دوستو سنڌ سلامت فورم کي لانچ ٿيندي اڃان 8 مهينا ٿيا آهن۔۔۔ پر فورم تي روز بروز دوستن جي باقائدگي سان اچڻ ۽ پنهنجي لکڻين کي فورم جي زينت کي بنائڻ ڪري فورم جي ڊيٽا بيس کي سهيڙڻ ۾ ڪجهه دشواريون پيدا ٿي رهيون آهن۔۔۔ سنڌ سلامت جي سالگره تي ڪوشش آهي ته فورم کي اپڊيٽ ڪري هڪ وڌيڪ نئين ۽ خوبصورت لباس سان آندو وڃي ان سلسلي ۾ ڊيٽابيس کي اهڙي نموني سنڀالڻو پوندو جو دوستن جي موڪليل مواد ضايع نه ٿئي۔۔۔ جنهن ڪري ڪجهه ناپسنديده قدم کڻڻا پئجي رهيا هئا۔۔۔ جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن فورم کي بند رکڻ به هڪ آپشن هو۔۔۔ پر سمورن دوستن جي روزانو حاضري ۽ سنڌ سلامت سان محبت کي ڏسي اهڙي عمل کان ڪنارو ڪندي عارضي طور فائيلز ۽ فوٽوز ڳنڍڻ واري عمل کي عام رڪن لاءِ غير فعال ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن لاءِ سنگت کان ڪجهه ڏينهن معزرت ٿي گهرجي۔۔۔ انهي دوران انتظاميا جي ڪوشش هوندي ته اڳ ۾ موجود تصويرن ۽ ڳنڍيل فائيلز کي ترتيب ڏني وڃي جنهن کان پوءِ ان عمل کي ٻيهر فعال بڻايو وڃي۔۔۔۔ تيسيتائين سموري ساٿ کي گذارش آهي ته پنهنجي لکڻين ۾ موجود تصويرن يا فائيلز کي ڪنهن ٻي سائيٽ تي اپلوڊ ڪري فورم تي لڳائين جنهن لاءِ هوئن ته ڪيتريون ئي سائيٽس موجود آهي پر تصويرن کي مفت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ www.imageshack.us هڪ بهترين سائيٽ آهي جڏهن ته باقي فائيلز لاءِ کي اپلوڊ ڪري URL وصول ڪرڻ لاءِ www.fileden.com بهترين سائيٽ آهي۔۔۔ وڌيڪ سائيٽس لاءِ اميد آهي ته توهان کي ادا ڦلپوٽو ضرور آگاهه ڪندو۔۔۔ باقي تصويرن کي اميج ڪوڊ سان اپلوڊ ڪرڻ ته توهان هوئن ئي ڄاڻندا هوندا ۔۔۔۔ جي ڪا وڌيڪ الجهن هجي ته هتي ڪلڪ ڪري هڪ دفعو ٻيهر معلوم ڪري وٺو۔۔۔
ادا رشيد اهڙي نواڻ کان مطلع ڪري دوستن کي مزيد پريشاني کان بچائي ڇڏيوَ۔۔۔۔۔ مهرباني ادا اميد ته دوست اوهان جي ڳالهين تي عمل پيرا رهندا۔۔۔۔۔۔۔
السلام عليڪم ادا رشيد تمام بهترين خيال آهي توهان جو مان توهان سان متفق آهيان ته سائيٽ کي بند ٿيڻ نه گهرجي باقي جيڪي اٽيچمينٽ آهن انهن کي ڪنهن فولڊر ۾ منتقل ڪري پو۽ ئي سائيٽ کي اپ ڊيٽ ڪجي ان نموني سان ڪافي فائدو ٿيندو هڪ ته فورم اپ ڊيٽ ٿئي ويندي ۽ دوست به ٻين فورمن تي فائيل اپ لوڊ ڪرڻ سکي ويندا ۽ جيڪا سنڌ سلامت فورم جي سائيز آهي ان ۾ به ڪافي بچت ٿيندي . تمام بهترين آئيڊيا آهي ان تي تمام جلد عمل ٿيڻ گهرجي باقي فائيل اپلوڊ ڪرڻ لا۽ ته ڪافي سائيٽس آهن پر جنهن سائيٽ تي مان فائيل اپلوڊ ڪندو آهيان ان جو يوآر ايل سنگت سان شيئر ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته سنگت ان مان لاڀ حاصل ڪندي http://photobucket.com/ سدائين گڏ
سائين اطلاع ڏيڻ لاء اوهان جي مهرباني اسان به ٿوري ڪوشش ڪري ٻيئ هنڌ اپلوڊ ڪرڻ سکون پيا ليڪن انجو منهنجي خيال ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ نقص نظر ايندو آهي جو سائيٽس اپڊيٽ ٿيڻ وقت اسان وارا ڏنل لنڪ غائب ٿي ويندا آهن اهوئ سبب آهي جو فورم تي ڪافي ٿريڊ آهن جن ۾ تصويرون غائب آهن بهرحال مجبوري ۾ سڀ ڪجهه قبول آهي سائين رشيد سهڻي جو هر ڪم اسان جي ئي فائدي لاء ته هوندو آهي ان ڪري اسان سائين سان هر ڳالهه ۾ متفق آهيون پر سائين کي اپيل آهي ته ڪم کي ٻنهي هٿن سان کنيو اچن ته سنگت تي سندن احسان ٿيندو۔
اصل ۾ مفت ۾ ڪابه سائيٽ فائيلز اپلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيندي آهي ۔۔۔ ها البته جيڪڏهن توهان ان سائيٽ تي رجسٽريشن ڪرائي فائيلز رکندو ته ان سائيٽ تي فائيل رهڻ جي عمر وڌندي۔۔۔ ان سلسلي ۾ ادا ڦلپوٽو فقير جي آندل لنڪ ڪارآمد ٿي لڳي۔۔۔۔
مان ڦوٽا اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ اميج شيڪ استعمال ڪندو آهيان ۽ فائلن لاءِ فائل ڊن استعمال ڪندو آهيان. پر ڪجهه ڏينهن کان مون سان هڪڙو مسئلو در پيش آهي ته فائل ڊن تي جيڪي فائل آئون ون رار جي صورت ۾ اپ لوڊ ڪندو آهيان، انهن جا لنڪ مون وٽ ڪم نٿا ڪن ۽ منهنجو گهڻو ڊيٽا ون رار جي صورت ۾ اپ لوڊ ٿيل آهي. انهيءَ جو حل ڪنهن دوست وٽ هجي ته مهرباني ڪري....
ادا توهان فوٽوبڪيٽ تي فائيل اپ لوڊ ڪندا ڪريو مون کي اميد ته اها ئي آهي ته ان ۾ توهان سان ڪو مسئلو پيش نه ايندو وڌيڪ وڏو آهين ادا سدائين گڏ