ پنهنجو شان نه سمجهندا هئا جڏهن ڪو شهر، ملڪ فتح ڪندا هئا ته هارايندڙ قوم لاءِ ٻه واٽون هونديون هيون يا مسلمان ٿين يا ”جزيو“ ادا ڪن ۽ ”جزيو“ ادا ڪندڙ اسلام ۽ مسلمانن جي پناه ۾ هوندا هئا انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي هئي هي ”نام نهاد مسلمان ابنِ قاسم جي روحاني اولاد جن ۾ مذهب جو ڪيڙو گهڻو آهي “ جيڪي اسان سنڌين کي مذهب جي آڙ وٺي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش تحت اسان جي سنڌي هندو نياڻين سان جيڪو ويڌن شروع ڪيو آهي ان تي آواز اٿارڻ سنڌ جي هر غيرتمند سنڌي ماڻهو جو فرض آهي اسان انهن منافقين کي وائکو ڪيون پيا جنهن لاءِ خدا پاڪ سوره بقرا ۾ فرمائي ٿو ته ” اهي ئي زمين ۾ فساد ڦيلائڻ وارا آهن ۽ جڏهن کائين پڇيو وڃي ٿو ته چون ٿا ته اسان ته اصلاح ڪرڻ وارن مان آهيون اهڙن لاءِ دنيا ۾ ذلت ۽ آخرت ۾ عذابِ عليم تيار آهي “