سنڌ ۾ تعليم ۽ ٻين کاتن ۾ نوان ڀرتي ٿيل هزارين ملازم غير قانوني قرار، پگهارون بند

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Muhammad Muslim Jokhio طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2013۔

  1. Muhammad Muslim Jokhio

    Muhammad Muslim Jokhio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 نومبر 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    36
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    صوبائي ناڻي کاتي تعليم کاتي ۽ ٻين صوبائي کاتن ۾ منظور ٿيل جاين کان وڌيڪ قاعدن جي خلاف ڀرتي ٿيل نون ملازمن کي پگهارون جاري نه ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل انهيءَ نوٽيفڪيشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم کاتي جي ڪامورن پاران ڪراچي، جيڪب آباد، ٺٽي ۽ ٻين ضلعن ۾ قاعدن جي خلاف ڀرتي ڪيل اٽڪل 5 هزار واڌو ملازم متاثر ٿيندا. صوبائي ناڻي کاتي جي ذميوار ذريعن موجب صوبائي ناڻي کاتي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري صوبي جي سڀني ٽريزيري آفيسن ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي هدايتون ڏنيون آهن ته ناڻي کاتي جي انتظاميا کي مختلف ضلعن جي ٽريزيزي آفيسرن کان لکت ۾ شڪايتون مليون آهن ته مختلف صوبائي کاتن جي انتظاميا اهڙن نون ڀرتي ٿيل ملازمن جي پگهارن جا بل پڻ منظور ڪرڻ لاءِ تريزري آفيسن کي اماڻيا آهن جيڪي ملازم بجيٽ ۽ خالي عهدا موجود نه هجڻ جي باوجود واڌو ڀرتي ڪيا ويا آهن ان ڪري ٽريزري انتظاميا لاءِ مسئلو ٿي پيو آهي ته ڀرتي ٿيل اهڙن هزارين واڌو ملازمن جي پگهارون جي ادائيگي جي ڪهڙي مد مان منظوري ڏي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو