قابلِ غور... اڄ جي دور جي اهم ڳالهه ______________________________ پروفيسر پنهنجي ليڪچر جي آغاز ڪرڻ کان اڳ هڪ گلاس هٿ ۾ کنيو ۽ تمام ويٺلن کان سوال ڪيو ٻڌايو ته هن گلاس جو وزن ڪيترو ٿي سگهي ٿو..؟ ڪنهن چيو 50 گرام ڪنهن چيو 100 گرام 125 گرام به ٿي سگهي ٿو.. هر ڇوڪرو پنهنجي اندازي مطابق جواب ڏيڻ لڳو. پروفيسر مسڪرائيندي چيو : ”سچ ٻڌايان ته مون کي پاڻ ان جي صحيح وزن جي خبر ناهي، جيستائين ان کي توريو نه وڃي“.. پروفيسر جملي کي اڳتي وڌائيندي چيو: ”اڇا.. اگر مان ان گلاس کي ٿوري دير پنهنجي هٿن ۾ کڻي بيهان ته ڇا ٿيندو؟..“ تمام شاگردن وراڻيو: ”سائين ڪجهه دير کڻي بيهڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو“ ”ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن مان مسلسل ان گلاس کي ساڳئي پوزيشن ۾ هڪ ڪلاڪ تائين کڻي بيهان ته..؟ “ شاگردن چيو : ”سائين پوءِ ظاهر آهي اوهان جي هٿ ۾ سور پوڻ شروع ٿيندو..“ پروفيسر: ”هاڻي اهو ٻڌايو جيڪڏهن ساڳئي طرح مان گلاس کي سڄو ڏينهن هٿ ۾ کڻي ساڳئي پوزيشن ۾ بيٺل رهان ته ..؟؟“ ”سائين توهان جو بازو سن ٿي سگهي ٿو“ ”سائين اوهان جي رڳ ٿڙي سگهي ٿي..!“ ”سائين اوهان تي فالج جو حملو به ٿي سگهي ٿو“ هڪڙي شاگرد گفتو هڻي ورتو ”سائين ڪجهه به ٿئي پر پوءِ اوهان کي گلاس جي چڪر ۾ اسپتال وڃڻو پوندو“ شاگرد جي ان جملي تي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.. پروفيسر به مسڪرائي ڏنو ۽ شاگرد جي جملي کي دل تي نه کنيائين.. ”تمام سٺو..! ڀلا .. ان سڄي ڏينهن ۾ گلاس جو وزن تبديل ٿيو.؟ “ سڀني شاگردن چيو : ” نه سائين.. وزن وري ڪيئن تبديل ٿيندو.؟“ پروفيسر: ” ته پوءِ ٻانهن ۾ درد ۽ رڳ ٿڙڻ جو سبب ڇا هيو“ سڀئي شاگرد چڪرائجي ويا.. هڪ هوشيار شاگرد چيو: ”سائين سبب ته اهو ئي گلاس هو، ان کي هيٺ رکي ڇڏجي..“ پروفيسر: ” ڪريڪٽ... اسان جي زندگيءَ جا مسائل به ڪجهه اهڙيءَ طرح جا ٿين ٿا، انهن کي ٿوري دير دماغ تي سوار ڪندو ته ٺيڪ آهي پر.. پر جيڪڏهن اوهان انهن کي سمورو ڏينهن سمورو وقت پنهنجي دماغ تي سوار رکندو، اهي مسئلا مٿي جو سور بڻجي ويندا، نيٺ اوهان بيمار ٿي ويندو، سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿيندي ويندي، پر مسئلو ساڳئي جو ساڳيو هوندو.“ پنهنجي زندگيءَ جي چيلنجز جي باري ۾ سوچڻ يقيني طور تي اهميت رکي ٿو، پر اوهان انهن مسئلن کي ڏينهن جي اختتام تي پنهنجي ذهن تان هٽائي پوءِ سمهو، اهڙي طرح اوهان ڪنهن به ذهني بيماري جا شڪار نه ٿيندو، صبح جو اٿندو ته هشاش بشاش ۽ ٺيڪ ٺاڪ ٿي اٿندو.. ان ساڳئي گلاس جي وانگر اوهان پنهنجي سوچن کي به دماغ تان هيٺ لاهڻ ياد رکو ته مسئلا حل....
ڪيترن ڏينهن کانپو مست پاران تمام سٺو ۽ نصيحت آموز ليک پڙهي دل باغ بهار ٿي پئي ۔۔۔ مست سنڌ سلامت جو اهو دوست آهي جو جڏهن لکندو هو ته درياهه وهي پوندو هو، سنڌ سلامت تي ٻوڏ اچي ويندي هئي ۔۔۔ پر وقت جا رنگ، ڪجهه ضرورتون ڪجهه مجبوريون ۽ ڪجهه سستيون ملي جلي مست کي چوڏهين جو چنڊ وري به چوڏهين تي ضرور اڀرندو آهي پر هي دوست ڪيتريون چوڏهيون گذاري ويندو آهي ۔۔۔ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ جڙيا رهو هميشه ۔۔۔۔ سڀ پريشانيون ويهاڻي هيٺان دٻائي ننڊ ڪريو ۔۔۔ آمين