ڀائڙا ڪليم ! اوهانجي صلاح تمام سهڻي آهي، ائين ممڪن به آهي ۽ ان موضوع تي اڳ به بحث ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ڪجهه دوستن چاٽ روم نه رکڻ جون به صلاحون ڏنيون هيون ته جيئن فورم جو حسن برقرار رکي سگهجي ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلو جاري رهي ۔۔۔ ٻين ڪجهه دوستن ان جي حمايت ڪئي هئي ته جيئن سنگت پاڻ ۾ چاٽ ڪري سگهي ۔۔۔
آخر ۾ محترم رشيد صاحب انجو حل ڪڍيو ته مٿي ڪچهري ڪرڻ جو آپشن رکيو آهي ۔۔۔ جنهن تحت اوهين پنهنجن دوستن کي شامل ڪري هڪ ٻئي کي نياپا موڪلي سگهو ٿا ۽ چاٽ واري انداز ۾ اوهانکي بروقت اطلاع به ايندا رهندا ۔۔ اوهان جيترا به چاهيو ان ڪچهري ۾ دوستن کي شامل ڪري سگهو ٿا ۔۔۔ ۽ وڌيڪ پيج جي مٿان حاضر دوست به ظاهر ٿين ٿا ۔۔۔ اوهان حاضر دوستن کي پنهنجو پيغام جلد از جلد موڪلي سگهو ٿا ۔۔۔
اوهان ان باڪس کي ڪلڪ ڪريو، انکانپو ڪچهري تي ڪل ڪريو ۽ پو کٻي هٿ کان هڪ باڪس هوندو ” نئين ڪچهري جي شروعات ڪريو“ ان ۾ پنهنجي پسند جا 5 دوست شامل ڪريو ۽ ڪچهري شروع ڪريو ۔۔۔۔۔
مطلب ته سنڌ سلامت تي سڀ سهولتون موجود آهن ۔۔۔ پر فيسبڪ تي جيئن ته تمام گهڻا ماڻهون آنلائين رهنٿا ۽ سنڌ سلامت تي ايترو تعداد اڃان ناهي، ٻي ڳالهه ته هي فورم آهي جتي دوست پنهنجو علمي پورهيو به پيش ڪنٿا ۔۔۔ انڪري آنلائين ڪچهري جو وقت نٿو ملي ۔۔۔
اميد ته اوهان پنهنجين ڪچهرين جي شروعات ڪري ضرور ڏسندا ۔۔۔ ان لا اوهانکي پنهنجن دوستن جو هلڪو هجي ۽ انهنجا صحيح نالا به ياد هجن، اميد ته ڳالهه سمجهي ويا هوندا۔
لک قرب