ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري جو افتتاح

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري جو افتتاح

    رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

    سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو پاران 4 فيبروري تي سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ قائم ڪيل شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو ويو. ان موقعي تي بارش جي باوجود به هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ لائبريري جي افتتاح سان گڏ فقير هدايت علي نجفي تارڪ جي صوفياڻي ڪلام تي مشتمل ڪتاب جي مهورت به ٿي. هي ڪتاب ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ٿيسز تي مشتمل آهي. پروگرام جي شروعات ناليواري اديب ۽ ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي وفات تي ٻن منٽن جي خاموشي ۽ سندس لاء مغفرت جي دعا ڪئي وئي.

    محترمه سسئي پليجو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سچل ڳوٺ جي ماڻهن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي لائبريري سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي باشعور سنڌي عوام لاءِ جمهوري حڪومت جو تحفو آهي. ان موقعي تي پاڻ لائبريري ۾ هڪ آڊيٽوريم قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ان کي ناليواري شاعر تاجل بيوس جي نالي سان منسوب ڪيو ۽ مرڪزي ريڊنگ هال کي شمشير الحيدري جي نانء ڪيو. سسئي پليجو چيو ته نامناسب حالتن هوندي به ثقافت کاتي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته سچل ڳوٺ جي نوجوانن کي گهرجي ته هو هن لائبريري مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي نصابي سرگرمين سان گڏ ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪندي سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ کان با خبر رهن. محترمه سسئي پليجو اها اميد ڏيکاري ته سچل ڳوٺ ڪراچي جي ٻين سنڌي وسندين جي رهبري ڪندي ڪراچي جي مالڪي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

    ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل پنجن سالن ۾ 160 ڪتاب ڇپايا آهن ۽ اڃان 40 ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. هن ٻڌايو ته پنج سال اڳ صرف 12 لائبريريون هيون جڏهن ته هاڻي انهن جو تعداد 22 آهي جڏهن ته اسان اڃان به ان ڪوشش ۾ آهيون ته اهو تعداد 42 تائين پهچي. هن ٻڌايو ته اسان ڪلچرل ڪمپليڪس ۽ هاڻي سنڌي ڪلچرل هيريٽيج جو سنگ بنياد وجهي رهيا آهيون. هن چيو ته سچل ڳوٺ جو عوام جَسُ لهي جنهن پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪندي لائبريري جي تڪميل ۾ هر ممڪن ساٿ ڏنو.

    ان موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ پ پ پ اڳواڻ تاج محمد وساڻ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيا جن سچل ڳوٺ لاء شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري کي با عمل بڻايو. هن چيو ته سچل ڳوٺ باشعور ماڻهن تي مشتمل نج سنڌي ماڻهن جي وسندي آهي ۽ هتان جا نوجوان لائبريري مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري چٽاڀيٽي جي هن دور ۾ پاڻ مڃرائيندا.
    ناليواري موسيقار ۽ اديب بيدل مسرور چيو ته سندس خوشي جي انتها ناهي جو اڄ ڪراچي جي سنڌين کي پنهنجي لائبريري جي مالڪي ملي آهي. هن چيو ته لياقت نيشنل لائبريري کانپوءِ هيءَ ڪراچيءَ جي سڀ کان وڏي لائبريري آهي. هن صلاح ڏني ته هتي ڪراچي جي سنڌي شاعرن لاء ڪارنر جوڙي انهن جي ادبي ڪم کي محفوظ ڪيو وڃي.
    محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو ته هي لائبريري ڪراچي يونيورسٽي جي ويجهو هجڻ ڪري سنڌي شاگردن لاءِ گهڻي فائديمند رهندي. هن ثقافت کاتي جا ٿورا مڃيندي چيو ته ثقافت کاتي جي اشاعتي ڪم تي کين جس هجي جو ٿوري وقت ۾ ايترا ڪتاب ڇپايا اٿن. هن فقير هدايت علي نجفي جي ڪتاب ۽ شاعريءَ تي مختصر روشني وڌي.

    پروگرام جي ڪاروائي ڊي جي ڪلچر محمد علي مانجهي هلائي ۽ هن ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي تي روشني پڻ وڌي. هن پروگرام ۾ سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن، نوجوانن، استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ايئن سچل ڳوٺ جي ماڻهن جو هڪ علمي ۽ ادبي خواب پورو ٿيو ۽ هي تقريب پڄاڻي تي پهتي.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سچل ڳوٺ وارن کي مبارڪون
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]



    وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سڀني سنڌين کي لکين مبارڪون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا سليمان وساڻ صاحب سچل ڳوٺ سان منهنجون ڪئين نه وسرندڙ يادون وابسته آهن جيڪي مون پنهنجي ساروڻين واري ڪتاب ۾ تحرير ڪيون آهن، ادا وساڻ صاحب مون ڪراچي جا شروعاتي ڏينهن به سچل ڳوٺ ۾ ئي گذاريه آهن، انهن ڏينهن ۾ سچل ڳوٺ ۾ ايتريون سهولتون ڪو نه هيون جيڪي هاڻي آهن، انهن ڏينهن ۾ سچل ڳوٺ ۾ هڪ ننڍي لائبريري ( وفائي لائبريري ) هوندي هئي جت ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو هو، پر ماشاءالله سان هاڻ ته سچل ڳوٺ ڪراچي۾ شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري جو پڻ اضافو ٿئي ويو آهي جنهن جي رپورٽ توهان تمام سهڻي نموني پيش ڪئي آهي.جيڪا پڻ تعريف لائق آهي.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو